سکر(ن سنڌيار) ڇهارا منڊي ويجهو هندو برادري سان تعلق رکندڙ 18 ورهين جي پوڄا ڪماري کي شادي کان انڪار تي سندس چاهيندڙ واحد بخش لاشاري گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. سکر پوليس موجب حملي آور جي سڃاڻپ بعد کيس گرفتار ڪيو آهي، هن جا ٻه ساٿي روپوش آهن جن جي گرفتاري لاءِ ڪوشش ٿي رهي آهي. جوابدار واحد بخش لاشاري پنهنجي ساٿين سميت پوڄا ڪماري جي گهر ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪئي. اختيارين جو چوڻ هو ته جوابدار پوجا ڪماري سان شادي ڪرڻ چاهي پيو پر هن ائين ڪرڻ کان انڪار ڪيو. جوابدار کي پوليس مقامي عدالت ۾ پيش ڪري 10 ڏينهن جو جسماني رماند حاصل ڪيو آهي. ڇوڪري جي والد جو چوڻ آهي ته پوليس ايف اءِ آر ۾ جيڪي قلم لاڳو ڪيا آهن انهن تي رڳو 3 مهينا سزا ٿي سگهي ٿي، هي قتل جو ڪيس آهي.

انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ ڪامريد امر لال ٻڌايو ته پوڄا هڪ غريب خانه بدوش خاندان سان تعلق رکي ٿي سندس والده ڇهارا منڊي ۾ مزدوري ڪري گزر بسر ڪندي آهي، سندس والده اڄ ڪم تي وئي ته پوڄا کي گهر ۾ اڪيلو ڏسي کيس اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ مذاحمت تي کيس مٿي ۾ ٽي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو. هن چيو ته جيڪڏهن هوءَ اغوا ٿي وڃي ها ته ٻئي ڏينهن اسان اها خبر پڙهون ها ته هن رضا خوشي سان مسلمان ٿي شادي ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته هي پهريون اهڙو واقعو ناهي اڳ ۾ به اهڙا ڪيس ٿيا آهن پر حڪومت ۽ پوليس جي نا اهلي سبب احرا واقعا معملو بڻيل آهن.










