سي اي اي ٽن حصن ۾ تقسيم، ٽي نوان ڊپارٽمينٽ قائم

سي اي اي ٽن حصن ۾ تقسيم، ٽي نوان ڊپارٽمينٽ قائم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي کي ورهائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.نوٽيفڪيشن موجب پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي کي ورهائي ٽي نوان ڊپارٽمينٽ قائم ڪيا ويا آهن.نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ريگيوليٽري کاتو پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي جو حصو هوندو، ڪمرشل ايئرپورٽس کي پاڪستان ايئر پورٽ اٿارٽي جو حصو بڻائي الڳ ڊپارٽمينٽ بڻايو ويو آهي.نوٽيفڪيشن موجب ٽيون ڊپارٽمينٽ بورڊ آف سيفٽي انويسٽيگيشن آهي، جيڪو جهاز حادثن جي جاچ جو ڪم ڪندو آهي.ان کان علاوه سول ايوي ايشن، ايئرپورٽ اٿارٽي، بورڊ آف سيفٽي انويسٽيگيشن جي قيام لاءِ الڳ الڳ نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا آهن.فلائيٽ معيار، پائليٽ لائسنس، ايروڊروم ايئر اسپيس به سول ايوي ايشن اٿارٽي جو حصو هوندو، جڏهن ته هوائي قابليت، ايئر ٽرانسپورٽ ۽ ايرو ميڊيڪل به سول ايوي ايشن اٿارٽي جو حصو هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو