ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي آمريڪا ۾ سفير عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته هو ڪشمير جو تڪرار نبيرڻ ۾ ڪردار ادا ڪن ڇو ته پاڪستان ۽ ڀارت ۾ دشمني جو هي “مرڪزي مسئلو” آهي. 22 اپريل تي پهلگام ۾ ٿيل حملي ۾ 26 ماڻهو، جن مان گهڻا سياح هئا، مارجي ويا هئا. ڀارت بنا ڪنهن ثبوت جي سرحد پار لاڳاپن جو اشارو ڏنو، جڏهن ته پاڪستان هن دعويٰ کي رد ڪندي غير جانبدار جاچ جو مطالبو ڪيو هو. جنهن بعد ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي، جتي پاڪستان امڪاني حملي جي خطري جي پيش نظر پنهنجون فوجي تياريون وڌائي ڇڏيون ۽ ڀارت جي وزيراعظم پنهنجي فوج کي “عملياتي آزادي” ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان تي حملي جو وقت ۽ تارگيٽ ڀارتي فوج طئي ڪري. ان سان گڏوگڏ سفارتي رابطا تڪرار کي روڪڻ لاءِ جاري آهن. پاڪستان جي آمريڪا ۾ سفير رضوان سعيد شيخ، فاڪس نيوز ڊجيٽل کي انٽرويو ڏيندي چيو ته، “اهو صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ورثي جو اهم حصو ٿي سگهي ٿو ته هو هن صورتحال کي صرف عارضي علاج بجاءِ بنيادي مسئلي، يعني ڪشمير تڪرار کي ختم ڪرائي. هن وڌيڪ چيو ته: “هي هڪ ايٽمي فليش پوائنٽ آهي”. شيخ پنهنجي بيان ۾ صدر ٽرمپ کان اپيل جي ورجاءُ ڪئي ته هو ڀارت سان وڌندڙ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ به ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته “پوري دنيا ۾ امن ڪرائڻ جي ڳالهه ڪندڙ صدر ٽرمپ لاءِ ڪشمير کان وڌيڪ ڪو وڏو يا خطري وارو تڪرار ناهي.” صدر ٽرمپ پنهنجي افتتاحي تقرير ۾ به چيو هو ته، “منهنجي فخر جو ورثو هڪ امن پسند ۽ اتحاد آڻيندڙ طور هوندو.” اسرائيل ۽ حماس جي وچ ۾ به جنگبندي، جيڪا ٽرمپ جي چونڊ کان پوءِ عمل ۾ آئي ۽ ٽرمپ يوڪرائين ۽ روس واري جنگ ختم ڪرائڻ لاءِ به ڪوششون ڪري رهيو آهي. انٽرويو دوران شيخ عالمي برادري کي ڪشمير مسئلي جي مستقل حل لاءِ مدد ڏيڻ جي اپيل ڪئي. هن چيو: “گذريل وقتن ۾ جڏهن به صورتحال ڇڪتاڻ جو شڪار ٿي هئي، عالمي برادري توجهه ڏني، پر مسئلو مڪمل طور حل ٿيڻ کان اڳ ئي ڌيان هٽائي ڇڏيو.” هن خبردار ڪيو ته، “ڪو به غلط قدم يا اندازو ايٽمي جنگ جو سبب بڻجي سگهي ٿو، جيڪو اهڙي گهاٽي آبادي واري علائقي ۾ ڪنهن جي به خواهش نٿي ٿي سگهي.” هن چيو ته پاڪستان پرامن پاڙيسري ماحول چاهي ٿو، پر امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. “اسان عزت ڀريو امن چاهيون ٿا۔” شيخ، ڀارت جي پهلگام حملي بابت بيان کي جذباتي ۽ اڳواٽ الزام تي ٻڌل قرار ڏنو. هن وزيراعظم شهباز شريف جي غيرجانبدار ۽ شفاف جاچ جي آڇ ورجائي ۽ چيو ته پاڪستان جي جاچ جي آڇ ۽ ثبوت فراهم ڪرڻ جي درخواست جو جواب نه ڏنو ويو آهي. سفير چيو ته “حملي جي چند منٽن اندر ڀارت پاڪستان تي الزام لڳائڻ شروع ڪيو، ۽ صرف 10 منٽن اندر ابتدائي جاچ رپورٽ جاري ڪئي وئي، جيتوڻيڪ علائقو ڏورانهون ۽ پهاڙي آهي.” هن خبردار ڪيو ته علائقو هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارتي حڪومت ۽ ميڊيا جي “جنگي جنون” جو يرغمال بڻجي رهيو آهي، جن حملي جي فوراً پوءِ جنگي بيانن جا دهل وڄائڻ شروع ڪيا. هن ڀارت جي بلاواسطه الزام تي تنقيد ڪئي ۽ چيو ته جيتوڻيڪ ڀارت سرڪاري طور تي پاڪستان جو نالو ناهي کنيو. شيخ چيو ته شڪي جوابدارن جا واسطا ڀارت سان ئي آهن، ۽ سندن گهرن تي ڇاپا به هنيا ويا آهن. هن پڇاڻو ڪيو ته ڀارت پنهنجي قبضي هيٺ ڪشمير ۾ انتظامي ناڪامين کي سنڀالڻ بجاءِ ڇو ٻاهرين ملڪ ڏانهن آڱريون کڻي رهيو آهي. هن ڀارت جي ڪشمير بابت پاليسين، خاص ڪري غير رهاڪن کي اتي آباد ڪرڻ جي دعوائن تي به سخت تنقيد ڪئي. شيخ چيو ته ڀارت پاران انڊس واٽرز ٽريٽي کي هڪطرفي طور معطل ڪرڻ جو فيصلو “انتهائي غيرقانوني” آهي، ڇاڪاڻ ته هي معاهدي جنگن جي باوجود به برقرار رهيو هو. قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو هو ته پاڪستان ڀارت جي خط بابت پنهنجو حتمي جواب لاڳاپيل وزارتن سان مشاورت بعد ڏيندو، جن ۾ پرڏيهي، پاڻي وسيلا ۽ قانون واري وزارت شامل آهن.
پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جا رابطا
ان کان علاوه، ڊپٽي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار يوناني پرڏيهي وزير جورج گياريپيٽريس ۽ سوئس پرڏيهي وزير اگناسيو ڪاسس سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. پرڏيهي کاتي موجب، ڊار ٻنهي وزيرن کي علائقائي صورتحال بابت آگاهي ڏيندي ڀارت جي “بي بنياد الزامن” کي رد ڪيو. هن ڀارت جي هڪطرفي قدم، خاص طور تي انڊس واٽرز ٽريٽي جي معطلي جي مذمت ڪئي، ۽ پهلگام حملي تي غيرجانبدار بين الاقوامي جاچ جو مطالبو ورجايو. يوناني وزير زور ڏنو ته ڇڪتاڻ کي روڪڻ لاءِ بردباري ضروري آهي ۽ پاڪستان جي غيرجانبدار جاچ جي تجويز کي ڀليڪار ڪيو. سوئس وزير سان ڳالهه ٻولهه دوران به ڊار ڀارت جي “اشتعال انگيز حرڪتن” ۽ انڊس واٽر ٽريٽي کي معطل ڪرڻ جي فيصلي بابت آگاهي ڏني. پرڏيهي کاتي مطابق، سوئس وزير پاڪستان جي امن جي عزم کي ساراهيو، ۽ تجويز ڏني ته سوئٽزرلينڊ پنهنجو اثرورسوخ استعمال ڪندي هڪ غيرجانبدار جاچ لاءِ مناسب طريقيڪار جي سهولت فراهم ڪري سگهي ٿو.










