بيروت (ويب ڊيسڪ)يورپي ملڪ سوئيڊن علائقائي ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکندي لبنان جي راڄڌاني بيروت ۾ سفارتخانو بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا موجب، سوئيڊش پرڏيهي وزارت بيروت ۾ موجود سفارتي عملي کي قبرض وڃڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. سوئيڊش پرڏيهي وزير سرڪاري رڊيو سان ڳالهائيندي چيو ته لبنان ۾ موجود سوئيڊش شهري جيترو جلدي ٿي سگهي اتان نڪري وڃن. هن چيو ته سفارتخانو بند ڪرڻ جو فيصلو ابتدائي طور آگسٽ جي مهيني لاءِ ڪيو ويو آهي، سفارتخاني جي بندش ۾ سيڪيورٽي صورتحال کي نظر ۾ رکندي واڌ ٿي سگهي ٿي. سندس چوڻ هوته لبنان ۾ سفارتخاني کي عارضي طور تي ڪنهن ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ جو منصوبو آهي، پرڏيهي وزارت صورتحال کي مانيٽر ڪري رهي آهي.










