شاه جو پارکو انب گوپانگ

شاه جو پارکو انب گوپانگ

خاصخيلي لطيف راولاڻي
انب اسم به آھي ته انب ميوو به آھي جنھن جا ڪافي قسم ۽ نالا آھن پر ھي انب انسان آھي دنيا ۾ انسان آيو ته ان پنھنجي سڃاڻپ لاء قوم قبيلا ٺاھيا ويا جئين ھڪ ٻئي کي آساني سان ڳولي ۽ ملي سگھجي ۽ دنيا تي پنھنجي روشنائي ڪرائي سگھجي انب ته تمام گھڻا ھزارن جي تعداد ۾ ھوندا ڪھڙو انب ڪٿي جو انب ان ڪري ئي قومن جي سڃاڻپ ٻولي کان علاوه قبيلن جي به آھي قوم سنڌي قبيلا مختلف ۽ پوء پاڙا وراڻيون علائقائي شناخت ڳوٺاڻي شھري شناخت وغيره .
ھي انب بدين ضلع جي مشھور تاريخي بزرگن اوليائن جي ڌرتي .لواري شريف سان تعلق رکندڙ جنم لواري شريف جواني ملير ڪراچي ھاڻي ھميشه جي لاء ملير جو انسان ٿي ويو آھي
سندس ڪڙم قبيلو گوپانگ آھي گو انگريزي لفظ آھي معنى وڃ .پانگ ڪنھن ماڳ مڪان جو نالو ھوندو اھڙا نالا گھڻو ڪري چين ۽ روس جي خطي ۾ ملن ٿا اڳي زماني قبل مسيح کان اڳ دنيا ھڪ ھئي جاگرافيائي حدون ۽ جھل پل نه ھئي جتي زرق مليو حضرت انسان اوڏانھن سامونڊي سفر ڪندو ھو .ائين ھزارن جي تعداد ۾ سنڌي دنيا جي ڪنڍ ڪڙڇ ۾ رھن ٿا جيڪا ٻولي ان خطي جي آھي اھا ڳالھائين ٿا .ائين ھتي به سنڌ ڌرتي جيڪو وسيع ملڪ ھو جنھن جون سرحدون ايم ايڇ پنھور پنھنجي تاريخي تحقيقي ڪتاب ۾ لکيون آھن ته سنڌ جون حدون تبت چين کان افغانستان .پورو انڊيا.روس جا ڪجھ حصا .بلوچستان ايران جا ڪجھ حصا ..ڪشمير ..پورو پنجاب ..ملتان کان ٿيندو ڪيٽي بندر کاروڇاڻ تائين سڄي سنڌ ھئي ۽ آزاد خودمختار رياست ھئي نڪا جھل پل سڀڪو پسين پرين کي …نڪو ويزا نڪو پاسپورٽ جيڪو جتي سکيو ھجي اتي رھي محبتي ميڙي ڳوٺ ٻڌجن گھڻا مشھور سياح ابن بطوط به پنھنجي دنيا جي سفرنامي ۾ سنڌ جو ذڪر ڪيو آھي اھڙي ريت دنيا جي پھرين انسان حضرت آدم عليه السلام جي باري ۾ به مختلف مورخن ڪنھن سريلنڪا ته ڪنھن سنڌ لکيو آھي مشھور مذھبي پيشوا دنيا جي قديم مذھب ٻڌ مت جي باني سڌارٿ جي باري ۾ لکيو ويو آھي ته ھي راجستان (سنڌ) جي ٻيلن ۾ عبادت ڪندو ھو ان کان علاوه سون جي تعداد ۾ تاريخي تحقيقي مواد موجود آھي جن ۾ سنڌ ڌرتي جو ذڪر آيل آھي..
ان ڪري صرف سنڌ جي نه پر دنيا جي عظيم انسان …انب گوپانگ کي جنم ڏينھن جون واڌايون وڏي حياتي ماڻي ھي شخص سنڌي ادب جي دنيا ۾ شاه جي پارکو جي طور تي وڏي مڃتا ماڻي آھي جو ان جو تمام ويجھو تعلق بڙجو ڍورو سان رھيو آھي جتي شاه جو رسالو گنج تيار ڪيو ويو ھو شاه جي رسالن مان گنج ڱي ئي موجوده دور ۾ مستند رسالو ڪري مڃيو وڃي ٿو
انب گوپانگ به پنھنجي علمي ادبي لياقت آھر گنج تي ٻيھر تحقيقات شروع ڪئي ۽ ان کي تصخيخ ڪئي پر معاشي حالتن ۽ مھانگي پريس جي ھئڻ ڪري ان کي ڪتابي صورت ۾ آڻي نه سگھيو ان کان علاوه شاه جي رسالي جي ڏکين لفظن جي لغت شاه جو ڊڪشن پڻ لکي تيار ڪيائين آھي .پاڻ شاعر کان علاوه ليکڪ دانشور پڻ آھي سندس ھڪ ڪتاب ڇپر جي ڇولي شاه جي سر مارئي تي ڪتابي صورت ۾ شاه لطيف چيئر ڪراچي وارن شايع ڪيو آھي ان کان اڳ پاڻ ڪرشن چندر جو مشھور ناول برھم پترا سنڌي ٻولي ۾ ترجمو ڪري شايع ڪرايو جيڪو سندس دوست گلزار خواجه جي تعاون سان شايع ٿيو.جنھن ۾ بنگال جي عظيم شاعر ٽئگور جي نظم کي به سنڌي ويس ڍڪايو ويو آھي .
انب جو علمي ادبي سفر اڃان جاري آھي سندس اڻ ڇپيل ڪتابن جو وڏو ذخيرو آھي سدائين سفر ۾ ھوندو آھي سندس مرڪز ڀٽ شاه رھيو آھي جتي سندس روحاني رمزون آھن ڪراڙ ڍنڍ جي پاسي ۾ برادي شيدي جي ميزباني ۾ رات ڏينھن اتي گذاري ڀٽ شاه جي فقيرن سان راڳ پڻ ڳائيندو آھي .

پهنجو تبصرو موڪليو