ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ اداڪار سلمان خان گهر ٻاهران فائرنگ جي واقعي کانپوءِ پنهنجي ٽيم کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.ڀارتي ميڊيا موجب 14 اپريل تي صبح 5 وڳي ممبئي ۾ ٻن موٽر سائيڪل سوارن سلمان خان جي گهر ٻاهران فائرنگ ڪئي.ڀارتي ميڊيا موجب ان واقعي کانپوءِ سلمان خان هاڻي شيڊول موجب پنهنجو ڪم ٻيهر شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ هن پنهنجي ٽيم کي هدايت ڪئي آهي ته شيڊيول ۾ ڪا به تبديلي نه ڪئي وڃي.رپورٽن مطابق سلمان خان ان واقعي تي گهڻو ڌيان ڏيڻ به نٿو چاهي.










