سنڌ ۾ ظلم جي گرمي ۽ بجليءَ جو بحران

سنڌ ۾ ظلم جي گرمي ۽ بجليءَ جو بحران

اعجاز ممنائي
سنڌ ۾ سج پنهنجي انتها تي اچي ويو آهي، ڪانءُ جي اک پئي نڪري، گرمي پنجاهه ڊگرين تائين پهچي وئي آهي،ڳوٺن توڙي شهرن ۾ بجليء جو شدد بحران آهي. شهرن ۾ پندرهن کان ارڙهن ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ آهي جڏهن ته ڪيترن ڳوٺن ۾ سال ٿي ويا آهن، ڪنهن کي خبر ناهي ته بجلي ڇا آهي!
اسانجي ضلعي سميت ڪجهه ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرز هينڊ آئوٽ جاري ڪيا آهن ته چونڪن ۽ اهم جاين تي پاڻيء جون سبيلون لڳايو، اسڪول جو وقت ساڍي ستين کان 12 وڳي تائين ڪريو اسڪولن م پنکن جو انتظام ڪريو وغيره۔ اهي سڀ عمل بهتر آهن پر سڀ ماڻهو اسڪولن ۾ ڪونهن ۽ ٻيو ته هر چونڪ ۽ شهر ۾ به ڪونهن جيڪي ٿڌو ۽ مٺو پاڻي پيئن۔ کليل علائقن ۾ گرميء جي شدت تمام گهڻي هجي ٿي۔ شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ بجلي ئي ڪانهي ته پنکا لڳائي ڪهڙي نمائش ڪجي۔ ڇا سنڌ بنجر آهي جيڪا بجلي پيدا نه ڪري رهي آهي يا مسئلو ڪجهه ٻيو آهي ته سڀ ڪجهه ڪير ضبط ڪري رهيو آهي؟اچو ته هن اعداد ۽ شمار سان سرڪار جي ڳالهه کي سمجهون.
اسان جي سنڌ ۾ بجلي جو استعمال 20876 GWh‏ آهي ۽ اسان 38242 GWh پيدا ڪري رهيا آهيون جيڪا اسان جي استعمال کان لڳ ڀڳ ٻيڻي آهي. پوء توهان ڇا ٿا سمجهو! اها بجلي ڪنهنجي استعمال ۽ قبضي ھيٺ آهي ۽ اها بجلي ڪيڏانهن وڃي رهي آهي، جو سنڌ ۾ اها صورتحال آهي جو ماڻهو گرميء ۾ مري رهيا آهن؟ ڇا ڀلا اها بجلي بلوچستان ۾ وڃي رهي آهي؟ نه۔۔۔۔۔ بلڪل نه. بلوچستان ۾ بجليء جو استعمال صرف 4843 گيگا واٽ آور آهي۔ جڏهن ته بلوچستان پاڻ 14466 گيگا واٽ آور ٺاهي رهيو آهي، يعني بلوچستان پنهنهي کپت کان ٽيڻي بجلي پيدا ڪري ٿو۔توهان ڇا ٿا سمجهو ته پوءِ سنڌ جي اها بجلي ڪيڏانهن وڃي رهي آهي جو ماڻهو گرمي ۾ مري رهيا آهن؟ پوءِ ڇا اها اسان واري بجلي خيبرپختونخواهه ڏانهن وڃي رهي آهي؟ نه۔۔۔۔۔۔نه. خيبرپختونخواهه 10845 GWh آهي ۽ ‏19935 GWh پيدا ڪري رهيو آهي،جيڪا پنهنجي کپت کان تقريبن ٻيڻي آهي. پوءِ ڇا ڪشمير جا ماڻهو اها بجلي کڻي وڃن ٿا؟ نه۔۔۔۔۔نه ائين به ڪونهي ڇوته ڪشمير جي واهپي ۾ صرف 1303 ‏GWh آهي ۽ ان جو استعمال 11595 GWh آهي جيڪو کپت کان لڳ ڀڳ نو ڀيرا وڌيڪ آهي.‏ پوءِ باقي پنجاب تي نظر وجهون ٿا ته خبر پوي ٿي ته پنجاب ملڪ جو سڀ کان وڏو صوبو آهي ان جي واهپو 70504 گيگاواٽ آور آهي ۽ پاڻ 59609 گيگاواٽ بجلي پيدا ڪري رهيو آهي جيڪا ان جي استعمال کان 11 هزار گيگاواٽ آور گهٽ آهي.هاڻي پاڻ ئي سمجهو ته سنڌ ۽ ٻين صوبن جي بجلي تي ڪير هٿ صاف ڪري رهيو آهي.ان مسئلي جو حل ڇا آهي؟ جيڪڏهن پنهنجي ڀٽائي کان پڇون ٿا ته هو چوي ٿو ته تلوار ڪڍو، وڙهو ۽ مرو، اڳيان ڍال نه رکجانءِ.جيڪڏهن شاعر مشرق علامه اقبال کان علاج پڇون ٿا ته چوي ٿو ” خدا تيستائين ان قوم جي حالت تبديل نه ٿو ڪري، نه هجي جيستائين ان کي خيال پاڻ کي پاڻ بدلجڻ جو۔۔۔۔۔۔۔
ڪير توهان جي حالت کي تبديل ڪرڻ جي پرواهه ڪندو. ڪشميري ته اقبال جي ڳالهه مڃي عمل ڪري سڄو ڏينهن بنا رڪاوٽ جي 3 روپيا في يونٽ ڀري رهيا آهن. پوء اسان بجلي پيدا ڪرڻ وارا ڪنهنجي آسري ويٺا آهيون اسانجا وزير مشير ۽ بيوروڪريٽ ته بجلي نه هوندي به وڏا وڏا جنريٽر هڻائي سرڪاري خزاني تي مزا وٺي رهيا آهن پر غريب طبقو برسات جو آسرو ڪري گرميء مان نجات حاصل ڪرڻ جي آسري ۾ آهي هن سال مون سون 2024 انتھائي غير معمولي ھئڻ جا امڪان آھن صرف سنڌ ۾ نه پر پاڪستان ۾ به شديد برساتن سبب ندي نالن ۾ سيلاب جو خدشو آھي سنڌ جا ماڻھو خوف کائڻ بجاءِ انھي برساتن کي منھن ڏيڻ لاءِ تيار رھن ۔ مون سون تي اثرانداز ٿيندڙ قدرتي عمل مون سون جي حق ۾ ۽ شدت اختيار ڪرائڻ جو ڪردار ادا ڪري سگھن ٿا پر ان سان گڏوگڏ سڀ کان وڏو فيڪٽر موسمياتي تبديلين جو وڏو اثر مون سون سال 2024 تي رھندو جيڪو خطرناڪ حد تائين وڌندڙ درجه حرارت سبب درجه حرارت سمنڊ جا وڌيڪ ريڪارڊ ٿي رھيا آھن جنھن سبب برف تيزيء سان پگهرجي رھي آھي سمنڊ مان وڏي مقدار ۾ پاڻي ابي بخارات جي صورت ۾ فضا طرف وڃي رھيو آھي جيڪو شديد برساتن ۽ سيلابن جو سبب بڻجي رھيو آھي موسمياتي تبديلين جو مثال اسان وٽ ھر سال ملندو آھي ھن سال به پاڪستان جي سڀني پاڙيسري ملڪن ۾ شديد برساتن ۽ سيلاب تباھي مچائي ڇڏي آھي جنھن ۾ افغانستان ايران سعودي عرب اومان دبي شامل آھن ايران جي صدر جو ھيليڪاپٽر به شديد خراب موسم جي ور چڙهي تباھه ٿي ويو ۽ عالمي سطح تي ڏک جي لهر ڇانيل آهي۔ سنڌ ۾ ھن سال سانوڻ دوران غير معمولي برساتن جا امڪان آھن سنڌ ۾ معمول مطابق برسات مون سون دوران 130 کان 150 ملي ميٽر تائين آھي۔ ان سڄي صورتحال ۾ سنڌ جو عوام وري به ڀٽو زنده باد جا سکڻا نعرا هڻندو يا پاڻ کي تبديل به ڪندو۔ جيڪڏهن سنڌ جو عوام ڀٽائي کي نٿو مڃي ته گهٽ ۾ گهٽ ڪشميرين کان ڪجھه سبق سکي پنهنجي لاء بجلي سستي ڪرائي. ٻي صورت ۾ اها سستي ۽ اهو درد سندن لاء اڃا وڌيڪ عذاب بڻجي ويندو۔ ڇوته GWh – گيگا واٽ ڪلاڪ پاڪستان جي بجلي جي پيداوار جا انگ اکر شماريات جي بيورو آف اسٽيٽڪس سرڪاري طور تي جاري ڪيل 2020 (PBoS)‏ ۽ کپت جي انگن اکرن سينٽر فار دي اسٽڊي آف ايجوڪيشن ان نٽرنيشنل ڪانٽيڪسٽ (CEIC) 2020 جاري ڪيا ويا.ان جي باوجود اسان انهن انگن اکرن کي ڏسي پنهنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون آهن ۽ اسان جو عوام حڪمرانن ۾ اکيون وجهي ويٺو آهي ته اهي اسان کي بجلي فراهم ڪندا ۽ اسان سک سان زندگي گذارينداسين اهو هڪ اهڙو خواب آهي جيڪو ڪڏهن به ساڀيان نه ٿو ٿي سگهي۔

پهنجو تبصرو موڪليو