اعجاز ممنائي
سنسڪرت ٻوليء موجب سنڌو معنيٰ سمنڊ يا وڏو درياءُ آهي، سنسڪرت ڊڪشنري ۾ ، سنڌوءَ جو اصل لفظ سيند لکيو ويو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي وهڻ. يعني سنڌوءَ جو مطلب اهو آهي ته هميشه وهندڙ درياء۔ پروفيسر ميڪس مولر جي مطابق، سنڌو لفظ شُد مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي انهن علائقن کي بچائڻ، جن مان سنڌو درياء وهي ٿو. اتي رهندڙ ماڻهن جي حفاظت ڪندو آهي. ڌارين ۽ جهنگلي ٻيڙن جي حملي کان بچائيندڙ۔ مطلب ته سنڌو لفظ جا مختلف اچار هن ريت ملن ٿا۔ سنڌو کي رگ ويد 1500 ق.م جي زماني ۾ ”سنڌو“ سڏيو ويندو هو. ايراني دور ۾ 518 ق.م ۾ ايران جي دارا سنڌ تي قبضو ڪيو، تڏهن هنن سنڌ کي هندو سڏڻ شروع ڪيو. ڇاڪاڻ ته سندن ٻوليءَ ۾ ”س“ اکر نه هوندو هو. ۽ انهن ”س“ بدران ”ھ“ استعمال ڪرڻ شروع ڪيو. اهڙيءَ طرح سنڌو هندو ٿي ويو. يوناني دور ۾ 326 ق.م ۾، يونانين سنڌوءَ کي سنڌو سڏيو ۽ ان جو نالو انڊس ٿيو ۽ ان نديءَ جو نالو انڊيڪا (Indica) رکيو ويو، جيڪو چيني سياح يوان 641ع ۾ لکيو. اهڙي طرح سنڌوءَ کي سنسڪرت ۾ نجات ڏيندڙ يا روزي ڏيندڙ سڏيو ويندو هو ساڳي ريت ان کي ”تبتي“ ان ڪري چون ٿا جو درياءِ شينهن جي وات مان نڪرندڙ آهي. قراقرم جي وچ واري حصي ۾ درياهه سڏجي ٿو. قراقرم کان هيٺ تربيلا تائين ان کي ”ابا سين“ سڏيو وڃي ٿو يعني سڀني جو پيءُ يا دريائن جو پيءُ.بهرحال سنڌو درياء سنڌي قوم جي جياپي جو مکيه وسيلو آهي پر هڪ عرصي کان ان خلاف هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي۔ هي درياء ماضي قريب ۾ ”بادشاهه“ سڏبو هو سندس ڇوليون ڏسي ماڻهو موج ۽ مستيء ۾ اچي ويندا هئا ۽ روزانو درياء جو سير ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهندو هو پر وقت بدليو ۽ حالات بدليا ان ساڳئي سنڌو درياء مان واري اڏامندي رهي ۽ ٻيلا مڪمل طور ختم ٿي ويا درياء جي پيٽ ۾ قبضه خورن پنهنجا گهر اڏي ورتا۔ڪچو ۽ پڪو هڪ بڻجي ويو هاڻي هڪ ناپاڪ سازش تحت سنڌو درياء مان 6 ڪينالن ڪڍڻ جون ڳالهيون پيون ٿين ته جيئن پنجاب جون زمينون آباد ڪري سگهجن۔ سنڌو درياء جيڪو تبت کان ٿيندو سنڌو ۾ ڇوڙ ڪري ٿو جنهن وسيلي هر سال سانوڻي موسم ۾ ٻوڏ به اچي ٿي ڪچي توڙي پڪي جون بنجر پيل زمينون آباد ٿين ٿيون جر جو پاڻي زمين کان تيرنهن کان چوڏنهن فٽ تائين سڄو سال هيٺ رهي ٿو جنهن نتيجي اسان کي نلڪا يا ٽيوب ويل لڳائڻ ۽ جر تائين پهچڻ لاء مٿين ڏنل فٽن جي کوٽائي ڪرڻي پوي ٿي، جڏهن درياء پنهنجي مستيء ۾ وهندو هو ته اسان جي جر جو پاڻي پنجاب ۽ ٻين صوبن جي جرن کان ڪافي حد تائين مٺو ،صاف ۽ تازو هوندو هو، جڏهن ته سنڌو خرياء ۾ ٻوڏ اچڻ ڪري زمينون نه رڳو آباد پر ماهيگرن کي وڏو فائدو پوندو هو۔ سنڌ حڪومت سنڌو درياء مان ڪينال ڪڍڻ واري منصوبي تي سخت موقف اختيار ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي سنڌ اسيمبليء جي ميمبرن واضح چيو آهي ته سنڌو درياء اسانجي جياپي جو ذريعو آهي جيڪڏهن سنڌ جي معاشي حالات کي بهتر ڪرڻو آهي ته سنڌو درياء کي بچائڻو پوندو ۽ هر صورت ۾ سنڌ جي چپي چپي جي حفاظت ڪرڻ جو وچن ڪيو آهي گذريل ڏينهن اسيمبليء ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي اسيمبلي ميمبرن چيو ته اسان خوب ڄاڻون ٿا ته جيڪڏهن سنڌو درياء مان ڪئنال نڪرندا ته سنڌ جون چند سالن اندر زمينون بنجر ٿي وينديون، جر پاڻي ڏيڻ ڇڏي ڏيندو، تمر جا ٻيلا جيڪي سنڌو جي وهڪري کي جهڪو ڪرڻ لاء آباد آهن اهي پڻ ختم ٿي ويندا ،جر پنجاھ فٽ تائين به پاڻي ڪونه ڏيندو ،سنڌ جي زرعي معيشت تباهه ٿي ويندي۔ هينئر جيڪو سال ۾ هڪ فصل کڻون ٿا ايندڙ چند سالن ۾ اهو هڪ فصل به ڏڪر جو سبب بڻبو، سنڌ سرڪار پنهنجي زميواريء کان خوب واقف آهي ۽ ڪنهن به صورت ۾ هڪ ڪئنال به ڪڍڻ نه ڏينداسين۔ پنجاب پنهنجا پنج درياء انڊيا کي وڪڻي ارسا ترميمي ايڪٽ تحت ”گرين پاڪستان“ نالي سنڌي قوم کان جياپي جو حق نه ٿو کسي سگهي۔ اسان هر محاذ تي انهن ناپاڪ منصوبن خلاف آواز اٿارينداسين۔اسان مان هرهڪ جو ردعمل سنڌو درياء جي محفوظيت جو سبب بڻبو۔ سنڌ اسيمبليء جي ميمبرن جي ان موقف کان پوء هڪ اميد جاڳي آهي ته سنڌو درياء محفوظ هٿن ۾ آهي۔ اسان کي گرين پاڪستان نالي سنڌوء تي ڪنهن به قسم جو ڪينال قبول ڪونهي۔سنڌ جي عوام جي جياپي جو وڏو وسيلو زراعت آهي. جيڪڏهن زمينون ويران ٿي وينديون ته پهرين کان پريشان ماڻهو ٻه وقت ماني کائڻ لاءِ اناج ڪٿان آڻيندا؟ اهو منصوبو 8 جولاءِ 2024ع تي ايوان صدر ۾ جوڙيو ويو آهي ته پهرين ارسا جي قانون ۾ ترميم ڪئي ويندي ۽ پوءِ ڪئنالن کي اسٽريٽيجڪ ڪئنال جو نالو ڏئي پاڻي کنيو ويندو، جنهن پاڻي جو مقدار سکر بئراج جي مقدار کان به وڌيڪ آهي. پيپلز پارٽيء جي ايم پي ايز اسيمبلي کان ٻاهر پنهنجو واضح موقف اختيار ڪيو جيڪو سنڌ جي ساڃاهه وندن ۽ دانشورن جي موقف سان سهمت ٿئي ٿو يعني سنڌو درياءَ تي ڪوبه نئون ڪئنال ٺهڻ نه ڏيندا۔هونء به پيپلز پارٽي جي انهن ميمبرن کي سنڌ جي عوام ووٽ ڏئي حڪومت ۾ آندو آهي انڪري مٿن فرض بڻجي ٿو ته هو سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي ڀلائيء وارن منصوبن تي ڪم ڪن ۽ هر ان سازش جو مقابلو ڪن جنهن سان سنڌ صوبي جي عوام کي نقصان پهچي۔ اسان سنڌ اسيمبليء جي ميمبرن جي آيل موقف جي ڀرپور حمايت ڪريون ٿا۔ حقيقت ۾ انهن پنهنجو قومي فرض نڀايو آهي جيڪو ساراهه جوڳو عمل آهي۔ هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سمورا ميمبر پنهنجي موقف تي قائم رهن ۽ اسيمبليء مان قرارداد پاس ڪن ته سنڌ دشمن منصوبي کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو
۽ وفاق کي صوبن خلاف سازشون بند ڪرڻ گهرجن۔










