عبدالجبار مڱريو
دنيا جا اڪثر ماڻهو زندگيءَ جي زندان جا قيدي بڻجي، خواهشن جي پُورائي لاءِ معيشت پٺيان ڊوڙي رهيا آهن … پر آزاد ضمير انقلابي انسان زندگيءَ کي معيشت جي سوڙهن سنگهرن مان ڪڍي، عظيم مقصد خاطر جيئندا آهن. اڄ غربت، ناانصافي ۽ بي يقينيءَ جو شڪار بڻيل انساني ڪائنات ۾ جيڪا بہ تعميري سوچ ۽ تبديليءَ جي تڙپ موجود آهي، سا اهڙن آدرشي انسانن جي پورهيي ۽ پنڌ جو نتيجو آهي. سنڌ جو سچار عالم ۽ بي داغ سياسي اڳواڻ سائين عزيزالله ٻوهيو پڻ هڪ اهڙو مثالي ۽ غيرمعمولي ڪردار هو، جنهن کي ڏسي، ٻُڌي ۽ پڙهي ماڻهوءَ جي عظمت جي معنيٰ سمجھ ۾ اچي ويندي هئي. اڄ جڏهن سائين اسان جي اکين کان اوجهل ٿي ڌرتيءَ جي هنج ۾ آرامي آهي، تہ ڀٽائيءَ جو هيءُ بيتُ هن جي پارس ڪردار ڏانهن ڌيان ڇڪائي سندس عظمت تي آواز ڏئي رهيو آهي تہ:
مُون سَي ڏٺا ماءِ، جَنين ڏٺو پرينءَ کي،
اُنين سندي ڪاءِ، ڪري نه سگهان ڳالڙي.
امام انقلاب عبيدﷲ سنڌيءَ جي قومن جي آزادي ۽ فڪري رواداريءَ واري فڪر جو ترجمان، سائين عزيزالله ٻوهيو علم، عمل، سادگي ۽ سچائيءَ جو سنگم روشن ڪردار هو، جنهن قومي غلامي، مذهبي جنونيت ۽ سياسي موقعي پرستيءَ جي ور چڙهيل محڪوم سنڌ ۾ سياسي سچائي، فڪري رواداري ۽ شخصي ايمانداريءَ جا رهنما اصول متعارف ڪرايا. اهو ئي سبب آهي، جو سنڌ جي سياسي ۽ علمي حلقن ۾ سائين عزيزالله کي هڪ هردلعزيز ۽ مانائتي عالم ۽ سياسي اڳواڻ واري حيثيت حاصل آهي. ڀٽائيءَ سائين ٻوهيي صاحب جهڙن روشنيءَ جي سفيرن لاءِ ئي چيو آهي تہ:
راڻي جي رهاڻ مان، ڪو آديسي آيو،
چوڏهينءَ ماهِ چنڊ جِئن، ڪيو ساميءَ سُهائو،
لَٿو اُونداهو، جوڳيءَ سندي جَوت سان.
سائين ٻوهيو صاحب مدبر سياستدان ۽ وڏو عالم هجڻ باوجود انتهائي سڌو ۽ سادو انسان هو. هُو پنهنجي پوري عمر ۾ پروٽوڪول ۽ آجياڻن کان پاڪ رهيو. پاڻ بَس جي ڇت تي ويهي زندگيءَ کي حقيقي رنگ ۾ ڏسڻ وارو کاهوڙي انسان هو. هُن کي ڪتابن جي ڳوٿري هٿ ۾ کڻي سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ڪيئي ميل پنڌ ڪرڻ ۾ مزو ايندو هو. سندس مُرڪندڙ اکين ۾ ڌرتيءَ جي ميرڙن ماڻهن جي محبت چمڪندي هئي. اها سچ ۽ سنڌ جي شناس ۽ مظلوم ماڻهن جي محبت ئي هئي، جنهن کيس عمر جي آخري ڏينهن تائين وِرچي ويهڻ نه ڏنو. هُو سراپا لطيف جي هنن سٽن جو عڪس هو تہ:
جِت نه پکيءَ پير، تِتي ٽِمڪي باهڙي،
ٻِيو ٻاريندو ڪير، کاهوڙڪي کَير رِيءَ.
سائين ٻوهيو صاحب ويريءَ ۽ واهروءَ، سچ ۽ ڪوڙ ۾ لڪير ڪڍي هلڻ وارو کَرو سياسي اڳواڻ ۽ ايماندار ديني عالم هو. سائينءَ اڌ صديءَ جي اصولي سياست ڪرڻ سان گڏوگڏ قرآني تعليمات تي ٻڌل 50 جي لڳ ڀڳ ڪتاب لکيا. پاڻ وڏي واڪ چئي ڏيندو هو ته: قوم جو بنياد مذهب تي نه، پر وطن ۽ ٻوليءَ تي ٿيندو آهي. سنڌ ۾ رهندڙ ڪولهي ۽ ڀيل اسان جا قومي ڀائر آهن. توهينِ مذهب جي نالي تي ڪنهن کي قتل ڪرڻ يا تشدد ڪرڻ قرآني تعليمات جو انڪار آهي. مُلائيت سنڌي سماج لاءِ ناسور مثل آهي، مُلائيت جو موت ئي اسلام جي نئين زندگي آهي. ٻوهيي صاحب قرآن حڪيم جي روشنيءَ ۾ مدلل نموني ثابت ڪيو ته، محڪوم قومن جي آزادي سندن پيدائشي حق ۽ آزاديءَ جي لاءِ جدوجهد پيغمبرن جي فڪر جو تسلسل آهي، ان سلسلي ۾ پاڻ پنهنجي قرآني تفسير، احسن الحديث جي جلد 2، پني پاسي 97 تي، سورت اعراف جي آيت نمبر 105 جي وضاحت ڪندي لکي ٿو تہ:
“موسيٰ عليہ السلام جو فرعون جي اڳيان: اَرسِل مَعيَ بَنِي اِسرائيلَ(بني اسرائيل کي مون سان گڏ آزاد ڪري موڪل!) جو مطالبو، صرف بني اسرائيل جي قومي آزاديءَ جو ون پوائنٽ منشور هو، سندن مقصد پنهنجي وطن واپسي لاءِ آزاديءَ جي گُهر هئي، نڪي اهل فرعون سان جنگ ڪري، مصر تي قبضو ڪرڻ.”
پاڻ بلاسفيمي قانون کي قرآن مخالف قرار ڏيندي، پنهنجي هڪ وڊيو بيان ۾، قرآن حڪيم جي سورت انعام جي آيت نمبر 68 جي حوالي سان هيءَ مدلل ڳالھه رکيائين تہ:
“قرآن حڪيم ۾ ﷲ جي آيتن جو مذاق اڏائڻ وارن گستاخن جي سزا هيءَ ٻڌايل آهي ته، توهان صرف توهين ڪندڙن جي مجلس مان واڪ آئوٽ ڪري کين غلطيءَ جو احساس ڏياريو، مٿن تشدد ڪرڻ يا کين قتل ڪرڻ ته پري جي ڳالھ، پر ساڻن مستقل طور سماجي بائيڪاٽ بہ نہ ڪريو.”
سائين عزيزﷲ ڏاهو سياستدان هو. پاڻ پاڪستاني رياست ۽ ان جي پارلياماني نظام لاءِ چٽيءَ طرح چوندو هو تہ: پاڪستان جي پارليامان هتان جي مظلوم قومن لاءِ “سامراجي پاٿاري” آهي، جتي ويٺل فرضي حڪمران پنڊيءَ وارن لاءِ “وَٽ جا ڀِتر” آهن.
سائين قومي ڪارڪنن کي سدائين هيءَ نصيحت ڪندو هو ته: قومي سياست ڪجي، تہ پوءِ اليڪشني ڀوتار جي گاڏيءَ جي ڊِگيءَ ۾ ويهڻ سياسي ڇڙواڳي آهي. محنت مذدوري ڪريو، پر سياست ۾ پيداگيري نہ ڪريو.
قومي غلاميءَ جي اهڙي بدترين دور ۾، جو سنڌي ماڻهن کان زمين، درياھ ۽ جياپي جا وسيلا کسي سنڌ کي عالمي تضادن جي تجربيگاھ ۽ ننڍي کنڊ جو فلسطين بڻائڻ جا سانباها ڪيا پيا وڃن، سنڌ جي سرزمين تي ڌارين دشمنن ۽ مذهبي انتهاپسندن کي قابض بڻايو پيو وڃي، توهين مذهب جي نالي تي لاشن کي باھ ڏئي ساڙيو پيو وڃي، سنڌ جي بهادر پٽن کي کنڀي گم ڪيو پيو وڃي ۽ اسان مصلحتن جو شڪار ٿي اڪيلا اڪيلا ماريا ۽ هيسايا وڃون پيا… مون کي منهنجو عظيم سياسي ۽ ديني استاد سائين عزيزﷲ ٻوهيو ڏاڍو ياد اچي رهيو آهي، جيڪو پارٽين کان مٿاهين سياست ڪندي ملڪ جي وڏي ورديءَ واري کي واشنگٽن جو واٺو ۽ وڏي جج کي شيطان چوڻ جي جُرئت رکندو هو… جنهن ويندي ويندي به سنڌي قوم جي ايڪتا خاطر هيءَ وصيت ڪئي هئي تہ:
“مرڻ کان پوءِ مون کي مٽياريءَ ويجهو ڀيلن جي قبرستان ۾ دفن ڪيو وڃي. جيڪڏهن سنڌ جا ڀيل ڀُوري ڀيل جي پلاند ۾ منهنجو لاش ڪڍي روڊ تي ڦٽي ڪن، تہ کين اهڙي اجازت پڻ حاصل هوندي.”
سنڌ جو يگانو سياسي ۽ علمي ڪردار سائين عزيزﷲ ٻوهيو تاريخ 2 نومبر 2021ع تي جسماني طور اسان کان جدا ٿي ويو، پر سندس وطن دوست ڪردار، سياسي ۽ علمي پورهيو ۽ روادار سوچ قومي سرمايي طور اسان وٽ محفوظ آهي. هُو پڻھنجي قرآني تعليمات تي ٻڌل فڪري تحريرن ۽ اڻٿڪ سياسي جدوجھد جي صورت ۾ سنڌ جي هر دور جو سُونھون ۽ سرواڻ بڻيل رهندو.
اچو ته … پنهنجي قومي محسن سائين عزيزﷲ ٻوهيي صاحب جي چوٿين ورسيءَ جي موقعي تي هيءُ وچن ڪريون تہ:
اسان خوف ۽ لالچ کي لتاڙي، وڏي همت ۽ سياسي ڏاهپ سان، ديسي دلالن، ڌارين ڦورن، مذهبي جنونين ۽ رياستي سازشن کي شڪست ڏئي پنهنجو تاريخي وطن، جياپي جا وسيلا ۽ روادار قومي وجود بچائينداسين.










