ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر فاروق ستار چيو آهي ته هن صدارتي چونڊن ۾ آصف زرداري جي غير مشروط حمايت ڪئي آهي.هڪ بيان ۾ فاروق ستار چيو ته مفاهمتي ياداشت جي قانوني حيثيت نه ٿي سگهي، رڳو اخلاقي حيثيت آهي.هن چيو ته وزيراعظم جي عهدي لاءِ شهباز شريف جي غير مشروط حمايت ڪئي ۽ آصف زرداري جي به غير مشروط حمايت ڪئي.










