ڪنڊيارو( ن س) ڪنڊيارو ڊگري ڪاليج جي پرنسيپال پروفيسر عبدالستار ابڙو صاحب کي ڊجيٽل لائبرري ۽ ڪاليج جي باقي ڪمن جي بنياد تي ڪاليج ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ طرفان ’بهترين حسن ڪارڪرگي‘ جي ايوارڊ سان نوازيو ويو. جيڪو ڪاليج جي عملي، شاگردن ۽ سڄي شهر لاءِ يقينن فخر جو سبب آهي. سچي ڳالهه هيءَ به آهي ته پنهنجي فرض سان سؤ سيڪڙو ڪميٽيڊ پنهنجي طبيعت ۾ فقيري رنگ رکندڙ هي شخص سڀني جو ڀر جهلو ۽ لوڀ لالچ کان بي نياز آهي. ڪاليج جي چارج سنڀالڻ وقت ابڙي صاحب چيو هو ته هن کي نه ڪنهن جي ’واهه‘ جي ضرورت آهي نه هروڀرو ڪنهن جي تنقيد کان گهٻرائيندو ۽ پوءِ اها ڳالهه ثابت به ٿي، هڪ سال جي ڪڙي ۽ سخت محنت کانپوءِ سڄي سنڌ ۾ ڊگري ڪاليج ڪنڊياري جو نالو هاڻي اعتماد ۽ فخر طور سڃاپجڻ لڳو آهي. اهو سڀ ڪجهه ان وقت ٿيو آهي جڏهن مجموعي طور سنڌ جي تعليم ۽ تعليمي ادارن جي پستي بابت سوال اٿاريا وڃن ٿا. اهڙي ماحول ۾ عبدالستار ابڙو پنهنجي محنت ۽ ايمانداري سان فرض شناسي ڪري هڪ پاسي ان تنقيد جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي ته ٻئي پاسي سنڌ جي تعليم کاتي جو به مان مٿانهون ڪيو آهي.

ان موقعي تي هن چيو ته اسين صوبائي وزير تعليم سنڌ، سيد سردار شاهه، سيد خالد حيدر شاه، سيڪريٽري ڪاليجز ايجوڪيشن ڊپارٽمنٽ سنڌ جا تمام گهڻا مشڪور آهيون. جن ميرٽ کي مان ڏنو. هن پوري تعليمي سفر ۾ مانواري پروفيسر شاهده پروين ابڙو صاحبه، آر. ڊي. ڪاليجز ايس. بي.اي جو ڪاليج جي معاملن ۾ ساٿ به شاندار رهيو آهي. سچ ته هن سماج ۾ اهڙا انسان خدا جي نعمتن منجهان هڪ آهن. ان مقعي تي ڊگري ڪاليج جي ٽيچنگ ۽ نان ٽيچنگ عملي طرفان ايوارڊ ماڻڻ تي پرنسپال صاحب کي مبارڪون ڏجن ٿيون 7 اسين سمجهون ٿا ته هي پوري ساهتي پرڳڻي لاءِ فخر جي ڳالهه آهي. اميد ته ڪاميابين جو سفر جاري رهندو. اسين کيس لطيف جي هن سٽ سان ڀيٽا پيش ڪريون ٿا ته ’ ابڙو اڳاهن ۾، ڀرجھلو باري‘ (سُر بلاول).










