عامر خان جي اڳوڻين زالن جون گڏ تصويرون، وائرل ٿي ويون

عامر خان جي اڳوڻين زالن جون گڏ تصويرون، وائرل ٿي ويون

ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي ناليواري اداڪار عامر خان جي ٻنهي اڳوڻين زالن جي گڏجي عيد ملهائڻ جون تصويرون سامهون آيون آهن. فلمساز ڪرن راؤ پنهنجي اڳوڻي مڙس عامر خان جي خاندان سان عيد ملهائيندي تصويرون انسٽاگرام تي شيئر ڪيون. انهن تصويرن ۾ عامر جي اڳوڻي زال رينا دتہ سان گڏ هڪ سيلفي به شامل هئي، جيڪا سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي رهي آهي ۽ صارفين جي ڌيان جو مرڪز بڻجي وئي آهي. ڪرڻ راؤ جي پوسٽ ۾ پهرين تصوير ۾ عامر خان جي والده زينت حسين نظر اچي رهي آهي. ان کانپوءِ ڪرڻ، رينا دت ۽ عامر خان جي ڀينرن نکهت هيگڙي ۽ فرحت دتا سان گڏ تصويرون شيئر ڪيون، البته عامر خان انهن تصويرن ۾ موجود نه هو. ڪرن راؤ ڪيپشن ۾ لکيو “امي وٽ عيد! جيڪي سڀ کان بهترين ۽ سڀ کان خوبصورت ميزبان آهن. اسان اميد ۽ دعا ڪريون ٿا ته هي سال اسان سڀني لاءِ امن ۽ خوشي آڻي.” سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن ڪرڻ راؤ ۽ سندس خاندان کي عيد جون واڌايون ڏيندي نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو. ڪجهه صارفين عامر خان جي ٻنهي اڳوڻين زالين کي گڏ ڏسي حيرانگي جو اظهار ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو