سوشلزم جي رومانویت ۽ وینزویلا جي تباهي!

 سوشلزم جي رومانویت ۽ وینزویلا جي تباهي!

طفيل مگسي
جیتوڻيڪ آء پاڻ زندگي جو وڏو حصو سوشلزم ۽ ڪميونزم جي پرچار ڪندي گذاريو آهي ۔مگر ڪڏهن ڪڏهن اها سوچ ذهن تي غالب ٿي ويندي آهي ته بيشڪ سوشلزم يا ڪميونزم جو نظريو بلڪل پنهنجي جاء تي ڀهترين نظريو آهي۔باوجود ان جي اهو نظريو جتي به قائم ٿيو اهو بقاء چو نه ڪري سگهيو۔اهائي شيء آهي جنهن تي لکڻ جي ڪجه جسارت ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو۔منهنجي چوڻ مقصد اهو آهي ته سوشلزم ۽ ڪميونزم کي اٽڪل هڪ صديء کان وڌيڪ عرصي کان ”انصاف۔برابري ۽ مساوات“ جي نعري سان گڏ سدائين پيش ڪيو ويندو رهيو آهي ۽ اهي نعرا ايترا ته خوبصورت۔دل موهي وجهندڙ ۽ دماغ کي فريش ڪري چڏيندڙ هوندا آهن ته جيڪي اڪثر ڪري پٺتي پيل ۔مايوس ۽ رياستي ناڪامين کان تنگ معاشرن ۾ تمام ستت ئي مقبوليت جو مقام حاصل ڪري وٺندا آهن۔مگر تاريخ۔معشيت ۽ عالمي سياست جي ننگي حقيقت اها آهي ته نظريا جتي به عملي اقتدار ۾ آيا۔اتي جذبن پاليسي جي جڳھ ولاري چڏي۔ نعرا حڪمت عملي بڻجي ويا ۽ انجام ڪار رياستون بربادي۔جبر ۽ ڏيوالي جون شڪار ٿيون۔ جنهن جو نئون۔زنده ۽ خوني مثال وينزويلا آهي۔ 
وينزويلا ڪو غريب۔وسيلن کان محروم ملڪ نه هو بلڪ اهو دنيا جو سڀ کان وڏا تيل جا ذخيرا رکندڙ ملڪ هو۔لاطيني امريڪا جي امير ترن معشيتن ۾ شمارٿيندو هو ۽ پرڳڻي جي ملڪن کان محنت ڪش اتي روزگار جي ڳولا ۾ ايندا هئا۔مگر هيوگو شاويز کان شروع ٿيڻ وارو نام نهاد”بوليوارين انقلاب“ اصل ۾ معاشي عقل۔ اداره جاتي نظم ۽ حقيقت پسنداڻي رياست ڪاري  جي خلاف هڪ مسلسل جنگ ثابت ٿيو۔تيل جي دولت کي پيداوار۔صنعت۔سائنس ۽ انساني سرمايي ۾ لڳائڻ جي بجاء سياسي وفاداري خريدڻ۔سبسڊي جي نشي ۽ رياستي ڪنٽرول جي جنون ۾ ٻوڙيو ويو۔
سوشلزم جو بنيادي مسئلو اهو ناهي ته اهو اميرن تي تنقيد ڪندو آهي بلڪ هيء آهي ته اهو محنت۔پيداوار۔منڊي۔ترغيب ۽ انساي فطرت کي نظرانداز ڪري هڪ خيالي فرض ڪري وٺي ٿو۔جيڪو نه لالچ رکي ٿو۔نه طاقت چاهي ٿو۔نه مفاد۔نتيجو اهو نڪري ٿو ته نظام ته ”برابري “ جو نعرو هڻي ٿو۔مگر عمل ۾ هڪ نئين اشرافيه پيدا ٿي وڃي ٿي۔پارٽي ليڊرشپ۔جرنيل۔ڳجها ادارا ۽ رياستي ڪارپوريشنن تي قابض مافيا۔سو وينزويلا ۾ به اهوئي ٿيو۔فوج۔تيل ڪمپنيون۔خوراڪ جي پهج۔بندرگاهون ۽ اسمگلنگ جا رستا سڀ”انقلابين“جي هٿ ۾ هليا ويا۔جڏهن ته عوام جي حصي ۾ خالي دڪان۔مهانگائي۔خوف ۽ لڏپلاڻ آئي۔
اها محض معاشي ناڪامي نه هئي بلڪ اهو هڪ مڪمل سياسي ۽ اخلاقي زوال هو۔جڏهن معشيت ڪرندي آهي ته سوشلسٽ رياستون۔آئين۔عدليه ۽ چونڊن کي چٿي چڏينديون آهن۔چاڪاڻ ته انهن وٽ عوام کي ڏيڻ جي لاء ماني ناهي هوندي ته اهي لٺيون ڏيندا آهن۔هٿرادو چونڊون۔مخالف ڌر جي گرفتاري۔ميڊيا جي ڳچي وٺڻ ۽ رياستي شدد۔اهي سڀ ”انقلاب“ جا لازمي آواز بڻجي وڃن ٿا۔وينزويلا ۾ لکين ماڻهو ملڪ چڏڻ تي مجبور ٿيا۔
هتي هڪ بنيادي نڪتو سمجهڻ ضروري آهي۔امريڪا يا مغرب تي تنقيد بذات پاڻ ڪا پاليسي ناهي۔عالمي نظام سان ٽڪرائڻ تڏهن ئي ممڪن آهي۔جڏهن اوهان وٽ مضبوط معشيت۔ادارا۔ٽيڪنالوجي ۽ داخلي اتفاق هجي۔سوشلزم ۽ اسلامزم ساڳئي بنيادي غلطي ۾ هڪجهڙا آهن۔اهي پاڻ کي اخلاقي طور تي برتر سمجهي ڪري طاقت جي توازن۔عالمي منڊي ۽ رياستي نظم کي نظرانداز ڪري چڏيندا آهن۔پوء جڏهن پابنديون لڳن ٿيون۔سرئمايو هٿان وڃي ٿو ۽ ڪرنسي ڪري ٿي ته الزام سدائين ”ٻاهرين سازش“تي هنيو وڃي ٿو۔مگر پنهنجي ناڪامي تي نه۔
پاڪستان ۾ سوشلزم سان رومان به انهيء فڪري  جي سوچ جي نشاني آهي۔هتي اڃا به پوڙها ۽ نوجوان مارڪس۔لينن ۽ چي گويرا جا پوسٽر کنيون گهمن ٿا۔مگر اهو سوال نٿا ڪن ته انهن نظرين ڪٿي پائيدار خوشحالي ڏني؟ڀٽو دور جي نيشنلائزيشن هجي يا وينزويلا جو تيل وارو سوشلزم۔نتيجو هڪ ئي۔نڪتو۔ادارن جي بربادي۔نا اهلي۔سياسي ڀرتيون ۽ ڊگهي عرصي وارو معاشي زوال۔مگر چاڪاڻ ته”برابري“ وارو نعرو اخلاقي لذت ڏيندو آهي۔ان ڪري ناڪامين تي پردو وڌو ويندو آهي۔
حقيقت اها آهي ته اڄ جو دور لبرل ڊيمو ڪريسي۔منڊي جي معشيت۔ادارن جي شفايت ۽ عالمي (integration) جو دور آهي۔اهو نظام ڪامل ته ناهي۔مگر هينئر تائين انسان جيڪي ڪجھ بهتر بڻايو آهي۔اهو انهيء فريم ورڪ ۾ بڻايو آهي۔ان جي مقابلي ۾ سوشلزم هڪ ختم ٿيل تاريخي تجربو آهي۔جيڪو هر ڀيري نون چهرن سان گڏ پراڻا حادثا ورجائي ٿو۔
پچاڙي ۾ افسوسناڪ پهلو اهو آهي ته پاڪستان جا ڪيترائي دانشور۔صحافي ۽ اينڪر ڳوڙهي ٿجربي جي بجاء جذباتي۔سطحي ۽ ”مقبول“ ڳالهيون وڪڻي۔رهيا آهن۔امريڪا کي گار ڏيڻ آسان آهي۔مگر وينزويلا ۔ڪيوبا ۽ پنهنجي نيشنلائزيشن جي ناڪامين تي ڳالھ ڪرڻ مشڪل۔حالانڪ دانشور جو ڪم واه واه گڏ ڪرڻ ناهي هوندو بلڪ ڪڙو ۽ سخت سچ چوڻ هوندو آهي۔چاهي اهو غير معمولي ئي چو نه هجي۔
”حق سدائين مقبول ناهي ٿيندو ۽ جيڪو صرف مقبول ڳالھ ڪري۔اهو اڪثر مخلص ناهي هوندو۔“ 
وينزويلا جي تباهي ڪنهن هڪ سازش جو نتيجو ناهي بلڪ سوشلسٽ ذهنيت۔آمراڻي اقتدار ۽ معاشي جهالت جي گڏيل پيداوار آهي۔جيڪڏهن اسان ان کان سبق نه سکيو ته اسان به نعرا هڻندي رهجي وينداسين ۽ تاريخ اسان کي به انهيء صف ۾ بيهاري چڏيندي ۔جتي ناڪام نظرين جي مٽي واري ڍير هيٺان قومون دٻيون پيون آهن۔ 

پهنجو تبصرو موڪليو