ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ جاري پنجين سنڌ لٽريچر فيسٽيول جي ٻئي ڏينهن ”سنڌي ۽ اردو ٻولين جو لاڳاپو“ جي عنوان سان هڪ سيشن منعقد ڪيو ويو، جنهن کي صدر آرٽس ڪائونسل محمد احمد شاه، نورالهديٰ شاهه، مظهر جميل، ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو ويچار ونڊيا. محمد احمد شاهه چيو ته سنڌ ۾ اردوءَ جو بنياد رکڻ ۾ سليمان ندوي علامه آءِ آءِ قاضي ۽ ٻين جو به اهم ڪردار آهي. سچل سرمست به پنهنجي دور ۾ اردو شاعري لکي، پاڪستان ۾ اڄڪلهه اردو ڳالهائي ويندي آهي، اردوءَ سان لاڳاپو تمام پراڻو آهي، سنڌ جي مشهور اديب. نورالهديٰ شاهه چيو ته هي ٻولي جي بقا جو معاملو آهي. اياز پليجو ڇيو ته تمام سٺي انداز ۾ اردو پليٽ فارم تي سنڌ جو پيغام پهچايو ويو آهي. ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو چيو ته سنڌ جو عوام هر قسم جي ماڻهن کي کليل دل سان ڀليڪار ڪري ٿو، انگريزي نه رڳو پنهنجي ٻولي پر اردو، فارسي ۽ عربي سميت ٻين ٻولين کي به قبول ڪري ٿي. سنڌ ۾ عظيم مفڪر ٿي گذريا آهن، ان کان علاوه ”پاڪستان جي سياسي صورتحال“ تي ڳالهه ٻولهه ٿي، آخر ۾ مشهور قوال فريد اياز ۽ ابو محمد، احمد مغل ۽ اسلم فقير شاندار پرفارمنس ڏني.










