اسلام آباد(بيورو رپورٽ)آمريڪي اقتصادي جرنل بلومبرگ محمد اورنگزيب جي ناڻي واري وزير طور مقرري کي مثبت قدم قرار ڏنو آهي.اقتصادي جرنل بلومبرگ جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف جي نئين پروگرام کان اڳ محمد اورنگزيب جي مقرري مثبت قدم آهي، پاڪستان جي نئين ناڻي واري وزير جي مقرري ۾ سيڙپڪارن جي دلچسپي هئي.بلومبرگ موجب ناڻي واري وزير جي طور تي ٽيڪنوڪريٽ جي مقرري سان پاڪستان کي درپيش چئلينجز کي حل ڪرڻ ۾ مدد ملندي ۽ آءِ ايم ايف سان ڳالهين ۾ ناڻي واري وزير جو ڪردار اهم هوندو.بلوم برگ چيو آهي ته محمد اورنگزيب سڌارن لاءِ جيڪو ڪجهه ڪرڻو پوندو اهو ڪندو، سندس ماضي ڏيکاري ٿو ته هو ريئل اسٽيٽ ۽ پرچون ڪندڙن تي ٽيڪس لڳائڻ چاهي ٿو ته جيئن ٽيڪس جو دائرو وسيع ڪيو وڃي.بلاگبرگ موجب، نئون ناڻي وارو وزير نجڪاري جي عمل ۾ SIFC جي مدد ڪندو.










