شهزاد اڪبر جي تعيناتي خلاف درخواست رد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس اطهر من الله 9 صفحن تي ٻڌل محفوظ ڪيل فيصلو جاري ڪندي وزيراعظم جي مشير شهزاد اڪبر جي تعيناتي خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، عدالت تحريري فيصلي ۾ لکيو آهي ته اهڙو ڪو رڪارڊ پيش نه ڪيو ويو جيڪو شهزاد اڪبر جي نيب ۾ مداخلت ثابت ڪري، فيصلي ۾ چيو ويو ته آئين صدر پاڪستان کي وزيراعظم جي ايڊوائس تي وڌ کان وڌ 5 صلاحڪار مقرر ڪرڻ جو اختيار ڏئي ٿو، وزيراعظم جو صوابديد آهي ته هو پنهنجي لاءِ ڪنهن کي صلاحڪار مقرر ڪري، تحريري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم جي صلاحڪار جي مقرري جي لاءِ اهليت جو ڪو به معيار مقرر ڪونهي، عدالت پنهنجي فيصلي ۾ اهو به لکيو آهي ته شهزاد اڪبر جي بطور سربراهه ايسٽ ريڪوري يونٽ مقرري جو معاملو هتي نٿو ڏسي سگهجي، ڇو ته ايسٽ ريڪوري يونٽ جو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ اٿي چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو