صحافين جي رعايتي طبي چڪاس لاءِ ايڪسل ليب سان معاهدو

صحافين جي رعايتي طبي چڪاس لاءِ ايڪسل ليب سان معاهدو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نيشنل پريس ڪلب ۽ ايڪسل ليب وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون آهن. نيشنل پريس ڪلب (اين پي سي) طرفان صدر عبدالرزاق سيال ۽ سيڪريٽري ڊاڪٽر فرقان رائو، جڏهن ته ايڪسل ليب طرفان هيڊ آف ڪارپوريٽ سيلز ڪمال خان آفريدي ۽ طارق احمد اقتدار معاهدي تي صحيحون ڪيون.
معاهدي تحت نيشنل پريس ڪلب جي ميمبرن، اسٽاف ۽ انهن جي خاندانن کي ايڪسل ليب جي مختلف طبي سهولتن ۽ ٽيسٽن تي خاص رعايت حاصل هوندي. ميمبر رعايت حاصل ڪرڻ لاءِ نيشنل پريس ڪلب جو ڪارڊ ڏيکاري سگهن ٿا يا ڪلب کان تصديقي خط حاصل ڪري ايڪسل ليب ۾ جمع ڪرائي سگهن ٿا.
ايڪسل ليب پاران صحافين ۽ سندن گهر ڀاتين کي پيٿالاجي جي سمورن ٽيسٽن تي 35 سيڪڙو، ريڊيولاجي تي 25 سيڪڙو، جڏهن ته ڊينٽل سروسز تي پڻ 25 سيڪڙو رعايت ڏني ويندي.
معاهدي جي خاص ڳالهه اها آهي ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ميمبرن کي ڊينٽل سروسز تي پڻ خاص رعايت حاصل ٿيندي.
ان موقعي تي نيشنل پريس ڪلب جي صدر عبدالرزاق سيال چيو ته ميمبرن جي ڀلائي ۽ بهبود لاءِ ڪيل واعدن جي تڪميل جو سلسلو جاري آهي. سٽي ليب کان پوءِ ايڪسل ليب سان پڻ معاهدو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻين ليبارٽريز سان به مفاهمتي يادداشتون ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.
اين پي سي جي سيڪريٽري ڊاڪٽر فرقان رائو چيو ته نئين قيادت پنهنجي منشور ۾ ميمبرن جي ڀلائي، صحت ۽ تعليم بابت جيڪي واعدا ڪيا هئا، انهن تي عملي ڪم جاري آهي. ان سلسلي ۾ اسلام آباد جي وڏين ليبارٽريز سان معاهدن جو سلسلو جاري آهي ۽ امڪان آهي ته ايندڙ هفتي آءِ ڊي سي سان پڻ ايم او يو تي صحيحون ڪيون وينديون.
هن چيو ته انهن معاهدن مان نيشنل پريس ڪلب جا تقريباً 3,350 ميمبر، اسٽاف ۽ انهن جا خاندان، جن ۾ والدين ۽ ٻار پڻ شامل آهن، فائدو حاصل ڪري سگهندا.
ڊاڪٽر فرقان رائو چيو ته بائيو ميٽرڪ نظام، پريس ڪلب جي ڊجيٽلائيزيشن، ميمبرن ۽ انهن جي ٻارن لاءِ صحت جون سهولتون ۽ صحافين جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ تربيتي پروگرامن سميت مختلف منصوبن تي ڪم جاري آهي.
هن چيو ته صحت جي شعبي ۾ ليبارٽريز کان پوءِ اسپتالن سان پڻ معاهدا ڪيا ويندا، جڏهن ته تعليم جي شعبي ۾ پڻ ميمبرن لاءِ سهولتون فراهم ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون وينديون.
هن وڌيڪ چيو ته موجوده قيادت ميمبرن سان ميڊيا ٽائون فيز ٽو، وفاقي هائوسنگ ڪوٽا ۽ ٻين معاملن بابت جيڪي واعدا ڪيا آهن، انهن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون جاري رهنديون.

پهنجو تبصرو موڪليو