شهيد شاهنواز ڀٽو جي 62 هين سالگرهه ملهائي وئي

ٽنڊو محمد خان )مظفر علي بروهي )شهيد ذوالفقار ڀٽو جي لاڏلي پٽ شهيد شاهنواز ڀٽو جي 62 هين سالگرهه پ پ  شهيد ڀٽو  ضلعي ٽنڊو محمد خان جي پيپلزلائيرز فورم پاران ملهائي وئي. شهيد ڀٽو ڊسٽرڪٽ بارڪونسل حيدرآباد  پ پ شهيد ڀٽو  تعلقي ٽنڊي محمد خان ۽  پ پ شهيد ڀٽو يوسي شيخ ڀرڪيو  پاران ڌار ڌار تقريبون منعقد ڪيون ويون. بخاري هائوس تي سالگره  جو ڪيڪ ضلعي صدر سيد ارشاد حسين شاھ بخاري، ظهير ڀٽي، نياز حسين عرف بابو شيدي، بلال خواجا، اسد چنا، شيراز رند،  حيدرآباد ۾  پيپلز لائيرز فورم شهيد ڀٽو جي ايڊو ڪيٽ جي ايم لغاري ايڊو ڪيٽ قاسم جلالي  ڳوٺ  باقر نظاماڻي ۾  تعلقي صدر نور محمد نظاماڻي محمد علي شيخ  جڏهن ته شيخ ڀرڪيو ۾ رياض علي لغاري مسلم لغاري ۽ ٻين پاران سالگره جا ڌار ڌار  ڪيڪ ڪاٽيا ويا جڏهن ته اڳواڻن پاران شهيد شاهنواز ڀٽو جي زندگي تي روشني وڌي وئي ۽ کيس خراج تحسين پيش ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو