سنڌ جي تاريخ جو عظيم ڪردار ، الله بخش سومرو

سنڌ جي تاريخ جو عظيم ڪردار ، الله بخش سومرو

اظھر آزاد مغل
سنڌ جي سرسبز ۽ چيڪي مٽيءَ سدائين اڏول، ارڏن ۽ امر ڪردارن جي آبياري ڪندي سرخرو ۽ سرھي رھي آھي. عظمتن جي معراج ۽ مھانتا ماڻيندڙ اُھي ھستيون سچ خوشنصيب آھن جن منھنجي تاريخي وطن جي زرخيز مٽي جي مھڪ ۽ خوشبوء جو واس وٺندي سرھائي محسوس ڪئي آھي. اھڙن ڪردارن ڌرتي کي رت جو ريج ڏئي تاريخ جي صفحن ۾ پاڻ کي امر بڻايو آھي.
سنڌ جي سرسبز مٽي سدائين املھه ۽ عظيم ڪردارن کي پنھنجي ڪک ۾ جنم ڏنو آھي جن ديس ۽ وطن سان وفاداري جا اڻمٽ نشان ڇڏي پنھنجو پاڻ ملھايو آھي.ڌرتي جي اھڙن بي خوف ۽ بھادر، سورھيه ۽ سرويچ سپاھين کي تاريخ سدائين سونھري لفظن سان شاندار سلام ۽ خراج پيش ڪيو آھي.حب الوطني ۽ انسان دوستي جي اعلي ۽ اتم جذبي سان سرشار شڪارپور جو شھيد الله بخش سومرو به اھڙن قدآور شخصيتن منجھان ھو جنھن پنھنجو سر ته گھوريو پر ڀائپي ، مذھبي ھم آھنگي ، سڀني سان محبت ، سنڌ ديس جي حقن خاطر سامراجي ڌرين خلاف جدوجھد ، مساوات ، انصاف ۽ عدل جھڙن عظيم مقصدن ، آدرشن ۽ اصولن کي پيرن ھيٺان نه اڇلايو.شھيد الله بخش سومرو سنڌ جو اھو سچو سپوت ۽ ارڏو پٽ ھو جنھن ڪڏھن به دشمن ۽ وطن جي ويري اڳيان گوڏا نه کوڙيا پر مستقل مزاجي ۽ ثابت قدمي سان انھن سان اکيون اکين ۾ ملائي مقابلو ڪيو ۽ انھن قوتن کي مات ڏني جن سنڌ جي پيار ۽ رواداري واري ديس کي مذھبي جنونيت جي باھه ۾ اڇلائڻ جون سازشون پئي سٽيون.دريا دل ۽ سخي مڙس ۽ سادي طبيعت جو ھي شخص سنڌ جي سينڌ سنوارڻ ۽ ان جي روشن مستقبل لاء پاڻ پتوڙيندي ۽ ديس دشمنن سان مھاڏو اٽڪائيندي سرور ، سرھائي ۽ سک محسوس ڪندو ھو.ھو روايتي سياستدانن وانگر رويا اختيار نه ڪندو ھو پر عوامي خدمت ۽ ڀلائي ۾ پڪو ويساھه رکندي عملي جدوجھد جي ميدان ۾ پيار جو پورھيو ڪندي فخر محسوس ڪندو ھو. عوام جي ڀلائيءَ وارن ڪمن ۽ خدمت خلق ۾ پڪو ويساھه رکندڙ شخص ھو. سسيرو بلڪل به درست چيو ھيو ته
“The welfare of people shall be the supreme law.” Cicero
“ مخلوق جي خدمت ۽ عوام جي فلاح اعلي ترين قانون ھئڻ گھرجي.“
ھو سدائين سنڌ جي وسيع تر مفادن ۽ حقن جي حاصلات کي اوليت ڏيندو ھو ، جنھن سبب ھن ڪڏھن به قومي ڌارا واري سياسي پارٽي ۾ شموليت کان گريز ڪيو ڇاڪاڻ جو ھن کي ان ڳالھه جو ڀلي ڀت ادراڪ ھو ته جيڪڏھن ھو قومي سطح واري سياسي پارٽي جو حصو بڻجي ھا ته پوء سنڌ جي مفادن ۽ سنڌي قوم جي حقن تي سوديبازي ۽ مصلحت ڪري ھا.
ذات پات ، رنگ نسل ، ڪٽنب ۽ قبيلي جي فرق کان مٿانھون ٿي احترام آدميت ۾ يقين رکندو ھو ۽ بغير ڪنھن لوڀ ، لالچ ۽ غرض جي ماروئڙن ۽ جھانگيئڙن جي بھتر آئيندي لاء جاکوڙ ۽ جستجو ڪرڻ کي پنھنجو نصب العين ۽ عبادت سمجھندو ھو.جيئن ڀٽائي سائين چيو آھي ته
سڄڻ ۽ ساڻيھه ، ڪنھن اڻاسيءَ وسري حيف تنين تي ھوء ، وطن جنين وساريو
شيخ اياز جو شعر آھي
جيئون تنھنجي جند سان ، مَرون توسان ماء ،
ڳـوڙھـا ڳاڙھ نه سنـــــــڌڙي ، وري ورنــدو واء.
اھڙا شخص پنھنجي محبوب پورھئي ، محنتن ۽ خدمتن جي روشني ۾ تاريخ جي صفحن ۾ سدائين سرخرو ۽ زنده جاويد رھندا آھن ۽ ھميشه مڃتائون ماڻيندا آھن.استاد بخاري جو اھڙن عظيم ڪردارن کي ڀيٽا طورڪيڏو نه زبردست چؤسٽو آھي ته
جو قوم جياري سو جيئندو رھندو
جو عام اجاري سو جيئندو رھندو
مون کي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آ
جو سنڌ سنواري سو جيئندو رھندو.
گڏيل ھندستان جي ورھاڱي کان اڳ ۾ ، ٻه دفعا سنڌ جي وزيراعظم جھڙو اعلي ترين عھدو ، منصب ۽ اعزاز رکندڙ شھيد الله بخش سومرو ديس جي دانھن ھو ، انسانيت جي اھڃاڻ ھو ، وطن جو واھرو ھو ، مذھبي ھم آھنگي جو پيروڪار ۽ پرچارڪ ھو.ھن مولانا عبيدالله سنڌي جھڙي عظيم انقلابي جي جلاوطني ختم ڪرائڻ ۾ اھم ۽ نمايان ڪردار ادا ڪيو ۽ ڪراچي ايئرپورٽ اچڻ تي ھن جو والھانه ۽ گرم جوشي سان استقبال ڪيو. ھن کي سياسي نموني سان منظر عام تان ھٽائڻ ۾ ناڪامي نصيب ٿيڻ ۽ ھن جي زنده رھڻ ڪري سگھاريون طاقتون سنڌ جي سياسي افق تي پنھنجي ھڪ ھٽي ۽ اجاراداري قائم ڪري نه سگھيون ته پوء جلد ئي ھن کي وزيراعظم جي عھدي تان فارغ ڪيو ويو ، ۽ ائين ھن کي مارائڻ جو منصوبو جوڙيو ويو ۽ ھن رواداري جي امين ۽ ساکي شخص کي آخرڪار سنڌ جي مفادن کي اوليت ڏيڻ جي ڏوھه ۾ 1943 ۾ فوجداري ڀرسان ھڪ منظم سازش تحت گولين جو بک بنائي شھيد ڪيو ويو جڏھن ھو پنھنجي بگي گھوڙي تي سوار ھيو. بزدل، خوفزده ۽ ڪانئر قوتون بھادرن جا مقابلا ڪرڻ بجاء انھن کي منظرعام تان ھٽائڻ لاء منظم سازش ۽ رٿابندي تحت لڪي وار ڪنديون آھن. بھادر سينا تاڻي دشمن سان اکيون اکين ۾ ملائي جيئندا آھن جڏھن ته بزدل موت جي خوف کان لڪندا رھندا آھن.ڊونا لائن ھوپ جو چوڻ آھي
“Only cowards cave. The brave get assassinated.”
“ ڪائنر رڳو لڪندا وتندا آھن جڏھن ته بھادر ۽ کلي عام سورما قتل ڪيا ويندا آھن.“
شيڪسپيئر چيو آھي ته
“ ڪائنر موت کان پھرين ڪيترائي ڀيرا مرندا آھن پر بھادر موت جو ڊائقو فقط ھڪ دفعو چکندا آھن.“
شڪارپور ڄائي سنڌ جي عظيم سپوت ۽ سنڌ وطن جي سينڌ سنواريندڙ امر ڪردار شھيد الله بخش سومري جي بيرحماڻي موت واري درد ڀري الميي تي کيئلداس “فاني“ لڇندي فرمائي ٿو:
افسوس ويو سنڌ جو سرتاج گذاري،
دنيا کي روئاري،
حاسد تون ڏئي ڦوڪو ڏيئو گل نه ڪرين ھا،
ھن ملڪ مٿان قھر مصيبت نه ڌرين ھا،
ڇو ميڙ اسان جي مان وئين مڙس اٿاري،
دنيا کي روئاري
اڄ به سنڌ جي تاريخي وطن جا ويري سنڌ جي وحدانيت تي وار ڪرڻ جون ناپاڪ حرڪتون ڪري رھيا آھن پر شھيد الله بخش سومرو جا حقيقي سياسي وارث ۽ پوئلڳ انھن جي ناپاڪ عزائمن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيندا.
سيڪيولر سياست اپنائڻ ۽ رواداري واري راھه اختيار ڪرڻ ڪري ھن جي يونائيٽيڊ پارٽي 1930 ۾ چونڊن ۾ صوبائي اسيمبلي ۾ اڪيلي سر وڏي ۾ وڏي اڪثريتي پارٽي طور اڀري آئي.ھن جي پارٽي کي ٻه دفعا صوبائي سرڪار قائم ڪرڻ جو اعزاز حاصل ٿيو ۽ ان وقت جي حڪمران بيٺڪي قوتن کان ھن جا سيڪيولر سياسي خيال ھضم نه ٿيا ۽ انھن مختلف حربا استعمال ڪرڻ شروع ڪيا جنھن ۾ منفي فرقيوارانه جذبن کي ماڻھن ۾ ڀڙڪائڻ سرفھرست ھو ۽ ائين مذھبي رنگ کي استعمال ڪندي انھن ھن جي انتظاميه خلاف مسئلا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر شھيد الله بخش سومري پنھنجي سياسي تدبر، دانائي ۽ عقلمندي سان انھن مسئلن تي قابو پاتو.بمبئي مان فقط مئٽرڪ ھجڻ باوجود ، ھو وڏو دورانديش ھو ۽ انھن ڏينھن ۾ به ، ھو پاڻي کي محفوظ ڪرڻ تي زور ڏيندو ھو.
شھيد الله بخش سومرو ساده طبيعت شخص ھو ۽ اھي نرم ملائم ڪپڙا پھريندو ھو جيڪي ھٿ جا ٺھيل ھوندا ھئا ۽ سياستدانن جي آجيان ڪرڻ وارن دعوتن کي ڪڏھن به قبول نه ڪندو ھو ڇاڪاڻ جو ھو اھڙين قسمن جي پروگرامن ۾ شرڪت ڪرڻ کي سياسي رشوت جي ھڪ شڪل سمجھندو ھو.
شھيد الله بخش سومري جي ايمانداري ، ديانتداري ، سچائي ، خلوص ، سخت محنت واري جذبي ۽ بي لوث عوامي خدمت ھن جي سياسي زندگي کي رڳو ويھن سالن جي اندر اندر سکر ڊسٽرڪٽ بورڊ جي ميمبر ٿيڻ کان صوبائي چيف ايگزيڪيوٽو جي اعلي ترين عھدي تائين پھچايو.
الله بخش محمد عمر سومرو 1900 ۾ شڪارپور ۾ ھڪ مالدار گھراڻي ۾ پيدا ٿيو ، برطانيه جي غلبي ھيٺ آيل ھندستان جي سنڌ صوبي جو زميندار ۽ سرڪاري ٺيڪيدار ، آزادي جو سرگرم ڪردار ، سياستدان ھيو.ھن سنڌ اتحاد پارٽي جو قيام عمل ۾ آندو ھن جو شمار سنڌ جي سڀ کان سٺن وزيراعظمن رھندڙن ۾ ٿئي ٿو.ھن پھريون ڀيرو 23 مارچ 1938 کان 18 اپريل تائين 1940 سنڌ جي وزيراعظم جو منصب سنڀاليو.ان وقت سنڌ جو گورنر به شڪارپور ڄائو سر غلام حسين ھدايت الله ھو.ھو ٻيو ڀيرو 7 مارچ 1941 کان 14 آڪٽوبر 1942 تائين وزيراعظم جي اھم عھدي تي فائز رھيو.ھن جي گھرواري جو نالو صاحب خاتون ھو.شھيد الله بخش سومرو کي رحيم بخش ، حيدر بخش ۽ عبدالصمد نالي فرزند ۽ رضيه ، صفيه ، افروز ، قدسيه ۽ سعيده نالي پنج نياڻيون ھيون.ھن ساده طبيعت ، عام خلق جي خدمتگار ، سنڌ جي سچي سپاھي کي امن ، محبت ، مذھبي ڀائيچاري ۽ رواداري جي دشمنن فوجداري روڊ وٽ گولين سان پروڻ ڪري شھيد ڪري ڇڏيو پر ھو جسماني طور اسان کان وڇڙيو ضرور آھي پر وسريو ناھي.ھن جي نظرئي ۽ فڪر جا حقيقي وارث اڄ به مذھبي جنونيت کي مات ڏيڻ لاء روداري جون مشعلون کڻي ميدان ملھائي رھيا آھن.سنڌ جو عاشق ۽ انسان دوست شھيد الله بخش سومرو تاريخ جي صفحن تي سدائين روشن ۽ امر رھندو.
سنڌ اڄ به اداس آھي، سنڌ اڄ به پنھنجي سورمي، صالح ، سچي ۽ روادار سياستدان شيد الله بخش سومرو کي دل جي حضور سان ياد ڪري ٿي مرزا غالب جي شعر وانگر
ہر اک مکاں کو ہے مکین سے شرف اسد
مجنو جو مر گیا ہے سو جنگل اداس ہے

پهنجو تبصرو موڪليو