ملير (شهزادو مستوئي) کنڀي گم ڪيل قومپرست اڳواڻ مسعود شاهه جي گهر تي گذريل رات ٻه وڳي سيڪورٽي فورسز وري چڙهائي ڪري سنڌ هاءِ ڪورٽ مان ضمانت تي آزاد ٿيل سندس ٽن ڀائرن کي کنڀي ويون. جيئي سنڌ تحريڪ جي اڳواڻ مسعود شاهه جا ٽي ڀائر منظور شاهه جنيد شاھ ۽ عبدالغفار شاھ کنڀي گم ڪيو ويو. پارٽي اڳواڻن ۽ گهر ڀاتين بنا جواز نوجوانن کي کنڀي گم ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. ياد رهي ته ڪجهه مهينا اڳ جيئي سنڌ تحريڪ جي ڪارڪنن کنڀي گم ڪيل قومپرست اڳواڻ مسعود شاهه جي آزادي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويو. جهن کانپوءِ رينجرس ۽ پوليس گهرن تي چڙهائي ڪري 11 قومپرست ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ بعد ملير جي سکن ٿاڻي تي سندن گرفتاري ظاهر ڪندي ملڪ خلاف بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي جيئي سنڌ تحريڪ تعلقي لانڍي جي اڳواڻ عثمان گاڏهي ۽ مسعود شاهه جي ڀاءُ علي شاهه سندس ٽنهي ڀائرن جي رينجرس هٿان گرفتاري جي تصديق ڪندي چيو آهي ته پنهنجي پيارن جي آزادي لاءِ آواز اٿارڻ جي ڏوھ ۾ انتقامي ڪارروائيون ڪيون پيون وڃن .هنن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ جيڪڏهن پنهنجي پيارن جي آزادي لاءِ آواز اٿارڻ ڏوهه آهي اسان بار بار ڪندا رهنداسين. علي شاهه چيوته ڀائرن جي گرفتاري کانپوءِ منهنجي جان کي خطرو آهي ۽ نامعلوم نمبرن تان کيس ڌمڪيون ملي رهيون آهن. هن چيو ته جيڪڏهن مونکي ڪجهه به ٿيو ته ان جا ذميوار رياستي ادارا هوندا. هن چيو ته رياستي ادارا سنڌ هاءِ ڪورٽ جو به اهترام نٿا ڪن اسين وڪيلن سان مشوري بعد توهين عدالت جو ڪيس داخل ڪنداسين.










