سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس لاڙڪاڻو ۾ ڪيمپس وڻڪاري مهم جو آغاز

سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس لاڙڪاڻو ۾ ڪيمپس وڻڪاري مهم جو آغاز

لاڙڪاڻو(ن س) سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس لاڙڪاڻو ۾ نئين سال 2023ع جي آيل شاگردن ۽ شاگردياڻين وچ ۾ ٻوٽا لڳائڻ جو مقابلو ٿي گذريو، جنهن ۾ ڪمپيوٽر سائنس جي نمائندگي ڪندي رخسار بروھي ۽ وقاص سولنگي پھريون انعام حاصل ڪيو، انگلش ڊپارٽمينٽ جي نمائندگي ڪندي پرھ چنا، جميلـ چانڊيو، بلال بروھي ۽ احد علي لاھوري ٻين پوزيشن حاصل ڪري انعام ماڻيو جڏھن تـ بزنس ڊپارٽمينٽ جي نمائندگي ڪندي دعا چانڊيو ۽ صفي اللہ ڀٽي ٽين پوزيشن حاصل ڪري انعام ماڻيو. سمورن شاگردن ۽ شاگردياڻين ڀرپور نموني سان حصو وٺي ڪئمپس جي پارڪ ۾ رنگ برنگي گل، ٻوٽا پوکي ويهڻ لاءِ بينچن جو بندوبست پڻ ڪيو. ان موقعي تي پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر اظهر علي شاه، اسسٽنٽ ڪمشنر لاڙڪاڻو شاهده پروين ڄامڙو، ڊسٽرڪٽ فاريسٽ آفيسر ارشد ڪماريو پنهنجي هٿن سان ٻوٽا پوکي بهار جي ٻوٽن جي مهم جو آغاز ڪيو ۽ شاگردن ۽ شاگردياڻين طرفان لڳايل ٻوٽن ۽ ٻئي سجاوٽ جو جائزو وٺندي سندن جذبي ۽ محنت جي واکاڻ ڪندي چيو ته دنيا گلوبل وارمنگ کي منهن ڏئي رهي آهي، ماحولياتي آلودگي مسلسل وڌي رهي آهي جنهن سبب قدرتي ماحول کي خطرو آهي، ان کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي سرسبز انقلاب جي راهه هموار ڪرڻي پوندي، سرسبز پاڪستان لاءِ وڻ پوکڻا پوندا، وڻن جي حفاظت ڪرڻي پوندي ته جيئن اسان جو مستقبل وڻن وانگر سرسبز ٿئي. هر ماڻهو پنهنجي حصي جو ٻوٽو لڳائي ان جي سنڀال ڪري ٻين کي به همٿائڻ گهرجي. هنن وڌيڪ چيو ته ايس يو سي ايل پاران مارڪيٽ جي رجحانن کي نظر ۾ رکندي گڏيل طور تي ڪاروباري منصوبا تيار ڪرڻ، سنڌ رينجرز جي سهڪار سان وڻڪاري مهم ۽ سماجي ڀلائي جي منصوبي فلاح حق ۾ رضاڪاراڻه طور تي تعليم سڀ جي لاءِ ۽ شهري احساس آگاهي مهم سان گڏ ٻين سماجي خدمتن جون سرگرميون سرانجام ڏنيون پيون وڃن. جڏهن ته شاگردن ۽ شاگردياڻن بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته باغ ۾ مختلف قسم جا گل پوکيا ويا آهن، هر طرف ساوڪ لڳي پئي آهي ۽ ويهڻ لاءِ بينچن جو بندوبست به ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پارڪ ۾ ننڍڙي لائبريري پڻ قائم ڪري مختلف ڪتاب رکيا ويا آهن. 3 رڪني جج ڪاميٽي ڊسٽرڪٽ فاريسٽ آفيسر ارشد ڪماريو، پروفيسر ڄام جمالي ۽ عاطف رفيق سمون پارڪن جو معائنو ڪرڻ بعد ڪمپيوٽر سائنس جي ڊپارٽمينٽ کي پهرين پوزيشن، انگلش کي ٻئين ۽ بزنس ڊپارٽمينٽ کي ٽئين پوزيشن ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. جنهن بعد سمورن شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ سرٽيڪفيٽ ۽ نقد انعام پڻ تقسيم ڪيو ويو. ان موقعي تي بزنس ڊپارٽمينٽ جو هيڊ جي ايم شيخ، انگلش جو حسين علي ڪنڀر، ڪمپيوٽر سائنس جو وقتي هيڊ عبدالرشيد چانڊيو، پروفيسر ڄام جمالي، شگفته شيخ، صبا نوناري، عبدالله شيخ، منصور علي منگي سميت انتظامي آفيسر ۽ ليڊر سوسائٽي جا عھديدار عبداللہ تنيو، ڪلثوم عباسي، ڪامران ڀٽو، طارق ڪورائي، ياسين ميمڻ، محسن چانڊيو ۽ ٻيا موجود هئا. (اهڙي پڌرائي ايس يو سي ايل جي پي آر آو عاطف رفيق سمون طرفان جاري ڪئي وئي آهي)

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو