عاليه حمزه گرفتار، نامعلوم هنڌ منتقل

عاليه حمزه گرفتار، نامعلوم هنڌ منتقل

لاهور: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) پنجاب جي چيف آرگنائيزر عاليه حمزه کي صوبائي گادي واري هنڌ لاهور مان گرفتار ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب عاليه حمزه کي لاهور ۾ سندس رهائشگاهه تان گرفتار ڪيو ويو. عاليه حمزه پنهنجي خاندان سان ملڻ لاءِ لاهور آئي هئي جڏهن پوليس کيس حراست ۾ ورتو.گرفتاري کان پوءِ عاليه حمزه کي نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي، پر اختيارين طرفان اڃا تائين ان حوالي سان ڪو به سرڪاري بيان نه ڏنو ويو آهي.ياد رهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻ عاليه حمزه کي 9 مئي تي مختلف ڪيسن ۾ سزا ٻڌائي وئي هئي. عاليه حمزه کي 9 مئي تي مختلف ڪيسن ۾ 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو