شاهراهه ڀٽو، فني ٽيم جي تجويزن تي وڏو وزير فيصلو ڪندو

شاهراهه ڀٽو، فني ٽيم جي تجويزن تي وڏو وزير فيصلو ڪندو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڊپٽي ميئر ڪراچي سلمان عبدالله مراد چيو آهي ته سنڌ جو وڏو وزير شاهراھ ڀٽو جي معاملي بابت ٽيڪنيڪل ٽيم جي تجويزن تي آخري فيصلو ڪندو.ڳالهائيندي ڊپٽي ميئر سلمان عبدالله مراد چيو ته قائد آباد کان ايم-9 تائين شاهراھ ڀٽو تي ڪم جاري آهي،شاهراھ ڀٽو تي جام ڳوٺ جي ويجهو هڪ مسئلو هو، جنهن جو ٽيڪنيڪل ٽيم ڪالهه معائنو ڪيو، هاڻي سنڌ جو وڏو وزير ٽيڪنيڪل ٽيم جي تجويزن تي آخري فيصلو ڪندو.ڊپٽي ميئر چيو ته ڪورنگي ڪاز وي ملير ندي جي پاڻي جي ڪري بند ٿي ويو هو، عوام کي جام صادق پل ذريعي آندو پيو وڃي، ڪاز وي اڄ رات يا سڀاڻي صبح تائين کوليو ويندو، جڏهن ته بعد ۾ ڪاز وي کي شاهراھ ڀٽو سان به ڳنڍيو ويندو.سلمان مراد چيو ته سوئي گئس لائين وڇائڻ لاءِ سڀني شهرن کان اين او سي ورتي، ۽ جنهن شهر کي روڊ ڪٽنگ جي صورت ۾ پئسا مليا اهو روڊ ٺاهڻ جو ذميوار آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو