ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) عالمي ۽ مقامي سطح تي سوني توڙي چاندي جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي وئي آهي.آل پاڪستان صرافه جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، 24 قيراط في تولو سون 1 هزار رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 31 هزار 236 رپين تي اچي ويو آهي، اهڙي طرح 10 گرام سون 730 رپيا سستو ٿي 3 لک 69 هزار 715 رپين جي سطح تي پهچي ويو آهي. اهڙي طرح 24 قيراط في تولو چاندي جو اگهه 271 رپيا گهٽجي 6 هزار 393 رپيا ٿي ويو آهي. ٻئي طرف، انٽرنيشنل مارڪيٽ ۾ به في اونس سون 10 ڊالر ڪرندڙ (گهٽجڻ) کانپوءِ 4088 ڊالر جو ٿي ويو آهي.










