جسماني رمانڊ جي درخواست رد، ٻيهر طبي معائني جو حڪم

جسماني رمانڊ جي درخواست رد، ٻيهر طبي معائني جو حڪم

اسلام آباد (بيورو)ادارن خلاف بغاوت تي اکسائڻ جي الزام ۾ گرفتار پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شهباز گل جي جسماني رمانڊ جي درخواست رد ڪندي کيس ٻيهر طبي معائنو ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو اسلام آباد پوليس شهباز گل کي سخت سڪيورٽي هيٺ پمز اسپتال جي پوئين دروازي کان وٺي وئي، شهباز گل کي پمز اسپتال مان عدالت وڃڻ وقت منهن تي آڪسيجن ماسڪ لڳل هو، کيس ويل چيئر تي اسلام آباد جي عدالت آندو ويو.اسلام آباد پوليس طرفان شهباز گل کي ڊيوٽي جج جڊيشل مئجسٽريٽ راجا فرخ علي خان جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.اسلام آباد جي عدالت ۾ ڪنهن به قسم جي ايمرجنسي کي منهن ڏيڻ لاءِ پوليس جي وڏي نفري کي مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته عدالت جي ٻاهران ايف سي جي نفري کي به مقرر ڪيو ويو آهي.عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي شهباز گل کنگهي رهيو هو ۽ هن چيو ته منهنجو نقاب به کسيو ويو آهي.پوليس جي جاچ آفيسر طرفان شهباز گل جي وڌيڪ 8 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي وئي، جنهن تي عدالت پڇاڻو ڪيو ته اڳ 2 ڏينهن جو جسماني رمانڊ ڏنو ويو هو، توهان 8 ڏينهن جي رمانڊ جي درخواست ڇو ورتي؟ شهباز گل جو 8 ڏينهن جو جسماني رمانڊ ڇو گهريو پيو وڃي؟ شهباز گل جي وڪيل فيصل چوڌري ايڊووڪيٽ چيو ته اوهان شهباز گل جي بيماري کي ڏٺو آهي، اهو حقيقي ڪيس آهي، ميڊيڪل رپورٽ مان لڳي ٿو ته تشدد ڪيو ويو، ڪالهه مون ڊاڪٽر کان پڇيو ته هن ٻڌايو ته جڏهن ڪنهن کي تڪليف جي شڪايت هجي ته هو ٻڌائين. آڱرين کي ڏسي اندازو لڳايو.اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر راجا رضوان عباسي پنهنجي دليلن ۾ چيو ته جيڪڏهن عدالت جسماني رمانڊ ڏئي ٿي ته جوابدار جي صحت جو خيال رکڻ جاچ آفيسر جو فرض آهي، جڏهن شهباز گل کي داخل ڪيو ويو ته ان جو طبي معائنو ڪيو ويو، پر ان جو به علاج نه ڪيو ويو. حڪم ڏنو ته جاچ آفيسر ايمرجنسي طبي معائنو ڪري سگهي ٿو، اهو ڪٿي به لکيل ناهي ته ڪو بيمار هجي ته جسماني رمانڊ نٿو ڏئي سگهجي، جنهن تي عدالت چيو ته مون کي ايڊيشنل سيشن جج جو حڪم ڏسڻو آهي.شهباز گل جي وڪيل پوليس جي جسماني رمانڊ جي درخواست جي مخالفت ڪئي، جڏهن ته شهباز گل عدالت ۾ چيو ته منهنجي اصل رپورٽ اها ناهي جيڪا هن جمع ڪرائي آهي، عدالت اصل رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته جيل جو ڊاڪٽر به هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو، جنهن چيو ته شهباز گل کي مسئلو تڏهن ٿيو جڏهن عدالت جسماني رمانڊ تي فيصلو ڏنو. ايڊووڪيٽ فيصل چوڌري چيو ته هاءِ ڪورٽ جي حڪم جي ضرورت ناهي، عدالت چيو ته جمعي تي ميرٽ تي ڪيس جي ٻڌڻي ٿيندي.اسپيشل پراسيڪيوٽر شهباز گل جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي، جڏهن ته ايڊووڪيٽ فيصل چوڌري چيو ته اعتراف آهي ته جاچ آفيسر شهباز گل کي اڊيالا جيل مان ريمانڊ ڏنو هو.ايڊووڪيٽ فيصل چوڌري وڌيڪ چيو ته پوليس پاران ڏنل ريمانڊ فارم موجب پوليس به سمجهي رهي آهي ته رمانڊ مڪمل ٿي چڪو آهي.عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ شهباز گل جي ٻن وڪيلن کي ملاقات جي اجازت ڏيندي جوابدار جي جسماني رمانڊ تي پوليس جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. شهباز گل جي جسماني رمانڊ جي درخواست رد ڪئي وئي ڊيشل مئجسٽريٽ راجا فرخ علي خان محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي چيو ته شهباز گل جي حالت ٺيڪ ناهي، کيس سومر تائين پمز اسپتال ۾ رکيو وڃي ۽ ٻيهر طبي معائنو ڪرايو وڃي، شهباز گل کي دم جي بيماري آهي، ٽيسٽ ڪرايو وڃي.ڊيوٽي جج فيصلي ۾ چيو ته هو شهباز گل جي وڪيلن جي جسماني رمانڊ جي درخواست رد ڪري ٿو، شهباز گل جو جسماني رمانڊ اڃا شروع ناهي ٿيو.ياد رهي ته گذريل ڏينهن ميڊيڪل بورڊ شهباز گل کي مڪمل طور تي فٽ قرار ڏيندي چيو هو ته مٿس ڪنهن به قسم جو تشدد نه ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو