خاصخيلي لطيف راولاڻي
ھر سال 27 ڊسمبر تي باقاعده شھيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي ملھائي ويندي آھي پوري ملڪ کان قافلا ڳڙھي خدابخش ڏانھن روانا ٿيندا آھن ۽ اتي ھڪ وڏو پاور شو ڪري نچي ٽپي ڪڏي پنھنجي گھر روانو ٿي ويندو آھي۔ان عظيم ليڊر جيڪا دنياجي مڃيل سياسي اڳواڻ ھئي ۽ دنيا جي مشھورتعليمي اداري آڪسفورڊ يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪري آئي ھئي۔ان جي قتل کي رائيگان ڪيو ويو ۔27 ڊسمبر 2007ع جو اھو ڪارو ڏينھن جنھن ڏينھن تي راولپنڊي جي لياقت باغ جنھن کي خوني باغ به چئي سگھجي ٿو ۔ان ڪري ته اتي سڀ کان پھريائين ملڪ جو پھريون وزيراعظم کي به اھڙي طرح سڌيون گوليون ھڻي قتل ڪيوويو ۔جنھن قاتل کي موقعي تي ئي پڪڙي ماريو ويو ۔اھڙي ريت ملڪ جي سربراه شھيد بينظير کي به نشانووٺي اڳ ۾ ئي سوچيل سمجھيل پلاننگ تحت گوليون ھڻي انتھائي بيدردي سان شھيد ڪيوويو۔۽ قاتل کي به آساني سان ڀڃڻ جو موقعو ڏنو ويوجو اھڙي وڏي جلسي ۾ جتي سخت سيڪيورٽي ھئي ۽ خود بينظير ڀٽو جا ذاتي محافظ به ساڻس گڏ ھئا ۔بلٽ پروف گاڏي انھي ھوندي به قاتل نه گرفتار ٿي سگھيا۔ويتر اڃان جو واقعي کان پوء فوري طورتي رت جا نشان مٽايا ويا ته جئين ڪوبه نشان باقي نه رھي ۔۽ ان کان پوء پوسٽ مارٽم به نه ڪيو ويو ۽ جلد ئي اسپتال مان ھنگامي بنيادن تي ڳڙھي خدابخش روانو ڪيو ويو ۔اھو سڀ ڪجھ ايترو جلدي ٿيو جو ان منظر کي ڳوڙھااکين مان ڪري پون ٿا ۽ ذھن ۾ مختلف سوال اڀرن ٿا ته ايترو جلد ڪئين ٿيو ۔شھيد جي قتل جو فائدو ڪنھن کي ٿيو ۔ھڪ ويڊيو ھر سال ڏيکاري ويندي آھي جو ان ھڪ شخص جيڪو پ پ جو خاص جيالو ھو ھٿ جو اشارو ڪري رھيو آھي جيڪو پڻ ھاڻي ھن دنيا ۾ نه رھيو۔ٻيوشھيد جوخاص محافظ جيڪو واقعي کان پوء گم ڪيو ويو ھو ۔ان کي به ڪافي سالن کان پوء پر اسرار نموني سان بلاول ھاوس کان ٻاھر نڪرندي رستي تي گوليون ھڻي ماريو ويو ۔مطلب ته اھڙي خطرناڪ خفيه پلاننگ جو قتل جا سڀ نشان ختم ڪيا پيا ويا ۔پرپوء به تحقيقات اڌوري رھجي وئي ۔ملڪ جا دانشور تجزيه نگار انھي واقعي کي مختلف طريقن سان بيان ڪندا رھن ٿا ۔ڪن جوخيال ھوته شھيد جي قتل ۾ ڪي ڳجھا ادارا ملوث آھن اھو ان ڪري ته محترمه بينظير ڀٽو پنھنجي دور حڪومت ۾ ھڪ ڪتاب لکيو ھو جنھن تي ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاھر ڳجھا ادارا سخت ناراض ٿيا ھئا۔اھو ڪتاب 2008ع ۾ سنڌي ۾ ترجمو ٿيو ھو ۔پاڪستان طوفان جي گھيري ۾ اھو ڪارڻ ٻڌائين ٿا ۔ڪن وري تحريڪ طالبان تي الزام ھنيو ھو پر تحريڪ طالبان فوري طور تي ھن قتل کان لاتعلقي جو اظھار ڪيو ته اھو ڏوه اسان جي تحريڪ جو ناھي ۔تمام گھڻيون آڱريون ملڪ جي سربره ۽ آرمي چيف پرويز مشرف ڏانھن به کڄڻ شروع ٿيون ۔پر ان به تفصيلي وضاحت ڪئي ته مون محترم کي خبردار ڪيو ھو ته واپس نه اچي ملڪ جون اندروني حالتون ٺيڪ نه آھن توکي ماريو ويندو ۔انھي فوران قتل جي تحقيقات اقوام متحده جي جانچ ثيم کان ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۔اھا جانچ ٽيم به پاڪستان پھتي ۽ انھن تفصيلي جانچ ۾ڪئي مختلف ماڻھن جا سوال قلمبند ڪيا لاڙڪاڻي به ويا ملڪ جي سياسي اڳواڻن جا به بيان ورتا ھر طرفو جانچ ڪئي پر اڄ ڏينھن تائين ڪو به کڙتيل نه نڪري سگھيو ته اھي ڪھڙا ڳجھا ھٿ آھن جيڪي ايشيا جي وڏي سياسي اڳواڻ ٽين دنيا جي خالق شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي لاڏلي ڌئي جنھن کي پيار مان پنڪي پڻ چوندا ھئا ان جي اصلي ۽ حقيقي قاتل اڄ ڏينھن تائين بينقاب نه ٿي سگھيا ۔اقوام متحده جي جانچ ٽيم جي سربراه ھيرالڊ ميونوزم جيڪو شھيد بينظير جو ڪلاس فيلو به رھيو ھو ان به ھڪ وڏي تفصيلي رپورٽ ڪتابي شڪل ۾ جاري ڪئي پر ڪنھن خاص شخص يا اداري کي ڌر نه بڻايو ۔جيڪو ڪتاب بعد ۾ 2014ع ۾ سنڌ جي صحافي ليکڪ بشير احمد ڀٽي سنڌي ۾ ترجمو ڪيو جيڪو ۔بينظير جو قاتل بچي ويو جي نالي سان شايع ٿيو آھي ۔انھي واقعي کي پندرنھن سال ٿي ويا پر اڄ ڏينھن تائين انھي قتل ۾ ڪابه وڌيڪ پيشرفت نه ٿي سگھي اڃان تائين تحقيقات مڪمل نه ٿي سگھي آھي جڏھن جنھن پارٽي جي شھيد محترمه اڳواڻ ھئي ان جي مسلسل حڪومت ايندي رھي آھي ۽ ان جو سربراه ملڪ جو صدر به چونڊيو ويو پر ان ھوندي به ان خون کي لڪايو ويو ۽ ان جو دائرو محدود ڪري صرف ھر سال ورسي تائين محدود ڪيو ويو ته ھر سال صرف ورسي ملھائي ويندي اھا ھڪ ڳجھارت بڻجي وئي آھي ۽ ھاڻي ته عام روايت ٿيندي پئي وڃي ته ڪو به قتل ۽ ڏوه ٿئي ته ان جي تحقيقات اڌوري ئي ھجي مڪمل جانچ نه ڪئي وڃي ۔لڳي ٿو اھي سڀ ادارا شيخ اياز جي ھنن سٽن جي پيروي ڪن ٿا ۔اسين جي مئاسين سفر ۾ او ساٿي ماڻيندا منزل پنھنجا ڍول ڍاٽي ۔اسان پنھنجو رستو سڃاڻي کنيو آ رڳوسچ کي ئي ساڻي کنيو آ انھي ڪرٽ ۾ ڪسي وياسين ڪاتي










