سوڍل فقير انتقال ڪري ويو،اباڻي ڳوٺ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي

سوڍل فقير انتقال ڪري ويو،اباڻي ڳوٺ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي

نوابشاهه (ن س )نوابشاهه جي اسپتال ۾ بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويل ناليواري صوفي راڳي سوڍل فقير جو مڙهه مورو ويجهو اباڻي ڳوٺ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو،سوڍل فقير مختلف بيمارين وگهي نوابشاهه جي اسپتال ۾ گذريل رات زندگي جي جنگ هارائي ويو، سوڍل فقير جو مڙهه ڳوٺ لغاري بجراڻي ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، سوڍل فقير پنهنجي سريلي آواز ذريعي صوفياڻا ڪلام ڳائي لکين دلين تي راڄ ڪيو، سوڍل فقير شاهه لطيف جي شاعريءَ کي منفرد انداز ۾ ڳائي ماڻهن جون دليون موهيون سوڍل فقير جي وڇوڙي تي سندس مداح ڏک ۾ ورتل، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پاران صوفي راڳي سوڍل فقير جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار، وڏي وزير چيو ته سوڍل فقير صوفي بزرگ شاعرن کي بهتر انداز ۾ ڳايو، وڏي وزير پاران ڏک ۽ تعزيت جو اظهار ڪيوويو

پهنجو تبصرو موڪليو