نوشھروفيروز (رپورٽ منظور ملڪ)سنڌ بار ڪائونسل جي مرڪزي سڏ تي نوشھروفيروز بار ڪائونسل جي وڪيلن سميت نوشھرو فیروز، ڪنڊيارو۔ مورو۔ ڀرياسٽي۔ محرابپور جي وڪيلن عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو۔ ان موقعي تي ضلع بار ڪائونسل جي صدر عبدالرحيم عباسي۔ اياز حسين مري۔ شير محمد اڄڻ ۽ ٻين چيو ته وزيراعظم عمران خان ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر آئين توڙي ملڪ جي آئين توڙي قانون سان مزاق ڪئي آھي اسان کي افسوس آھي تـ پاڪستان ھڪ آئيني ۽ قانوني ملڪ آھي جنھن تي ڊيموڪريسي ھلائي پئي وڃي۔ هنن چيو ته ملڪ جي آئين کي ٽوڙي وڏي غداري ڪئي وئي آھي اسان چيف جسٽس سپريم ڪورٽ کي گذارش ڪيون ٿا تـ تڪڙا قدم کڻي قومي اسيمبلي کي ٻيھر بحال ڪيو وڃي ۽ غداري ۾ ملوث وزير قانون۔ وزيراعظم ۽ اسپيڪر۔ ڊپٽي اسپيڪر خلاف قانوني قدم کنيا وڃن ٻي صورت ۾ وڪيلن پاران ملڪ گير تحريڪ هلائي ويندي۔










