واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي ڪانگريس ۾ پاڪستان ڪاڪس جي سربراهه ڪانگريس وومين شيلا جيڪسن لي لاڏاڻو ڪري وئي.ميڊيا رپورٽن موجب شيلا جيڪسن لي 74 سالن جي هئي ۽ هن کي پينڪريٽڪ ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا هئي.هوسٽن کان شيلا جيڪسن ٽيڪساس کان ڊيموڪريٽڪ ڪانگريس جي سڀ کان ڊگهي خدمت ڪندڙ ميمبرن مان هڪ هئي.شيلا جيسڪن پنهنجي سياسي ڪيريئر جي شروعات 1994ع ۾ ڊيموڪريٽ جي حيثيت سان ڪئي، پهرين پرائمري اليڪشن ۾ 4 ڀيرا ڊيموڪريٽ ڪيريگ واشنگٽن کي شڪست ڏني.پاڪستان حڪومت شيلا جيڪسن کي سندس خدمتن جي اعتراف ۾ سيپٽمبر 2022 ۾ هلال پاڪستان جو اعزاز ڏنو.شيلا جيڪسن عوامي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ هوسٽن جي پنهنجي علائقي لاءِ وفاقي فنڊنگ لاءِ وڙهڻ لاءِ پڻ مشهور هئي، 2009 ۾ شهر جي روشني واري نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ 1 بلين ڊالر جي رقم منظور ڪئي وئي.پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڏک جو اظهار ڪيو آهي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آمريڪي ڪانگريس ۾ پاڪستان ڪاڪس جي چيئرپرسن شيلا جيڪسن جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. شيلا جيڪسن جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي ڏک ٿيو آهي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شيلا جيڪسن جي جمهوريت ۽ پاڪستان جي عوام سان وابستگي ڊگهي هئي انساني حقن ۽ عورتن جي حقن جي چيمپيئن شيلا جيڪسن جو ورثو اسان جي رهنمائي ڪندو رهندو دعا آهي ته شيلا جيڪسن کي دائمي زندگي ملي










