ميهڙ(غلام حسين پنھور)اڳوڻي ايم اين اي ڊاڪٽر طلعت اقبال مهيسر جي وزيراعلي سنڌ جي اڳيان پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ملتوي ڪيو ويو آهي. هو ڪراچي ۾ فريال ٽالپر ۽ بلاول سان ملاقات بعد شامل ٿيڻ جو اعلان ڪندو. پ پ ضلع دادو جي صدر رفيق احمد جمالي جي رهائشگاه تي وڏو وزير سيد مراد علي شاهه پهتو جتي طلعت مهيسر کي شامل ٿيڻ جو اعلان ڪرڻو هو پر عين وقت تي نامعلوم سبب ڪري اهو اعلان ملتوي ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته طلعت مهيسر ايندڙ چونڊن ۾ ٽڪيٽ جو شرط رکيو جنهن جي واضح خاطري نه ڪرائڻ سبب اعلان ملتوي ٿيو. ضلعي صدر رفيق احمد جمالي ۽ ايم پي اي عبدالعزيز جوڻيجو ٻڌايو ته مرڪزي قيادت ضلعي ۽ تعلقي ڪي اين شاهه جي قيادت کي ڪراچي طلب ڪيو آهي. طلعت مهيسر اڳ ۾ پي پي ٽڪيٽ تي ايم اين اي چونڊيو هو پر بعد ۾ ٽڪيٽ نه ملڻ تي ناراض هو.










