سنڌ جو انا هزاري زندگي جي جنگ هارائي ويو

سنڌ جو انا هزاري زندگي جي جنگ هارائي ويو

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) هارين جي حقن جو علبردار ، سينئر صحافي ۽ کاٻي ڌر جو اڳواڻ ڪامريڊ غلام رسول سهتو ڊگهي بيماري بعد 73 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. ڪامريڊ غلام رسول سهتو ڳچ عرصي کان بيماري سبب اسپتال ۾ علاج هيٺ هو، ڊاڪٽرن موجب ڪامريڊ غلام رسول کي دل، گردن ۽ شگر جون بيماريون هيون. ڪامريڊ غلام رسول سهتو سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن کان سياست شروع ڪئي جيڪا هاري ڪاميٽي کان ٿيندي ڪميونسٽ پارٽي جاري رهي. پ پ جي گذريل حڪومت ۾ هن هارين جي حقن لاءِ حيدر آباد کان اسلام آباد تائين لانگ مارچ ڪيو ۽ اسلام آباد ۾ 100 ڏينهن کان وڌيڪ بک هڙتال پڻ ڪئي هئي. ڪامريڊ کي سنڌ جو انا هزاري جيڪو ڀارت جو هاري ليڊر هو تنهن سان تشبيهه به ڏني ويندي هئي.

اسلام آباد ۾ بک هڙتال دوران هو جڏهن ڪمزور ٿي ويو ۽ سندس زندگي کي خطرو لاحق ٿيو ته اعتزاز احسن مزمل خان ۽ جسٽس (ر) طارق محمود وارا وٽس آيا ۽ کيس جوس پياري بک هڙتال ختم ڪرائي هئي. 100 ڏينهن تائين سندس بک هڙتال هارين جي حقن، سنڌ ۾ با اثر زميندارن پاران پاڻي جي چوري روڪڻ خلاف بک هڙتال ڪئي، پر هن بي حس رياست جي ڪنهن اداري کي ڪو ترس نه آيو.

پهنجو تبصرو موڪليو