اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان غير وابسته تحريڪ جي 19هين سربراهي اجلاس ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته عالمي چئلينجن تي اثرائتي عالمي سهڪار سان ئي ضابطو آڻي سگهجي ٿو.پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب يوگنڊا جي شهر ڪمپالا ۾ ٿيندڙ غير وابسته تحريڪ جي 19هين سربراهي اجلاس ۾ ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري سيد حيدر شاهه پاڪستان جو موقف پيش ڪيو. پرڏيهي کاتي جي ترجمان ٻڌايو ته پاڪستان غير وابسته تحريڪ سان پختي عزم جو اظهار ڪيو ۽ غير وابسته تحريڪ جي باني اصولن، امن ۽ سهڪار لاءِ مسلسل حمايت جو به اظهار ڪيو. ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري اجلاس ۾ چيو ته عالمي چئلينجن تي اثرائتي عالمي سهڪار سان ئي ضابطو آڻي سگهجي ٿو، پائيدار سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ سڌارا ضروري آهن، ترقي پذير ملڪن ۾ ماليات، واپار ۽ ٽيڪنالاجي جا سڌارا ضروري آهن. هن چيو ته ڪشمير مسئلو سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن موجب حل ٿيڻ گهرجي، ڪشمير مسئلي کي ڪشميرين جي خواهشن موجب جلد حل ٿيڻ گهرجي.










