شهباز شريف کي هلندڙ اجلاس ۾ ايف آءِ اي نوٽيس موڪليو آهي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته حڪومتي وزير قومي اسمبلي ۾ هنگامي ۽ گارگند سان شهباز شريف جي تقرير روڪڻ ۾ ناڪام ٿيا ته ايف آءِ اي ذريعي نوٽيسز اُماڻيا ويا، ايف آءِ اي بجيٽ سيشن دوران اپوزيشن ليڊر کي طلب ڪيو آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي هُن چيو ته هِن ملڪ ۾ سرڪس ۽ تماشو لڳل آهي، قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر جي تقرير روڪڻ لاءِ وفاقي وزيرن گاريون ڏنيون ۽ ڪتاب هنيا، ووٽ چوري نه ٿين ته ڪتاب هڻندڙ ۽ گاريون ڏيندڙ اسيمبلي ۾ نه اچي سگهندا، قومي اسيمبلي ۾ عوامي مسئلن تي نٿو ڳالهايو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو