سونيا حسين کي مداحن ماڌوري جي هم شڪل قرار ڌئي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ورسٽائل اداڪاره سونيا حسين کي مداحن ماڌوري ڊڪشٽ جي هم شڪل قرار ڏئي ڇڏيو. ناليواري اداڪاره سونيا حسين جڏهن پنهنجيون شادي جي لباس واريون تازيون تصويرون انسٽاگرام تي پوسٽ ڪيون ته مداحن ان پوسٽ تي تبصرا شروع ڪيا. ڪيترن ئي مداحن ان راءِ جو اظهار ڪيو ته سونيا انهن تصويرن ۾ بالي ووڊ اداڪاره ماڌوري ڊڪشٽ وانگر لڳي رهي آهي. ماڌوري سان مشابهت جو هڪ سبب اهو به هو ته سونيا جو انداز ۽ دلڪش مسڪراهٽ هنن تصويرن ۾ انڊين اداڪاره سان گهڻو ملندڙ هئي. ان کان اڳ ڪجهه مداحن پاران سونيا کي پاڪستاني پريانڪا چوپڙا پڻ قرار ڏنو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو