نوشهروفيروز (ڊ ر) ناليواري ليکڪ، لطيف جي پارکو اعجاز ممنائي جي شاھ ڀٽائي تي لکيل ڪتاب “اندر جي اندوھ” جي مھورت سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ نوشھروفيروز پاران پريس ڪلب ۾ ٿي گذري، تقريب ۾ شاعر ۽ اديب اصغر ڀٽي، گل مورو، امر امتياز ميمڻ، زاھد راڄپر مصدق سيال ۽ ٻين ڪتاب جو مھورت ڪيو. ان موقعي تي اصغر ڀٽي چيو ته ھن دور ۾ ڀٽائي کي پڙھڻ، پروڙڻ، انھن جي بيتن جي تشريح ڪرڻ ته وڏي ڳالھ آھي پر ھاڻي ڀٽائي جا بيت رڳو صحيح پڙھڻ ئي وڏو مسئلو آھي، اتي اعجاز ممنائي ڀٽائي کي پڙھي، پروڙي، ڀٽائي جي ڪردارن سميت رسالي ۾ ذڪر ھيٺ آيل ڪردارن، شين، جذبن، اڌمن تي لکي وڏو ڪم سرانجام ڏنو آھي. ھن چيو ته ڀٽائي ڌرتي، ماضي، حال ۽ مستقبل جو شاعر آھي. صاحب ڪتاب اعجاز ممنائي چيو ته موجوده دور ۾ لطيف سرڪار جو پيغام عام ڪرڻ جي ضرورت آھي ڇاڪاڻ ته اڄ جو نسل لطيف کي ڏکيو سمجھي ٿو پر مون لطيف کي سولو ڪري پيش ڪيو آھي. ھن چيو ته ھن ڪتاب آڻڻ لاءِ تمام گھڻو ڀوڳيو آهي پر ڪتاب آڻڻ مون پنھنجو فرض سمجھيو جيڪو نڀايو آھي شاعر ليکڪ گل مورو چيو ته اعجاز ممنائي جي ڪتاب ۾ مطالعي ۽ مشاھدي جي کوٽ باوجود ڀٽائيءَ تي تمام سٺي انداز ۾ لکيو ويو آھي شاعر ۽ نامياري وڪيل امر امتياز ميمڻ چيو ته اعجاز ممنائي ڀٽائي تي نور نچوئي ھڪ تاريخي ڪم ڪيو آهي جنھن سان ايندڙ نسل کي تمام وڏو فائدو ٿيندو صحافي ۽ ليکڪ زاھد راڄپر چيو ته اعجاز ممنائي ڀٽائي تي تمام بھتر انداز ۾ ڪم ڪيو آهي، ھن ڀٽائي جي فلسفي فڪر ۽ پيغام کي سادن لفظن ۾ لکي عام پڙھڻ جي پڙھڻ ۽ انھن کي سمجھڻ جھڙو ڪيو آھي، ھن چيو ته ماضي جي ٻولي ۽ موجوده ٻولي ۾ فرق ھجڻ ڪري ڀٽائي نئين نسل کان پري ٿيندو پيو وڃي پر اعجاز ممنائي ڀٽائي تي آسان نموني لکي ڀٽائي جو پيغام نئين نسل ڏانھن منتقل ڪيو آھي جنھن تي قوم کي فخر ھجڻ گهرجي تقريب کي پروفيسر رياض حسين شاھ، ارباب ملاح، گل بقا عمراڻي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.










