ڪاروبار بند رکڻ وارن حڪمن تي عمل نه ٿيو

ملير ( رپورٽ شهزادو مستوئي ) ملير ۾ سنڌ حڪومت جا حڪم نظرانداز ڪاروباري سرگرميون برقرار  ملڪ ۾ وڌندڙ ڪرونا وباءُ جي ڪيسن واري صورتحال کانپوءِ سنڌ حڪومت پاران جمعي ۽ آچر واري ڏينهن تي ڪاروبار مڪمل طور بند رکڻ واري فيصلي تي عمل نه سگهيو هوٽل موبائيل مارڪيٽ شادي هال بچت بازارن سميت نڍا وڏا ڪاروباري کليل رهيا حد پوليس سنڌ حڪومت جي حڪمن تي ڪوبه ڌيان نه ڏنو ڪاروباري هنڌن تي شهرين جي رش سبب ڪرونا ڪيسن اضافي جو خدشو وڌي ويو، تفصيل موجب ملير سنڌ حڪومت جي آچر ۽ جمعي واري ڏينهن تي ڪاروبار بند رکڻ واري فيصلي تي ڪوبه عمل نه ٿي سگهيو ملير جي مختلف علائقن ۾ مرڪزي ڪاروبار سميت ننڍو وڏو ڪاروبار مڪمل کليل رهيو سنڌ حڪومت جي حڪمن تي عمل ڪرائيندڙ حد پوليس سميت سموري انتظاميه سڀ ڪجهه ڄاڻ هجڻ باوجود ڪاروباري علائقن مان غائب رهي شهري انتظاميه جي لاپرواهي تي حيران پريشان ڪاروباري هنڌن تي شهرين جي رش سبب ڪرونا وباءُ جي ڪيسن ۾ اضافي جا چٽا امڪان ظاهر علائقي جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پاران سنڌ حڪومت جي حڪمن کي تي عمل نه ڪرائيندڙ انتظاميه خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انساني زندگيون ضايع ٿيڻ کان بچايو وڃي

پهنجو تبصرو موڪليو