ذوالفقار قادري
بلوچ قومي مزاحمتي تحريڪ مير شير محمد مري عرف جنرل شيروف جي ذڪر کان سوا۽ اڌوري ليکي ويندي ٖ بلوچن جي مري قبيلي جي سرداري پڳ مرين جي گزيني پاڙي مان نواب خير بخش مري جي مٿان هئي پر بلوچ هٿياربند جدوجهد ۾ جديد “ گوريلا وار فيئر “ يا بلوچ سرمچارن جو باني مير شير محمد مري عرف جنرل شيروف کي چئجي تہ وڌاءُ نہ ٿيندو ٖ کيس مختلف نالن سان سڏيو ويندو ٖ نواب خير بخش مري ۽ ٻيا کيس “ شيرو مري “ چوندا هئا ٖ بلوڇ قومپرستن ۾ کاٻي ڌر جي لاڙن ۽ روس جي گادي واري هنڌ ماسڪو ۾ وقت گذارڻ ۽ مزاحمتي تحريڪ ۾ جديد “ گوريلا وار فيئر “ جي سرواڻي ڪرڻ سبب ڪامريڊ دوست کيس “ جنرل شيروف “ چوندا هئا ٖ مير شير محمد مري 1920ع ۾ مري قبيلي جي بجاراڻي شاخ جي نهالان زئي پاڙي ۾ پيدا ٿيو هن برطانوي راڄ دوران ئي بغاوت ڪئي کيس سبي جيل ۾ قيد ڪري کانئس جيل جي چڪي هلرائي ويندي هئي ٖ قيام پاڪستان بعد جڏھن قلات اسٽيٽ پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪيو تہ قائد اعظم محمد علي جناح جي حڪم تي پاڪستاني فوج جي چيف آف اسٽاف ميجر جنرل اڪبر خان جي قيادت ۾ فوجي دستن قلات قلعي تي بمباري ڪري خان آف قلات کي گرفتار ڪري کانئنس زبردستي پاڪستان سان الحاق جو اعلان ڪرايو ويو ٖ اهڙي ڪاروائي بعد پرنس عبدالڪريم ۽ سندس ساٿين بغاوت جو اعلان ڪري مزاحمتي ويڙھ شروع ڪئي تہ مير شير محمد مري ان جنگ جو حصو بڻيو ٖ مير شير محمد مري جي والد جو نالو سيدان خان مري هو.هن جو والد سيدان خان قبيلائي تڪرارن سبب بلوچستان ڇڏي افغانستان ۾ رهائش پذير ٿيو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين. شير محمد مري ۽ سندس ڀائر به پنهنجي والد سان گڏ افغانستان ويا، جتان سندن چاچو شربت خان مري کين واپس بلوچستان وٺي آيو ۽ سندن پرورش ڪيائين. مير شير محمد مري جي ننڍن ڀائرن مير بهرام خان، مير هزار خان، ملازمت خان ۽ مير ڪرم خان زمينداري اختيار ڪئي، جڏهن ته مير شير محمد مري سياست ۾ پير پاتو. هن شروع ۾ مزدوري ڪئي ۽ ڊرائيوري پڻ ڪيائين. جڏهن بلوچن سان ناانصافيون ٿيندي ڏٺائين ۽ بلوچستان جي مظلوم بلوچن جي آواز کي دٻايو پئي ويو، تڏهن هن 1946ع ۾ مير نهالان خان سان گڏجي ‘مظلوم پارٽي’ جو بنياد رکيو. جنهن جو مقصد سردارن پاران ٿاڦيل جبري ٽيڪس ۽ ناانصافين جي خلاف جاکوڙ ڪرڻ هو. سندس پارٽيءَ جو پهريون ڪنوينشن ان ئي سال ڪوهلو ۾ ٿيو، جنهن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. ان سبب کيس گرفتار ڪيو ويو.مير شير محمد مري جي گرفتاريءَ جي خلاف سندس حامين سرڪاري ڪئمپ تي حملو ڪري نقصان رسايو. کيس ٻن سالن بعد 1948ع ۾ آزاد ڪيو ويو. جڏھن جنرل ايوب خان جي حڪومت ۾ بلوچن خلاف فوجي ڪارروايون ڪيون ويون لاتعداد بلوچن کي قتل ڪيو ويو ۽ نواب نوروز خان بغاوت ڪئي ۽ کيس پٽن ۽ ساٿين سميت گرفتار ڪيو ويو تڏهن مير شير محمد مري باغي بلوچن کي گڏ ڪري “ سرمچاري “ ۽ “ فراري “ ڪئمپون قائم ڪري، فوج جي خلاف هٿياربند جدوجهد ڪئي. سندس جدوجهد جي سياسي طور نواب خير بخش خان مري حمايت ڪندو رهيو. کيس بهادري ۽ جرئتمنديءَ سان جدوجهد ڪرڻ تي بلوچن پاران ’جنرل شيروف‘ جو لقب ڏنو ويو. هو يارهن سالن تائين جنرل ايوب خان ٖ جنرل يحئ خان ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جي سرڪار خلاف مسلسل جبلن ۾ رهي گوريلا هٿياربند ويڙهہ ڪندو رهيو، جنهن سبب ڪيترائي ڀيرا گرفتار ٿي جيل بہ ويو.وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت 12 فيبروري 1973ع تي اسلام آباد ۾ عراقي سفارتخاني مان هٿ آيل روسي هٿيارن واري نام نهاد سازش کي بنياد بڻائي 13 فيبروري 1973ع تي بلوچستان ۾ نئپ جي وزيراعلئ سردار عطاءالله مينگل ۽ گورنر مير غوث بزنجو کي برطرف ڪري ڇڏيو اهڙي قدم خلاف مير شير محمد مري بلوچ ويڙھاڪن جي قيادت ڪندي جبلن ۾ هٿياربند جدوجهد ۽ مزاحمتي ويڙھ شروع ڪئي ٖ وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو سرڪار 14 فيبروري 1973ع تي غداري ٖ بغاوت ۽ سازش جي الزام هيٺ سردار عطاءُ الله مينگل ٖ مير غوث بخش بزنجو ۽ ٻين بلوچ اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ٖ بلوچستان ۾ نعپ سرڪار جي برطرفي ۽ بلوچ اڳواڻن جي گرفتاري خلاف سرحد صوبي ۾ نعپ ۽ جميعت علماء اسلام جي گڏيل سرڪار جي وزيراعلئ مولانا مفتي محمود ۽ گورنر ارباب سڪندر خليل 15 فيبروري 1973ع تي احتجاج طور استعفئ ڏئي ڇڏي ٖ 2 مارچ 1973ع تي مير شير محمد مري کي هڪ آپريشن دوران گرفتار ڪيو ويو ٖ 1974ع ۾ نواب خير بخش مري ٖگل خان نصير ۽ ٻيا بلوچ اڳواڻ گرفتار ڪيا ويا ٖ 8 فيبروري 1975ع تي پشاور يونيورسٽي ۾ ھڪ بم ڌماڪي ۾ سرحد جو اڳوڻو گورنر حيات محمد خان شير پاؤ مارجي ويو ان بعد 9 فيبروري 1975ع تي ذوالفقار علي ڀٽو سرڪار نعپ تي پابندي هڻي خان ولي خان ٖ ارباب سڪندر خليل ۽ ٻين کي گرفتار ڪيو ۽ 10 فيبروري 1975ع تي خان ولي خان ٖ نواب خيربخش مري ٖ سرحد جي اڳوڻي گورنر ارباب سڪندر خليل ٖ سردار عطا الله مينگل ٖ مير غوث بخش بزنجو ٖ مير گل خان نصير ٖ سيد قصور گرديزي ٖ حبيب جالب ٖ بيريسٽر عزيزالله شيخ ٖ اسلم بلوچ ٖ اسلم ڪرد ٖ سليم ڪرد ٖ نجم سيٺي ٖ سليم پرويز ٖ مجيد گچڪي ٖ مير عبدالواحد ڪرد ٖ سلطان مينگل مير شير محمد مري ٖ مير علي بخش ٽالپر سميت 52 بلوچ ۽ پختون اڳواڻن کي گرفتار ڪري سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ قيد ڪري نيشنل عوامي پارٽي ( نعپ ) خلاف بندش ٖ بغاوت ۽ غداري جي الزامن هيٺ ريفرنس داخل ڪيو جنهن لا۽ اسپيشل حيدرآباد ٽريبونل سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي جسٽس اسلم رياض حسين ۽ جسٽس مشتاق علي قاضي جي سربراهي ۾ قائم ڪيو ويو ڀٽو سرڪار پاران داخل ريفرنس جي پيروي اٽارني جنرل يحيئ بختيار ڪئي جڏھن تہ قيد اڳواڻن جي وڪالت محمود علي قصوري ٖ عابد منٽو سميت ناميارن وڪيلن ڪئي ٖ حيدرآباد ٽريبونل آخر 30 آڪٽوبر 1975ع تي نعپ کي ملڪ خلاف ڪم ڪندڙ پارٽي قرار ڏيندي مٿس پابندي مڙھي ڇڏي تمام باندي اڳواڻ حيدرآباد سينٽرل جيل جا باندي رهيا ٖ 5 جولا۽ 1977ع تي جنرل ضياء وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي سرڪار کي برطرف ڪري ملڪ مٿان مارشل لا مڙھي ڇڏي ٖ جنرل ضياء آڪٽوبر 1977ع ۾ حيدرآباد سينٽرل جيل پهچي ولي خان سميت باندي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي اڳتي هلي جنرل ضياء حيدرآباد ٽريبونل کي ٽوڙي تمام باندي اڳواڻن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو اهڙي طرح جنرل ضياءُ الحق جي مارشل لا واري دؤر ۾ 5 فيبروري 1978ع ولي خان سميت تمام باندي آزاد ٿيا ٖ ولي خان ۽ ٻين جي آزادي بعد سردار عطاءالله مينگل ٖ نواب خير بخش مري ٖ مير غوث بخش بزنجو ٖ مير گل خان نصير ۽ ٻين قيدي بلوچ اڳواڻن کي بہ جيل مان آزاد ڪيو ويو ٖ سردار عطاءالله مينگل آزادي بعد علاج واسطي لنڊن هليو ويو ٖ ٖ نواب خير بخش مري ۽ مير شير محمد مري ڪابل هليا ويا ڪابل ۾ نواب خير بخش مري ۽ مير شير محمد مري درميان اختلافن سبب سندن راهون الڳ ٿيون هو ڪجهہ عرصي لا۽ واپس بلوچستان آيو
مير شير محمد مري جتي هٿياربند جنگ جو ماهر هو ساڳئي وقت هو بلوچي، سنڌي، اردو کان سواءِ ٻيون ڪيتريون ئي ٻوليون ڄاڻندو هو، هو هڪ سٺو اديب ۽ مقرر به هو، سندس لکيل ڪتابن ۾ ‘بلوچي زبان و ادب ڪي تاريخ’، ‘بلوچي اردو لغت’ ۽ ‘بلوچي شاعري’ شامل آهن. مير شير محمد مري سينٽرل جيل سکر ٖ سينٽرل جيل حيدرآباد ۽ سينٽرل جيل ڪراچي ۾ اسير رهيو
مير شير محمد مري 11 مئي 1993ع تي وفات ڪري ويو، کيس ڪوهلو ۾ دفن ڪيو ويو.










