سنڌي ٻوليءَ جو مستقبل،گلوبلائيزيشن ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي دور ۾

سنڌي ٻوليءَ جو مستقبل،گلوبلائيزيشن ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي دور ۾

محمد بلال ملڪ
جيڪڏهن ڪنهن قوم کان ان جي ٻولي کسي وڃي، ته اهو اهڙو آهي ڄڻ ڪنهن انسان مان سندس ساهه ڪڍي وٺجي. ٻولي رڳو ڳالهائڻ جو ذريعو نه آهي؛ اها تاريخ، تهذيب ۽ سڃاڻپ جو جيئرو وجود آهي. سنڌي ٻولي به ساڳي حيثيت رکي ٿي ـ اها اسان جي شاهه لطيف جي ڌرتيءَ جي ڌڙڪن آهي. پر اڄ جي گلوبل دنيا جي شور ۽ تيز رفتاريءَ ۾ هي ڌڙڪن آهستي آهستي ڪمزور ٿي رهي آهي. سوال اهو آهي: ڇا اسين پنهنجي ٻولي کي زنده رکڻ لاءِ عملي قدم کڻنداسين؟
سنڌي دنيا جي قديم ٻولين مان هڪ آهي. يونيسڪو جي رپورٽ موجب اڄ به لڳ ڀڳ 40 ملين ماڻهو سنڌي ڳالهائين ٿا، جن مان اڪثريت پاڪستان ۾ آهي، جڏهن⁠تہ هندستان، خليج، يورپ ۽ آمريڪا ۾ به لکين سنڌي رهن ٿا. هي انگ ٻڌائي ٿو ته سنڌي هڪ وڏي ٻولي آهي، پر سوال اهو آهي: ڇا اها ٻولي ايندڙ صدين تائين ساڳئي جوش سان زنده رهندي؟
اڄ جي دنيا ۾ انگريزيءَ کي عالمي درجو حاصل آهي. نوڪري، تعليم، ٽيڪنالاجي ۽ ميڊيا سڀ انگريزيءَ ۾ آهي. پاڪستان ۾ والدين کي به ڊپ هوندو آهي ته جيڪڏهن ٻار انگريزي ميڊيم اسڪول ۾ پڙهڻ نه ويندو ته پوئتي رهجي ويندو. اهڙي سوچ جي ڪري سنڌي ٻوليءَ کي ڪيترائي والدين نظرانداز ڪن ٿا. ڪيترن خانگي اسڪولن ۾ سنڌي پڙهائي ئي نٿي وڃي. نتيجو اهو آهي ته ڪيترائي ٻار پنهنجن نالن کان سواءِ سنڌيءَ ۾ لکڻ پڙهڻ ئي نٿا ڄاڻن.
مون لاءِ هي رڳو هڪ عام ڳالهه ناهي. منهنجو پنهنجو تجربو به آهي. منهنجا ڏاڏا هندستان مان هتي آيا هئا. اڪثر منهنجا دوست کلندي چون ٿا ته: “تون ته اصل ۾ سنڌي ناهين، تون ته مهاجر آهين.” هي لفظ مون لاءِ ڏاڍي تڪليف ڏيندڙ آهن. ڇا صرف ان ڪري ته منهنجا وڏا ڪڏهن ٻئي هنڌ رهندا هئا، مان سنڌي ناهيان؟ مان کين بار بار چوان ٿو: “اسان ٽئين، چوٿين نسل جا ماڻهو آهيون، هتي ڄاول آهيون، هتي جي مٽي اسان جي رت ۾ آهي. جيڪڏهن مان پاڻ کي سنڌي ن سڏيان ته اهو نه صرف پنهنجي سڃاڻپ سان پر سڀني سنڌي ماڻهن سان ناانصافي ٿيندي.” منهنجي لاءِ سنڌي ٻولي صرف ڳالهائڻ جو ذريعو ناهي، هي منهنجي ساهه جو حصو آهي.
ٽيڪنالاجي سنڌي ٻوليءَ لاءِ نوان در کوليا آهن. هاڻي اسان وٽ گوگل تي سنڌي ڪيبورڊ آهي، وڪيپيڊيا تي سنڌيءَ جو حصو آهي، ۽ فيس بڪ، واٽس ايپ ۽ ٽوئيٽر تي لکين ماڻهو سنڌي ڳالهائين ٿا. پر عالمي سطح تي اڃا به اسان جو حصو تمام گهٽ آهي. 2025 تائين دنيا جي سڀني ويب سائيٽن مان رڳو 0.01 سيڪڙو سنڌي مواد تي ٻڌل آهي. جيڪڏهن اسان پنهنجو مواد ڊجيٽل صورت ۾ نه آنداسين ته ٻولي نئين نسل ۾ ڪمزور ٿيندي.
تعليم ۽ نصاب ۾ سنڌيءَ کي نظرانداز ڪرڻ سڀ کان وڏو خطرو آهي. سنڌ ۾ ڪيترائي سرڪاري اسڪول آهن جتي سنڌي پڙهائي وڃي ٿي، پر انهن اسڪولن جي حالت سڀني کي خبر آهي. ٻار ته اسڪول وڃڻ بدران مزدوري يا ٻيا ڪم ڪن ٿا. اهڙي حالتن ۾ سنڌي پڙهڻ جي روايت به ڪمزور ٿي رهي آهي. جيڪڏهن خانگي اسڪولن ۾ به سنڌي کي لازمي مضمون بڻايو وڃي ته ٻوليءَ کي وڌيڪ مضبوط بنياد ملي سگهي ٿو.
ادب ۽ ثقافت اسان جي ٻوليءَ جا هميشه کان محافظ رهيا آهن. شاهه لطيف جا بيت، سچل سرمست جا صوفياڻا پيغام ۽ جديد ليکڪن جا ناول ۽ ڪهاڻيون ـ اهي سڀ ڪجهه سنڌي ٻوليءَ کي زنده رکڻ لاءِ اهم آهن. پر حقيقت اها آهي ته نئون نسل ڪتابن کان پري ٿي رهيو آهي. موبائل ۽ سوشل ميڊيا ڪتابن جي جاءِ والاري آهي. ان ڪري هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان سنڌي ڪتابن کي ڊجيٽل بڻايون. جيڪڏهن اسان وٽ اي بڪ، آڊيو بڪ ۽ سنڌيءَ ۾ موبائل ايپس موجود ٿين ته ٻار ۽ نوجوان ٻيهر پنهنجي ٻوليءَ ڏانهن موٽندا.
سنڌي ٻوليءَ کي زنده رکڻ لاءِ نوجوانن جي ذميواري سڀ کان وڏي آهي. جيڪڏهن اسان پاڻ گهر ۾ سنڌي ڳالهائينداسين، دوستن سان سنڌي ڳالهائينداسين، ته ٻوليءَ جو مستقبل محفوظ ٿي ويندو. ويلش ٻولي (Wales ۾) ۽ عبراني ٻولي (Hebrew، اسرائيل ۾) وري زنده ٿي سگهيون آهن. پوءِ سنڌي ڇو نٿي ٿي سگهي؟
پر ان لاءِ رڳو تقريرون ڪافي نه آهن. اسان کي عملي قدم کڻڻا پوندا. اسان جي يونيورسٽين ۾ سنڌي اسٽڊي سينٽرن جي ضرورت آهي. اسان کي عالمي ٻولين ۾ سنڌي ادب جا ترجما ڪرائڻ گهرجن. اسان کي يوٽيوب تي سنڌي ڊاڪيومينٽريز ٺاهڻيون پونديون. اسان کي هر پليٽفارم تي اهو ڏيکارڻو پوندو ته سنڌي هڪ زنده ٻولي آهي.
مختصر سنڌي ٻوليءَ جو مستقبل رڳو حڪومتن جي پاليسين يا ادارن تي دارومدار نٿو رکي، پر اسان سڀني جي روزاني عملن تي آهي. جيڪڏهن مان گهر ۾ پنهنجي ٻارن سان سنڌي ڳالهائيندس، اسڪولن ۾ سنڌي پڙهڻ تي زور ڏيندس، ۽ موبائل تي به سنڌي لکڻ کي ترجيح ڏيندس، تڏهن ٻولي زنده رهندي. ٻي صورت ۾، ڪابه يونيسڪو رپورٽ، ڪوبه سيمينار ۽ ڪابه تقريب سنڌي ٻوليءَ کي نه بچائي سگهندي.
اسان کي حقيقت کي منهن ڏيڻو پوندو: ٻوليءَ لاءِ جذباتي نعرا هڻڻ ڪافي نه آهي. جيڪڏهن ايندڙ پنجن ڏهن سالن ۾ اسان پنهنجي ٻولي کي ٽيڪنالاجيءَ سان نه ڳنڍيو ته پوءِ اسان جا ٻار شايد سنڌي ڳالهائين ته ضرور، پر پڙهڻ ۽ لکڻ کان پري ٿيندا. اهو ئي سڀ کان وڏو خطرو آهي.
ان ڪري اڄ کان ئي هر سنڌي نوجوان کي اهو فيصلو ڪرڻو پوندو ته هو پنهنجي ٻوليءَ لاءِ ڪجهه ڪندو يا نه. جيڪڏهن اسان پاڻ اڳتي نه وڌنداسين، ته پوءِ تاريخ لکندس ته سنڌين وٽ دنيا جون سڀ سهولتون هيون، پر پنهنجي ٻولي بچائڻ لاءِ عملي قدم نه کنيا.
ليکڪ بابت:
محمد بلال ـ يونيورسٽي آف سينٽرل پنجاب جو شاگرد، نوجوان ليکڪ آھي، جيڪو ثقافتي ورثي، انساني حقن ۽ موجوده دور جي مسئلن بابت لکندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو