سپريم ڪورٽ جوآئيني فيصلو ۽ ڪپتان جي پريشاني

سپريم ڪورٽ جوآئيني فيصلو ۽ ڪپتان جي پريشاني

سيد زوار حسين شاهه                                    

 جڏهن به پاڪستان اندر ڪو به آئيني مسئلو پيدا ٿيو آهي ان کي وري به آئيني طريقي سان ئي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ، جڏهن به ڪيترو به مشڪل وقت هجي ، برحال سينيٽ اليڪشن ڪرائڻ لاء اليڪشن ڪميشن جو ته اهم ڪردار  رهي ٿو پر اتي ٻين ادارن جي به اها زميواري آهي ته به پنهنجو آئيني ڪردار ادا ڪن  جيڪو ٿيندو پيو اچي پر هي پيارو پاڪستان جنهن م اسن رهون ٿا اتي شايد ڪافي مسئلا آهن جڏهن به اليڪشن ٿي  شڪست کائيندڙ شڪست تسليم ناهي ڪندو هڪ ٻئي مٿان بهتان الزام تراشي  بس ميڊيا اڳيان اچي  ڪامياب ٿيندڙ پوء ڪهڙي به جماعت سان تعلق هجي  بس الزام تراشي ، منهنجي نظر م پاڪستان جي وزيراعظم جناب عمران خان پهريون مرتبه هڪ تاريخ رقم ڪرن ٿي چاهي ته اوپن هينڊ سينٽ اليڪشن م   ووٽ ڪاست ٿئي پر اپوزيشن ان جي مخالفت ڪئي جيڪا انهن جي آئيني اختيار آهي ، پر هڪ ڳالهه ته ٿيڻ ته اهو گهرجي ته جڏهن به فيصلو ٿئي ان وقت جي اپوزيشن جماعتن کي به شامل ڪرڻ گهرجي  پاڪستان جي وزيراعظم جناب عمران خان منهنجي نظر م پارليامينٽ کي به ڄڻ باڀ پاس ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي هجي ، مثال پاريمينٽ موجود هوندي به انهن کي ڪو اختيار ئي ناهي انهن کان ڪو مشورو به نه ورتو ويو جيڪڏهن تمام سياسي پارٽين کي اعتماد ۾ وٺي اهو ئي فيصلو ٿئي ها جنهن م اوپن هينڊ استعمال ڪري ڪنهن کي به سينٽر بنائين يا چيئرمين سينٽ بنائين ، پر پوء به مان عرض ڪندس ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي قابل احترام جج صاحبان تاريخي فيصلو ٻڌايو آهي جنهن کان پوء اهو ته فيصلو اچي چڪو آهي ته هاڻ سينيٽ اليڪشن اوپن هينڊ نه ٿيندو ، سيڪريٽ ووت ڪاسٽ ٿيندو ، جڏهن ته مان سمجهان ٿو ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي هن تاريخي فيصلي کان پوء پاڪستان جي وزيراعظم جي ڪيل جوڙيل حڪمت عملي  ناڪام ٿي هوندي ۽ اپوزيشن منهنجي نظر ۾ ائيني جنگ کٽڻ م ڪامياب ٿي آهي هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته سينيٽ اليڪشن م ڪاميابيون ڪنهن کي نصيب ٿين ٿيون ، وزيراعظم عمران خان سينيٽ چونڊن جي سلسلي ۾ قومي اسيمبلي ميمبرن سان ملاقاتن جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب وزيراعظم سينيٽ چونڊن تي حڪمت عملي جوڙي ڇڏي آهي، هو جلد پارليامينٽ هائوس ۾ ميمبرن سان ملاقاتون ڪندو، انهن جا مسئلا ٻڌندو ۽ خدشا ختم ڪندو. سينيٽ چونڊن جي ڪري سياسي سرگرميون تيز ٿي ويون آهن، هڪ پاسي حڪومت پنهنجي اتحادين سان رابطا وڌائي ڇڏيا آهن ته ٻئي پاسي مخالف ڌر به گڏجاڻيون ڪري رهي آهي، ان کان علاوه سينيٽ اليڪشن اوپن بيلٽ وسيلي ڪرائڻ بابت صدارتي ريفرنس تي سپريم ڪورٽ اڄ پنهنجي راءِ ڏيندي. ٻئي طرف پي ڊي ايم اميدوار يوسف رضا گيلاني جي ڪاميابي لاءِ مولانا فضل الرحمان سان چيئرمين پيپلزپارٽي بلاول ڀٽو زرداري، شاهد خاقان عباسي ۽ راجا پرويز اشرف ملاقات ڪئي آهي. سينيٽ چونڊن ۾ ڪاميابي لاءِ پي ڊي ايم متحرڪ ٿي وئي آهي ۽ ملاقاتن جو سلسلو به تيز ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مولانا فض الرحمان سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئِي آهي، ان موقعي تي سيد يوسف رضا گيلاني ۽ فرحت الله بابر به موجود هئا، ملاقات ۾ سينيٽ چونڊن بابت حڪمت عملي تي خيال جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بعد ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته پي ڊي ايم چونڊ اتحاد ناهي، صرف تحريڪ جو نالو آهي، اسان جون سموريون جماعتون صوبن ۾ سينيٽ چونڊن لاءِ متحرڪ آهن ۽ گڏيل حڪمت عملي تحت سينيٽ جون چونڊون وڙهي رهيون آهن. هن چيو ته سينيٽ چونڊن جي حوالي سان حڪومتي صفن ۾ مايوسي آهي، پي ڊي ايم عوام جي حقن ۽ مهانگائي ۽ بيروزگاري جي خلاف آواز اٿاري رهي آهي، موجوده حڪمرانن مان ڇوٽڪارو ملڪ ۽ عوام جي وڏي خدمت هوندي، اسان گڏيل اميدوارن کي اڳتي وڌايو آهي، اميد آهي ته اليڪشن ۾ سٺا نتيجا ايندا، سينيٽ چونڊن بعد مستقبل جي حڪمت علي واضح ڪئي ويندي ۽ پي ڊي ايم جا سربراهي اجلاس ٿيندا. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پي ڊي ايم حڪومت کي هر ميدان تي چئلينج ڪيو آهي، ضمني چونڊن ۾ حڪومت کي ڪي پي ڪي کان پشين تائين شڪست ڏني، ان مان ثابت ٿي ويو ته پاڪستان جو عوام حڪومت سان نه پر پي ڊي ايم سان گڏ آهي، اهڙي طرح پارليامينٽ ميمبر به حڪومت سان گڏ ناهن، بلڪه پي ڊي ايم سان گڏ آهن، اميد آهي ته سينيٽ چونڊن ۾ اسان جا اميدوار حيران ڪندڙ نتيجا آڻيندا، اسان موجوده حڪومت کي گهر موڪلڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين، وزيراعظم کي گهر موڪلي عوامي حڪومت قائم ڪنداسين. ان کان اڳ مولانا فضل الرحمان سان شاهد خاقان عباسي ۽ راجا پرويز اشرف ملاقات ڪئي، جنهن ۾ فيصل ڪريم ڪنڊي، مولانا لطف الرحمان، مفتي ابرار احمد به موجود هئا.  ذريعن موجب ملاقات ۾ سينيٽ چونڊن ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ بابت مشاورت ڪئي وئي، اسلام آباد مان پي ڊي ايم اميدوار يوسف رضا گيلاني جي ڪاميابي بابت حڪمت عملي به ڪئي وئي، لانگ مارچ جي تيارين جو جائزو به ورتو ويو      سينيٽ چونڊن کان اڳ جي ڊي اي ناراض اڳوڻن کي پرچائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ان سلسلي ۾ جي ڊي اي جي ناراض ايم پي اي علي گوهر خان مهر کي پرچائن لاءِ جي ڊي اي سربراہه پير پاڳارو ڪراچي ۾ وفد سميت علي گوهر مهر جي گهر پهچي ويو وفد ۾ مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جو صدر صدرالدين شاھ راشدي، ايم پي اي راشد شاهه راشدي، پي ٽي آءِ جو سينيٽ جو اميدوار سيف الله ابڙو، ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم، ذوالفقار مرزا،ايم اين اي غوث بخش خان مهر ، عرفان اللہ مروت، نصرت سحر عباسي، سردار رحيم، شهريارمهر، حسنين مرزا ۽ ٻيا اڳواڻ شامل هئا ان موقعي تي جي ڊي اي سربراہ پير پاڳارو ۽ ٻين اڳواڻن جي ڊي اي جي ناراض ايم پي اي سردار علي گوهر خان مهر کي پرچائڻ ۽ سينيٽ چونڊن ۾ حمايت ڪرڻ لاء چيو، ذريعن موجب جي ڊي اي ايم پي اي علي گوهر خان مهر جي ڊي اي وفد آڏو پنهنجا خدشا رکيا ۽ جي ڊي اي آڏو مختلف خدشن جو اظهار ڪيو ذريعن موجب جي ڊي اي سربراہ پير پاڳاري ۽ ٻين اڳواڻن پاران علي گوهر مهر جا خدشا ختم ڪرڻ سميت کيس پرچائڻ ۽ سينيٽ چونڊن ۾ ووٽ ڏيڻ لاء پڻ چيو، ان سلسلي ۾ ذريعن موجب پير پاڳاري علي گوهر مهر جا خدشا ختم ڪري کيس پرچائييندي کيس سينيٽ چونڊن ۾ حمايت ڪرڻ تي پڻ راضي ڪري ورتو ،  برحال مان سمجهان ٿو ته سنيٽ اليڪشن جي نتيجن کان بعد ئي اصل خبر پوندي ته ڪير ٿو ڪاياب ٿئي جيڪڏهن  اپوزيشن کي ڪاميابيون ملن ٿيون ته پوء پاڪستان جي وزيراعظم جناب عمران خان لاء ڪيترائي مسئلا پيدا ٿيندا ، جڏهن ته سنڌ م ايم ڪيو ايم پاڪستان ءٌ  جي ڊي اي جو پڻ اهم ڪردار آهي ڏسڻو اهو آهي ته  ڪير ٿو ڪامياب ٿئي ،  برحال  پاڪستانن جو وزيراعظم جناب عمران خان هڪ ڪامياب ڪپتان آهي هو آخري وڪيٽ تي کيڏڻ ڄاڻي ٿو ، هن وٽ بهترين رانديگر آهن جيڪي آخري بال تي ڇڪو هڻي سگهي ٿو يا آخري بال تي  بولڊ ڪري سگهي ٿو جڏهن مان  سنڌ جي سماج سڌارڪ انساني حقن جي تنطيم جي سروان فقير محمد عباسي ، بهترين قلم ڪار راحب علي ڳاهو ، انور علي ناريجو اسد علي وساڻ علي امداد لاڙڪ منظور انصاري آصف علي شر ، گدا حسين سمون سهيل ميمڻ ، ڪريم ڏنو سهتو کان اليڪشن بابت پچيو ته انهن چيو ته  سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي قابل احترام جج صاحبان جيڪو تاريخي فيصلو ٻڌايو آهي ان کان بعد ڪپتان جي ته اها اميد ختم ٿي وئي ته اوپن هينڊ ووت ڪاسٽ ٿيندو پر اپوزيشن کي هڪ اميد جي ڪرن نظر اچي ٿي پاڪستان جي تاريخ تي ڪجهه نظر وجهنداسين ته جڏهن به اليڪشن ٿي اربين روپين يج عيوض چونڊيل نمائيندن پنهنجي ضمير جو سودو ڪري پنهنجو قيمتي ووت وڪيون آهي اها به ڪڙي حقيقت اهي ڪوئي تسليم ڪري يا نه ڪري ، فقير محمد عباسي پنهنيج زندگي جو تجربو هوندي ڪئي اليڪشن تي ڪڙي نظر رکندي  مسڪرائيندي چيو ته سينيٽ اليڪشن م وڏو امتحان اليڪشن ڪميشن جو اهي ، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي قابل احترام جج صاحبان واضع فرمايو آهي ته اليڪشن ڪميشن کي  صاف شفاف اليڪشن ڪرائني پوندي ، منهنجي نظر ۾ هي وڏي ۾ وڏو امتحان ڪپتان عمران خان لاء آهي ته هو راند ڪيئن ٿو کيڏي ، جيڪڏهن هارائي ٿو ته پوء هن کي وڌيڪ حڪومت ڪرڻ جو به شايد وڌيڪ موقعو نه ملي سگهي ، جڏهن ته سنڌ جي  شهر رانيپور ۾ سٽي ڊجيٽل  لائيو سيشن تي سينيٽ اليڪشن تي براه راست پروگرام نشر ڪري سوشل ميڊيا ذريعي آگاهي ڏيندا ، برحال مان ڪپتان کي پريشان ڏسي رهيو آهيان اليڪشن جو وقت به قريب آهي . جيڪو ڪامياب ٿيندو ان جي قسمت به چمڪي پوندي جيڪو شڪست کائيندو اهو گهر ڀيرو به ٿي سگهي ٿو

پهنجو تبصرو موڪليو