سڄي دنيا ۾ هولي جا رنگ، سنڌيار جي پڙهندڙن کي مبارڪ

سڄي دنيا ۾ هولي جا رنگ، سنڌيار جي پڙهندڙن کي مبارڪ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)اڄ سڄي دنيا وانگر پاڪستان ۾ به هندو برادري هولي جو ڏڻ ملهائي رهي آهي. ان موقعي تي پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار هندو برادري کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هي عيد سماج ۾ ڀائيچاري کي فروغ ڏئي ٿي. پنهنجي پيغام ۾ وڏي وزير چيو ته مختلف عيدون گڏيل طور تي ملهائڻ سان محبت ۽ اتحاد کي هٿي ملندي آهي. هن چيو ته مختلف عقيدن سان تعلق رکندڙ ماڻهو برابر جا شهري آهن ۽ هندو برادري ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته سڀني مذهبي اقليتن کي مڪمل تحفظ ۽ مذهبي آزادي حاصل آهي ۽ انهن کي ترقي جا برابر موقعا فراهم ڪري قومي ڌارا ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو