عبدالمجيدبروھي
ھن وقت سنڌ جي ننڍن وڏن شاخن ۽ ڪئنالن ۾ پاڻي ڪجھ دير سھي پر ڇڏيو ويو آھي گذريل سال پاڻي جي شديد کوٽ سبب سنڌ جا ھاري آبادگار سخت مشڪلاتن کي منھن ڏنو ھيو جيڪو ھن سال انھن سان نـ ٿي ان لاء سنڌ حڪومت کي اڳواٽ ئي حڪمت عملي جوڙڻ گھرجي سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاھ جيڪو ھن وقت سنڌ جي حصي لاء جنھن ۾ اين ايف سي ايوارڊ ھجي يا ٻيا مسئلا ھجن ھو وفاق آڏو آواز اٿاريندو رھندو آھي ان جي ڪري کيس پاڻي جي ورڇ واري مسئلي تي پڻ خاص ڌيان ڏيڻ گھرجي تـ جيئن ھر سال جيان ارسا جي زور تي پنجاب جيڪو حصو سنڌ جو چوري ڪندو رھي ٿو ان کي روڪي سگھجي ارسا جي آشيرواد سان ھر سال سنڌ جي حصي جو پاڻي پنجاب مختلف پابندي مڙھيل ڪئنالن جن ۾ چشما جھلم لنڪ ڪئنال تونسا ڪئنال سميت ٻين ڪئنالن ذريعي سنڌ جي حصي جو پاڻي چوري ڪندو رھي ٿو پر ھن سان سنڌ آبادگار ۽ ھارين کي اھا اميد آھي تـ پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر پاڪستان مرد حر آصف علي زرداري سنڌ جي حصي جو پاڻي پنجاب کي چوري ڪرڻ نـ ڏيندا ھن وقت پاڪستان ۾ مھنگائي کي بريڪ لڳي چڪوآھي پوري ملڪ ۾ عام واھپي جي شين چي اگھن ۾ تمام گھڻي لاٿ تي آھي جن ۾ اٽو گيھ چانور تيل مرچ ء ٻين شين جا اگھ لھي ويا آھن حڪومت کي گھرجي تـ عوام کي وڌيڪ فائدو ڏيڻ لاء اپاء وٺي جھڙي ريت ايل پي جي ۽ پيٽروليم جي شين ۾ لاٿ ٿي آھي پر ان حساب سان ٽرانسپورٽ مافياز وارا ڪراين ۾ گھٽتائي ڪرڻ لاء تيار نـ آھن حڪومت کي ان جي لاء خصوصي مانيٽرنگ ڪرڻ گھرجي ۽ تمام صوبن جي حڪومتن ڪراين ۾ گھٽتائي لاء بھتر نموني سان ڪم ڪرڻ گھرجي پاڪستان پاران يوڪرين کان گھرايل ڪڻڪ کانپوء ڪڻڪ جي اگھن ۾ لاٿ ٿي آھي اھو سٺو عمل مزدور ۽ پورھيت لاء ضرور آھي پر آبادگار ۽ ھارين کي جيڪو اگھ ھن وقت مقامي واپاري ڏين پيا ان جي حساب سان فصل تي ڪيل سندن خرچ بـ نٿو نڪري سگھي آبادگارن جو چوڻ آھي تـ وفاقي حڪومت جيڪڏنھن ڪڻڪ ٻاھران گھرائي پئي تـ ان ساڳي طريقي سان ڊي اي پي ۽ يوريا ڀاڻ بـ ٻاھرين ملڪن مان گھرائي ۽ ڊي اي پي ۽ يوريا جا آسمان تي پھتل اگھ پڻ گھٽايا وڃن باقي ڊي اي پي ۽ يوريا جا اگھ آسمان تي ھجن ۽ ڪڻڪ ۽ سارين جو اگھ گھٽجي وڃي اھو ڪٿان جو قانون آھي
پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران سنڌ حڪومت کي اھو چيو آھي تـ سنڌ جي عوام اسان کي وڏي اڪثريت ڏني آھي انجي ڪري کين ھاري ڪارڊ ۽ سولر پئنل سميت ڳوٺن کي شھرن سان ملائڻ روڊ ٺاھيا وڃن ۽ پوري سنڌ ۾ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايو وڃي جنھن بعد سنڌ جو وڏو وزير سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزنن ۾ ورڪرز ڪنوينشنز ۾ شريڪ ٿي انھن جا مسئلا ۽ انھن کي اسڪيمون و رتيون آھن










