سڄي ملڪ جيان سنڌ ۾ به هولي جو ڏڻ ملهايو ويو، وطن لاءِ دعائون

سڄي ملڪ جيان سنڌ ۾ به هولي جو ڏڻ ملهايو ويو، وطن لاءِ دعائون

ميرپور ماٿيلو(ن سنڌ يار)پوري ملڪ  جيان سنڌ جي هر شهر ۾ هندو برادري جي مرد توڙي عورتن هڪ ٻئي کي رنگ هڻي هولي جون واڌايون پُڻ ڏنيون. مير پور پاٿيلو  به هندو برادري پاران رنگ برنگي هولي جو ڏڻ وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، جڏهن ته هندو برادري جي مرد توڙي عورتن هڪ ٻئي کي رنگ هڻي هولي جون واڌايون پُڻ ڏنيون.ان موقعي تي هندو برادري جي شنڪر لعل، بسنت راٺوڙ، پرديپ ڪمار، ڪرشن لعل، اجيت ڪمار، وشال ڪمار ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته ميرپور ماٿيلو ۾ هندو مسلم گڏجي ڪري هولي جو ڏڻ وڏي ڌام ڌوم سان ملهائيندا آهن، ۽ بغير ڪنهن مذهب جي هولي ڏڻ ملهائيندا آهيون، اسان جي پياري ملڪ پاڪستان ۾ رهندڙ هندو ڀائرن کي ڪا به تڪليف ناهي ۽ نه ئي ڪا پريشاني آهي، هتي اسان سڀ پاڻ ۾ ڀائر آهيون.هنن وڌيڪ چيو ته مالڪ پاڪ کان دعا آهي ته هميشه اسان جي ملڪ پاڪستان کي خوشحال ۽ هميشه سلامت رکي، آمين.  

پهنجو تبصرو موڪليو