ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گذريل ڏينهن کان سوشل ميڊيا تي اداڪار جوڙي شهروز ۽ سائره وچ ۾ طلاق جون خبرون هلي رهيون هيون پر شهروز جي والد ۽ اداڪار بهروز سبزواري ان خبرن کي بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو. سائره ۽ شهروز ٻئي پاڪستاني شوبز جا چمڪندڙ ستارا آهن ۽ ٻنهي جي جوڙي کي مداحن طرفان تمام گهڻو پسند ڪيو ويندو آهي. پر هڪ شوبز ويب سائيٽ پنهنجي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته شهروز 6 مهينن کان پنهنجي گهرواري سائره سان گڏ نه پيو رهي ۽ ان کان الڳ ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ويب سائيٽ مطابق شهروز جو چوڻ آهي ته سائره ۽ ان جي وچ ۾ ذاتي نوعيت جا اختلاف آهن جيڪي حل نه ٿي سگهيا آهن. ٻئي طرف شهروز جي والد ۽ اداڪار بهروز سبزواري پٽ ۽ ننهن وچ ۾ علحيدگي وارين افواهن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته سائره ۽ شهروز وچ ۾ طلاق ناهي ٿي. هن چيو ته جهڳڙو ڪنهن گهر ۾ ناهي ٿيندو ڇا ٻنهي ۾ معمولي ناراضگي آهي جيڪا جلد ختم ٿي ويندي. ڪجهه ٽوئٽر صارفين دعويٰ ڪئي آهي ته ٻنهي وچ ۾ علحيدگي ٿي وئي آهي جنهن جو ڪارڻ شهروز جو هڪ ماڊل ۽ اداڪاره سان افيئر آهي. ياد رهي ته اداڪار شهروز سبزواري ۽ سائره 2012 ۾ پسند جي شادي ڪئي هئي ان وقت اداڪاره جي عمر 18 جڏهن ته شهروز جي عمر 19 سال هئي جڏهن ته اداڪار جوڙي کي هڪ نياڻي جو اولاد به آهي.










