طفيل.مگسي
سوشلزم.۽ ڪميونزم ٻنهيء جو اصل فرانس آھي ۽ اتفاق سان ٻئي لفظ 19صدي جا آھن.
ڪميونزم جو لفظ ڪميونٽي کان نڪتل آھي.جنهن جو مفهوم اهو آھي ته جڏھن پيداوار ۽ پيداواري وسيلا ڪميونٽي وٽ ھليا وڃن ته اهڙي نظام کي“ڪميونزم “ڪوٺين ٿا.
جڏھن ته سوشلزم جو لفظ سوسائٽي کان نڪتل آھي.جنهن جو مفهوم اهو آھي ته جڏھن سموري ملڪيت .پيداوار ۽ پيداواري وسيلا سوسائٽي( society)جي هٿن ۾ هليا وڃن.
انهن ٻنهيء لفظن جو مطلب هڪ ئي ٿيئي ٿو.بس فقط ڪميونٽي ۽ سوسائٽي جو فرق آھي.
ياد رکيو وڃي ته ڪارل مارڪس ۽ اينگلز پنهنجن ڪتابن ۾ سوشلزم ۽ ڪميونزم ٻئي لفظ استعمال ڪيا هئا ۽ انهن جو انهن ٻنهيء لفظن کان هڪ ئي مقصد هوندو هو.
ليڪن ڪارل مارڪس“گوٿاپروگرام جي تنقيد“( Critique of the Gotha Program ) جي نالي سان هڪ ڪتاب لکيو.جنهن ۾ ڪميونزم ۽ ڪميونزم جي مٿين حصي جي باري ۾َٻڌايو.ليڪن لينن(Lenin)جڏھن ڪارل مارڪس جو اهو ڪتاب پڙھيو ته هن ڪميونزم جي هيٺين حصي کي سوشلزم ۽ ڪميونزم جي مٿين حصي کي نج ڪميونزم چوڻ شروع ڪري ڇڏيو.
*سوشلزم( Socialism ).
لارل مارڪس جي مطابق سوشلزم يعني ڪميونزم جو هيٺيون مرحلو يعني انقلاب کان پوء وارو مرحلو آھي.جتي جتي ڪميونسٽ انقلاب ته قائم ٿي وڃي ٿو.ليڪن ڪجه سرائيداري جون خاصيتون اڃان به معاشري ۾ رهن ٿيون.
*معاشري ۾ مزدور طبقي جي آمريت قائم رهي ته جيئن سرمائيدار ۽ جاگيردار وري اقتدار تي قبضو نه ڪري وٺن.
*معاشري ۾ “بورزوا“( Bourgeois)قائم ڪري ٿي.مطلب اهو ته جيڪو جيتري محنت ڪندو ان کي اوتري ئي اجرت ملندي يعني معاشري ۾ ڪنهن حد تائين اڻبرابري واري ورهاست رهندي.
*ڪميونزم( Communism).
ڪميونزم ڪارل مارڪس جي مطابق ڪميونزم جو مٿيون نرحلو آھي يعني ڪميونزم انقلاب جو اهو حيو آھي.جتي اهو انقلاب مڪمل ٿي وڃي ٿو ۽ جڏھن معاشري منجهان بک ۽ ڏک مڪمل طور تي ختم ٿي وڃن ٿا ۽ سرمائيدار به ختم ٿي وڃن ٿا ته پاڻھي پاڻ مزدور طبقي جي آمريت جي به ضروت ٿي پوي ۽ سموري دنيا اسٽيٽ ليس( stateless ) ۽ ڪيش ليس( (cashless ) سوسائٽي ٺاهي وڃي ٿي ۽ معاشري ۾ سو سيڪڙو مساوات ۽ برابري اچي وڃي ٿي.جيتوڻيڪ مزدور طبقو پنهنجي آمريت کي پنهنجي طاقت جي مقدار جي ڪميٽي ۾ تبديل ڪندي پاڻ پنهنجي آمريت جو خاتمو ڪري ڇڏيندو.ان حوالي کان مون کي ڪجه تحفطات آھن ته سوشلزم جي سان گڏ ئي جدلياتي وکري وڃن ٿا ته پوء اها تبديلي ڪيئن ٿيندي.
بهرحال اسان کي ڪارل مارڪس جي ان نظريي کان اهو پتو لڳائڻو آھي ته جيڪڏھن ڪنهن ملڪ ۾ انقلاب اڇي ٿو ته ان ملڪ ۾َسڀ کان پهرين سوشلزم يعني ڪميونزم جو هيٺيون حصو ايندو ۽ وري ان کانپوء ڪميونزم جو مٿيون حصو يعني ڪميونزم جو نفاذ ٿيندو.انهن ٻنهيء گروهن جو مقصد ته هڪ ئي آھي.ليڪن ڪم ڪرڻ جو طريقو الڳ الڳ آھي.ڪميونزم وسوشلزم جي سياسي عملن تي مختصر نگاه( (Every communist is a socialist but not every socialist is a communist) ٿيندو.ڪجه ائين آھي ته اينگلز ۽ مارڪس ٻئي گڏجي ڪري جرمني جي محنت ڪش مزدورن جي پارٽي ٺاهي جنهن جو نالو“جرمن سوشلسٽ اينڊ ڊيموڪريٽڪ ليبر پارٽي“رکن ٿا ۽ وري پوء ان پارٽي جي طرز تي ٻيون وڌيڪ مزدور پارٽيون وجود ۾ اچن ٿيون.ليڪن وري ڪجه عرصي کان پوء ان پارٽي ۾ اختلاف پيدا ٿي ويو ۽ اهو اختلاف ٻن ليڊرز جي سبب کان ٿيو.جيڪي مارڪس ۽ اينگلز کانپوء سڀ کان وڏا ليڊرز هئا.جن هن ڄڻ ته مارڪس و اينگلز جو هر ڪراب زباني ياد ڪري رکيو هو.انهن ٻنهي لفظن(ڪميونزم)۽ (سوشلزم) جي موجوده دور ۾ جيڪڏھن ڪو شخص اوهان کي اهو چئي ٿو ته مان سوشلسٽ(Socialist)آھيان يا وري ڪميونسٽ( Communist) آھيان ته انهن ٻنهيء لفظن جا مختلف مطلب ٿيندا.ياد رکيو وڃي ته هر ڪميونسٽ سوشلسٽ هوندو آھي.ليڪن هر سوشلسٽ ڪميونسٽ ناهي هوندو.(Every communist is a socialist but not every socialist is a communist) ليڪن هر ڪميونسٽ جو اهو عقيدو هوندو آھي ته سوشلزم سرمائيداري نظام ڪميونزم جي وچ ۾ اهو حصو ۽ دور آھي.جنهن کان گذرندي انقلاب نج ۽ اصل ڪميونزم ڏانهن وڃي ٿو.ڇوته ڪميونسٽ سوچي ٿو ته اهو معاشرو جتي ڪيترن ئي سالن کان بدمعائشن جي حڪومت هجي.اتي فورن اسٽيٽ ليس( stateless)سوسائٽي نٿي بڻجي سگهي.انهيء ڪري طاقت جي خلا کي پورو ڪرڻ جي لاء عارضي طور تي مزدور طبقي جي آمريت ضروري آھي.
منهنجا خيال( My Views).
انهن نهيء ليڊرن جو نالو ايڊورڊ برنسٽائين( Eduard Bernstein )۽ ڪارل ڪائوسڪي( Kautsky ) هئا.انهن جي مطابق هينئر سرمائيداري نظام.ان اسٽيج تائين پهچي چڪو آھي ته اسان کي هاڻي ضروري ناهي ته انقلاب آڻيون.۽ مزدور طبقي جي آمريت قائم ڪيون بلڪ ان جي ڀيٽ ۾ گهرجي ته اسان پارليامينٽ جي وسيلي حڪومت ۾ اچون ۽ پوء سڌارن( Reforms)جي وسيلي مزدور طبقي جو استحصال ختم.ڪري(خاص و خاص)“ايڊورڊ برنسٽائين)اها ڳاله ڪئي ته سرمائيداراڻو نظام اهڙي بلا آھي ته جيڪا پنهنجي داخلي ٽڪرائن جي سببب وکري ته وڃي ٿي.ليڪن مختصر عرصي ۾ ئي گذريل دور کان وڌيڪ مضبوط ۽ طاقتور ٿي ڪري ڄمي بيهي رهندي آھي.(مان ذاتي طور تي ايڊورڊ جي ان ڳاله سان اتفاق ڪريان ٿو)هونئن به جيڪڏھن عملي طور تي ڏٺو وڃي ته مارڪس جون ڪافي اڳڪٿيون غلط ثابت ٿيون.جنهن کانپوء لينن روس جي حالتن جي مطابق ڪميونزم ۾ ڪجه سڌارا ڪيا۽ پنهنجي سامراج نالي ڪتاب ۾ ڪيترن ئي سوالن جا جواب پڻ ڏنا.۽ ڪميونسٽن جو اهو مڃڻ هئو ته جيڪڏھن سوسائٽي ۾ مزدور طبقي جو استحصال گهٽو ڪرڻو آھي ته ۽ وسيلن تي قبضو ڪرڻو آھي ته ان جي لاء ضروري آھي ته ملڪ ۾ هڪ سوشلسٽ انقلاب(socialist revolution )برپا ڪيو وڃي. مجموعي طور تي اڄ جي دور ۾ ڪميونسٽ ان کي سڏيو وڃي ٿو.جيڪو انقلاب جي وسيلي مزدور طبقي جي آمريت چاهين ٿا ۽ سوشلسٽ اهي جيڪي پارليامينٽ جي وسيلي محض سڌارا ( Reforms)چاهين ٿا.ياد رکيو وڃي ته اڄڪله جا سوشلسٽ پنهنجو پاڻ کي سوشل ڊيموڪريٽڪ(Social Demonstrate ) به سڏين ٿا.
انهن ٻنهيء گروهن جو مقصد ته هڪ ئي آھي.ليڪن ڪم ڪرڻ جو طريقو الڳ الڳ آھي.
“چا پاڪستان جي لاء حل پارليماني سياست آھي؟
Is parliamentary politics the solution for Pakistan
انهن ٻنهي نظرين جي حوالي کان منهنجا اهي خيال آھن ته پارليامينٽ جي وسيلي انقلاب آڻڻ غلط ئي نه بلڪ بيوقوفي آھي.خاص طور کان پاڪستان جهڙن پٺي پيل ملڪن ۾ ڇوته اوهان جي سموري پارلياماني نظام عدالتي غدارن ۽ بدمعاشن سان ڀريو پيو آھي ۽ ھونئن به ڪارل مارڪس اها ڳاله کلي ڪري چئي هئي ته.
Capitalism Democracy is the institution and sect of
ان کانپوء اهڙن خيالن تي پنهنجو سيمان رکڻ سراسر بيوقوفي آھي.ڇاڪاڻ ته اڄ جي دور ۾ پارليامينٽ ۽ جهموريت سرمائيدارن جي خرچ تي تتجي رهيون آھن ته پوء اوهان ڪيئن ان نظام جي تحت مزدور طبقي جي آمريت آڻي سگهو ٿا؟ياد رکو ته بدمعاش ڪڏھن به پنهنجي سيٽ ناهي ڇڏيندو؛؛؛










