حيدرآباد: (ن س) سڄي ملڪ جيان حيدرآباد شهر ۾ به جشن آزادي انتهائي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي، جشن آزادي جي مُک تقريب سرڪٽ هائوس ۾ رکي وئي آهي.حيدرآباد ۾ جشن آزادي جي مُک تقريب سرڪٽ هائوس ۾ منعقد ڪئي وئي جنهن جو خاص مهمان ڪمشنر حيدرآباد اقبال ميمڻ، ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق رزاق، ميئر حيدرآباد ڪاشف شورو سميت ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.تقريب جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت سان ڪئي وئي جنهن کان پوءِ جهنڊو ڦڙڪائڻ واري تقريب جي شروعات ڪئي وئي، تقريب ۾ مختلف اسڪولن جي ٻارڙن ۽ ٻارڙين ٽيبلوز ۽ ملي نغما به پيش ڪيا.تقريب ۾ ڪراٽي سان تعلق رکندڙ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو، تقريب جي دوران اعليٰ ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ٻارڙن ۽ ٻارڙين ۾ شيلڊون ۽ سرٽيفڪيٽ به ورهايا ويا جنهن کان پوءِ پاڪستان جي 78هين سالگره جو ڪيڪ به ڪاٽيو ويو.تقريب کي خطاب ڪندي مهمانن جو چوڻ هو ته پاڪستان جو وجود بيشمار قربانين کان پوءِ عمل ۾ آيو آهي پاڪ فوج، پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا جوان پنهنجي حياتين جا نذرانا پيش ڪري هن ملڪ جي حفاظت ڪري رهيا آهن اهڙن جوانن کي اڄ اسان سلام پيش ڪريون ٿا. تقريب جي اختتام تي وڻڪاري مهم جي شروعات ڪندي ٻوٽا به پوکيا ويا.










