شهيد اقبال ميمڻ جي 31 هين ورسيءَ، لطافت علي جوهر

سنڌ ۾ سياسي ڏاهپ، حب الوطني، آزادي، امن، اتحاد ۽ ماڻهپي جهڙن اعليٰ
انساني قدرن کي نوان رخ ۽ موڙ ڏيئي متعارف ڪرائڻ، جيارڻ ۽ سنوارڻ ۾ شاگرد
سياست جو وڏو ڪردار رهيو آهي. جن پنهنجي سوچ، فڪر، عمل ۽ اصولن کي پاسيرو
رکي ڌرتي ۽ انسان ذات جي سڌاري ۽ ڀلائي لاءِ زندگي وقف ڪري ڇڏي. سنڌ جي تعميري ۽ مثبت شاگرد سياست (Positive Students Politics) جي اُفق تي هڪ نانءُ شهيد اقبال ميمڻ جو به آهي. جيڪو گھُٽ ۽ ٻوسٽ واري آمريتي دؤر ۾ اميد جو هڪ ڪرڻو بڻجي نروار ٿيو، جنهن پنهنجي پُختي عزم ۽ ارادي سان تعليمي ادارن مان غلط لاڙن جي نشاندهي ڪندي نه صرف مذمت ڪئي بلڪه سنڌ جي تعليمي ادارن مان شاگرد سياست کي ڏاڍ، دهشت ۽ داٻو ڪلچر مان نجات ڏيارڻ لاءِ عملي جدوجھد ڪئي.
سنڌ جو هي شاگرد اڳواڻ ڪنهن سياسي خاندان يا ڪنهن گادي نشين جو چشم چراغ
نه هو بلڪه هڪ وچولي طبقي سان تعلق رکندڙ هو. هن سياسي تعليم جو درس ڪنهن
پرڏيهي يونيورسٽيءَ ۾ نه ورتو هو. هن جو پهريون ۽ آخري استاد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هو. جيڪو ذهين ۽ ڏاهپ سان مالامال شاگردن ۽ انسانن جي عزت ڪندو هو، بلڪه کين قدر جي نگاهه سان به ڏسندو هو. هن جو عشق به غريب عوام ۽ ڌرتي سان هو. هن شهيد ڀٽي جي فڪر ۽ فلسفي کي امانت سمجھيو ۽ قائد شهيد ڀٽي جي هنن لفظن هن جي دل ۾ وڏو اتساهه پيدا ڪيو.
“The paradise of God lies under the feet of our mother. The paradise
of politics lies under the feet of the people.” (Z.A Bhutto)
شهيد ڀٽي جي هنن لفظن کي هن ساهه سان سانڍي رکيو ۽ پنهنجي سفر کي جاري
رکندي ضياءَ شاهي جي خوني چنبي مان سنڌ جي مظلوم ۽ مسڪين ماڻهن کي نجات
ڏيارڻ لاءِ جدوجھد جاري رکي. هن سنڌ جي هر شهر شهر، ڳوٺ ڳوٺ، واهڻ واهڻ ۽
وستي وستي جي عوام منجھه سياسي شعور پيدا ڪندي کين منظم ۽ متحد رکڻ لاءِ
هر علائقي ۾ ”پيپلز اسٽڊي سرڪل“ جو بنياد وڌو. جتي ”ڀٽو ازم“ جي پرچارڪ
لاءِ ڏينهن رات سخت محنت ڪيائين، جنهن سان عوام اندر هڪ تحريڪ/ هلچل پيدا
ٿي، جنهن عوامي اتساهه ۽ اميد جا ڏيئا روشن ڪيا. 5 جون 1968ع تي ضلعي ٺٽي جي شهر دڙو ويجھو ڳوٺ لاکا ميمڻ ۾ جنم وٺندڙ هن مرد مجاهد پرائمري تعليم دڙو ۽ سيڪنڊري تعليم ميرپور بٺورو مان حاصل ڪري اعليٰ تعليم گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سجاول ۾ داخلا ورتي. ڪاليج جي ماحول کيس پڙهائي سان گڏوگڏ شاگرد سياست ڏانهن اتساهيو جتي هن سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن (سپاف) ۾ شموليت اختيار ڪئي. جتان هن پنهنجي قائدانه صلاحيتن کي ٿوري وقت ۾ ئي مڃرائي ورتو ۽ سپاف مرڪز کيس ضلعي ٺٽي ۾ سپاف جي تنظيم سازي جي ذميواري ڏيندي ضلعي ٺٽي جو آرگنائيزر مقرر ڪيو. ضلعي ٺٽي جي سمورن تعليمي ادارن ۾ سپاف جا يونٽ قائم ڪيائين. تنظيمي خدمتن جي اعتراف ۾ کيس سپاف ضلعي ٺٽي جو جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. جيڪا ذميواري 3 سال تائين نڀايائين. انهيءَ دوران سندس ساٿين ۽ هم خيالن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو رهيو. سياسي بصيرت، ڏاهپ ۽ تنظيمي معاملن ۾ خوداعتمادي سبب سپاف مرڪز 1989ع ۾ کيس سپاف سنڌ جو مرڪزي ثقافتي سيڪريٽري ۽ چيئرمين سنڌ ڪلچرل ونگ منتخب ڪيو. شهيد اقبال ميمڻ هڪ شعله بيان مقرر هو، هن نام نهاد حڪمرانن آڏو آواز بلند ڪيو پنهنجي جوشيلي تقريرن ۽ تحريرن ذريعي ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪيو. خاص طور اهڙي ڏکئي ۽ نازڪ دؤر ۾ جڏهن اليڪٽرانڪ توڙي پرنٽ ميڊيا، اظهار جي آزادي جي سمورن وسيلن ريڊيو، ٽي وي ۽ اخبارن تي پابندي مڙهيل هئي، سڌ سماع جا سمورا وسيلا حڪومتي تحويل ۾ يرغمال بڻيل هئا. انساني سوچن ۽ ذهنن تي پهرا لڳل هئا انهن سمورين سختين باوجود پاڻ حق پرستي جي جدوجھد ۾ سرواڻ جيان اڳڀرو رهيو هو، مسلسل ۽ مستقبل هلندو رهيو، اهڙي واٽ تي جنهن جي راهه اڻانگي ۽ سفر مشڪل هو.
جن کي عشق اندر ۾، تن کي اُڃ نه بک،
وحدت منجھه وصال جي ٿا سدا ماڻن سک.
شهيد اقبال، سياست جي ان درجي تي وڃي پهتو هو، جتي شايد پهچڻ هر سياسي
سچي ڪارڪن جي خواهش هجي ٿي. آمريت خلاف هر جدوجھد لانگ مارچ ۽ جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ اٿندڙ هر هلچل ۽ تحريڪ ۾ پارٽي هدايت ۽ گائيڊ لائين تحت هر عمل ۾ سرگرم رهندي پير پٿون ڪيا ۽ زخمن جي شدت ۾ به چوندو رهيو ته:
ڪنڊا مون پيرن ۾ جي لک لڳن،
آڱر آڱوٺي نه مڙي ڇپون پير ڇنن،
ويندي ڏانهن پرين جتي جات نه پايان.
هن کي غريبن، مصيبتن ماريل مسڪينن جو ڏاڍو فڪر رهندو هو ۽ هر وقت انهن جي
حالت سنوارڻ لاءِ نت نيون تجويزون سوچيندو رهندو هو. شهيد ڀٽي جا اقوال زرين هن لاءِ هدايت ۽ رهنمائي جا سرچشما ثابت ٿيا ۽ پاڻ کي وڏي عقيدت سان سندس نقش قدم تي هلڻ لاءِ ارپي ڇڏيائين ۽ آخر وقت تائين ثابت قدم رهيو. ڪيترائي ڀيرا سندس راهون روڪيون ويون، پر لطيف سرڪار جي انهن لفظن جيان مڙس ٿي بيٺو رهيو:
ڪاڪ نه جھليا ڪاپڙي، موهيا ڪنهن نه مال،
جي ڇورين ڏنا ڇال ته به لاهوتي لنگھي ويا.
هن پوري قوت ارادي سان پنهنجي عوامي خدمت جي جذبي کي جاري رکيو ۽ جڏهن
آگسٽ 1988ع سنڌو درياءَ وٽ سورجاڻي بند ۾ گھارو پيو ۽ درياءَ جي بي رحم لهرن ضلعي ٺٽي جا ڳوٺ ۽ شهر لوڙهي ۽ ٻوڙي ڇڏيا، هزارين بيوس، اٻوجھه ۽ دردن جا ماريل مسڪين ۽ مجبور ماڻهو پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏي بچاءَ بندن تي اچي ويٺا ته اهڙي دردناڪ حالت ڏسي هن غيرتمند مجاهد جي رت جوش کاڌو ۽ سندس دل پنهنجي ڌرتي جي انهن مصيبت ماريل ماڻهن جي امداد ڪرڻ لاءِ همٿايو. بقول إبراهيم منشيءَ ته:
جڏهن به سنڌ سڏ ڪيو،
ته پئجي پٽڪي ور ويو.
شهيد اقبال مهل ۽ ميدان جو مڙس هو، ڪنهن به مهل ڪٿي به ڪنهن پڪاريو يا
ڄاڻ ملي هڪدم پهچي ويندو هو. 1986-78ع ۾ جڏهن ٿر جا مسڪين ماروئڙا ڏڪار
سبب اجل جو شڪار ٿي رهيا هئا اهڙي نازڪ وقت ۾ به هن بدنصيب ٿرين جي امداد
واسطي ضلعي ٺٽي جي مختلف شهرن ۾ امدادي ڪئمپون قائم ڪيون ۽ هزارين مڻ
خوراڪ گڏ ڪري ٿر جي مسڪين حال عوام ۾ ورهايائين.

Iqbal Memon photo by writer

شهيد اقبال ميمڻ هڪ دورانديش، مدبر ۽ ڏاهو شخص هو، هن ڄاتو ٿي ته ڪنهن به قوم جي ترقي جو دارومدار جديد علوم سائنسي ۽ فني سکيا ۾ ڪماليت پيدا ڪرڻ سان آهي. سائنسي ۽ فني ڄاڻ کان سواءِ ڪوبه سماج ڪابه قوم ترقي جون منزلون طئي نٿي ڪري سگھي. هن چاهيو ٿي ته سنڌ تعليمي ادارا امن ڀري ماحول، تربيتي ۽ تعليمي سکيا حاصل ڪن ۽ اهو انهيءَ وقت ممڪن هو جڏهن سنڌ جي سمورن تعليمي ادارن پروفيشنل ڪاليجن ۽ يونيورسٽيز ۾ امن، شانتي، پيار، محبت، اتحاد، اخوت ۽ ڀائيچاري وارو ماحول ۽ فضا قائم ٿئي. هن سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ بهترين جوهر پيدا ٿيندي ڏسڻ چاهيو ٿي جيئن سنڌ جا
“Qualified Graduates” عملي ميدان ۾ بين الاقوامي معيار تي پهچي سگھن. هن
تعليمي ادارن مان ڪاپي ڪلچر جي پاڙ پٽڻ ۽ شاگردن جي هٿن ۾ هٿيارن بجاءِ
ڪتاب ۽ ڪتاب دوستي جو رشتو ڏسڻ ٿي چاهيو. جيئن سنڌ جا شاگرد فارغ التحصيل
گريجوئيٽ عملي، فني، سائنسي ۽ تحقيقي ميدان ۾ پنهنجو اعليٰ مقام پيدا ڪري
سگھن. کيس هن ڳالهه جو ادراڪ هو ته ”دنيا ۾ اُهي قومون ۽ ملڪ زياده سڌريل ترقي
يافته ۽ خوشحال آهن جن جا فرد جديد علم ادب ۽ فني ڄاڻ سان سرشار هوندا
آهن“.

علمي دولت اڻ کٽ دولت،
جنهن جا خزانا مالامال.
شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جو اهو فڪري سپاهي ۽ محبت وطن سرواڻ 30 آگسٽ 1989ع
۾ سنڌ جي تنظيمي دوري دوران هڪ خوفناڪ حادثي ۾ شهيد ٿي ويو.

نَڪا مُند مَرڻ جي نَڪو جيئڻ جام،
ويندو مثل واءُ جي طلسم ترت تمام،
حياتي حرام، بنا يادگيري يار جي!
اتهاس جي آئيني ۾ سنڌ جو چهرو هميشه لڙڪن سان آلو نظر آيو آهي، پر پوءِ به سنڌ ڌرتي پنهنجي سيني ۾ دکندڙ درد کي پنهنجي ڪُک مان جنم ڏيندڙ تخليقن ۾ سمائي، اتهاس جي سينڌ ۾ سندور ڀرڻ جو عظيم فرض نڀائيندي آئي آهي. هن ڌرتي جي آجپي لاءِ مخدوم بلاول، دودو، دولهه درياءَ خان کان هيمون ڪالاڻي تائين ۽ جمهوريت جي بحالي لاءِ شهيد ڀٽو کان شهيد بينظير تائين هميشه پنهنجو ريٽي رت جو نذرانو ڏيندي آئي آهي.
شهيد اقبال ميمڻ به شهيدن جي انهيءَ قافلي جو پانڌيئڙو هو، پنهنجي طبيعت ۾ مڪمل طور سادو ۽ کرو انسان هو ۽ ماڻهن سان بي انتها محبت ڪندڙ بزرگن سان نوڙت ۽ مهمان نواز پڻ هو ته ساڳئي وقت يارن جو يار به هو.

اسان جي مئاسين سفر ۾ او ساٿي،
ته ماڻيندا منزل پنهنجا ڍول ڍاٽي،
اسان جو خون خوشبو ٿي ايندو،
ته ويڙها وطن سان به واسي ڇڏيندو. (آڪاش انصاري)
اڄ جڏهن يادن جي البم تي سندس نالو تري آيو آهي ته اکيون آليون آهن. سچ
پچ ته يقين نٿو اچي ته هو اسان کان ايترو پري هليو ويو آهي، پر سندس جوشيليون تقريرون اسان آڏو هر وقت ڦرنديون رهن ٿيون. واقعي ڪجھه ماڻهو عهد ساز ۽ تاريخ ساز ٿين ٿا ۽ قومن کي صدين تائين اهڙن انسانن جي رهبري ۽ رهنمائي جي ضرورت رهي ٿي. جنهن تي تاريخ به ناز ڪري ٿي.
سوري آهي سينگار اڳهين عاشقن جو،
مڙڻ موٽڻ مهڻو ٿيا نظاري نروار،
ڪسڻ جو قرار اصل عاشقن کي.
اقبال ميمڻ پنهنجي نالي جيان بلند خيال ۽ بلند پرواز هيو. سندس ڪيل خدمتون قوم کي روشن صبح جي نويد ڏيئي رهيون آهن. هو هڪ ماهه تاب هو، جيڪو ڪارن ڪڪرن مان اُڀري اونداهي رات کي روشن ڪري ويو. هو هڪ شمع هو، جنهن ڪکائن گھرن ۾ رهندڙن کي راهه ڏيکاري ۽ هن انقلاب جي عظيم آدرش لاءِ متحد ۽ منظم ٿيڻ جو درس ڏنو. اڄ دنيا ۾ موجود ناهي، پر سندس نالو ۽ خدمتون روز اول جيان زنده آهن.
گھوڙن ۽ گھوٽن جيئڻ ٿورا ڏينهڙا،
ڪڏهن منجھه ڪوٽن ڪڏهن راهي رِڻ جا.
شهيد اقبال ميمڻ کي خراج پيش ڪندي آخر ۾ هي شعر چئي هن مضمون جي پڄاڻي ٿا ڪريون ته.
روز وڃن پيا ڪهڙا ماڻهو،
سچن هيرن جھڙا ماڻهو،
ملهه ناهي جن جو ڪوئي،
اڻ لڀ آهن اهڙا ماڻهو.

پهنجو تبصرو موڪليو