سنڌوءَ جو پاڻي روڪڻ جا ھاڃيڪار نتيجا ظاھرٿيڻ لڳا

سنڌوءَ جو پاڻي روڪڻ جا ھاڃيڪار نتيجا ظاھرٿيڻ لڳا

سيد يوسف شاهه
سنڌوءَ تي ٺھندڙ تڪراري ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف سنڌي قوم جي تحريڪ دوران ئي سنڌوءَ تي ٺھندڙ ڪئنالن جا ھاڃيڪار ۽ اگُرا نتيجا سامھون اچڻ شروع ٿي ويا ھئا، سنڌو درياھہ جي پاڻيءَ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 50 سيڪڙو تائين گهٽتائي ٿي ويئي ۽ آبادگارن کي سنڌ سرڪار پاران نوٽس ملڻ لڳا تہ سسٽم ۾ پاڻي جي شديد کوٽ سبب علائقي واسين کي فقط پيئڻ لاءِ پاڻي ڏنو ويندو، زراعت لاءِ نہ ۽ پاڻيءَ جي کوٽ سبب خريف جي فصلن جي پوکائي نہ ڪئي وڃي، نقصان ٿيڻ جي صورت ۾ ايريگيشن کاتو ذميوار نہ ھوندو!، مٿان وري مراد علي شاھہ چيو تہ ، زراعت فائدي بخش پيشو نہ رھيو آھي پر حڪمرانن وٽ ان جو ڪو جواب نہ ھو تہ اسان جي ماروئڙن جو گذر سفر ۽ سندن معصوم ٻارن جي جياپي جو واحد ذريعو سنڌو ماتا جي پاڻيءَ ۽ زراعت تي آھي، انھن کان محنت مزوري ڪري، پنھنجن معصوم ٻارن جي جياپي لاءِ اٽي لپ پيدا ڪرڻ جو حق بہ کسيو ويو تہ اھي ڪيڏانھن ويندا؟ جڏھن سنڌوءَ جي پاڻيءَ تي ڌاڙا لڳي رھيا ھجن، سنڌ وطن جون لکين ايڪڙ زمينون پنھنجي ذاتي جاگير سمجهي وڪرو ٿي رھيون ھجن، قديم تاريخي اھميت واريون جايون تباھہ ڪيون وڃن، ڪروڙين سنڌين کان سندن ذاتي روزگار جا ذريعا بہ کسي سماجي ۽ معاشي، ايتري حد تائين جو زندگيءَ جا حق بہ کسيا وڃن ۽ پوءِ چيو وڃي تہ اسان ھر حال ۾ وفاق سان گڏ آھيون! جڏھن تہ حالت اھا آھي جو بدين، ٺٽو ۽ ماتلي سميت سنڌ جي ھيٺاھين علائقن سميت اتر سنڌ جي گهڻن علائقن کي فصلن پوکڻ کان بہ روڪي بيروزگار ڪيو ويو. پاڻيءَ نہ ملڻ سبب سنڌ جا بيٺل فصل تباھہ ٿي ويا. انسان ۽ جانور اڃ مرڻلڳا. انڊس ڊيلٽا ۾ پاڻيءَ جو ڇوڙ نہ ھئڻ سبب سمنڊ لکين ايڪڙ زمين ڳيھڻ لڳو، سامونڊي جيوت ختم ٿيڻلڳي، تمر جا ٻيلا تباھہ ٿيڻلڳا ۽ سامونڊي طوفانن جا خطرا وڌڻلڳا.انھن مھاڻن جي حالت تي بہ رحم نہ ڪيو وڃي، جن جي سمنڊ ۾ سنڌوءَ جو پاڻي ڇوڙ نہ ڪرڻ سبب، سامونڊي جيوت ختم ٿي رھي ھجي، جنھن سبب ملاحن جا ٻچا بک ۽ اڃ وگهي تڙپي تڙپي مرندا ھجن، تمر جا سامونڊي ٻيلا تباہ ٿي رھيا ھجن، ڪوسٽل پٽيءَ جون لکين ايڪڙ زمينون سامونڊي پاڻيءَ ھيٺ اچي وڃن ۽ سامونڊي طوفانن جا خطرا وڌي وڃن. پوءِ بہ ھن ”جمھوري راڄ“ ۾ اسان کي پنھنجا حق گهرن جي ڏوھہ ۾ ڪنھن پابندي مڙھيل تنظيم سان لاڳاپي، ڌارئي ملڪ جا ايجنٽ ۽ دھشتگرد سڏي بندوقن جا منھن کولي اسان کي ماٺ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.!
حقيقت اھا آھي تہ سنڌوءَ جي ڇوليون ھڻندڙ پاڻيءَ کي ڪئنالن جي زنجيرن ۾ جهڪڙي، سنڌ ڏانھن پاڻي اچڻ جا سمورا رستا بند ڪرڻ، اسان کي بيروزگار ڪرڻ، اسان جي ماروئڙن کي مانيءَ ڳڀي جو محتاج ڪرڻ، اسان جي معصوم ٻارن جو فاقن وگهي قتل عام ڪرڻ۽ سنڌ جي سون ورنين زمينن کي سُڪائي ويران ڪرڻ جي رٿابندي اڄوڪي ناھي پر پاڪستان جي وجود ۾ ايندي ئي پنجابي حڪمرانن نسل پرستيءَ جو عملي مظاھرو ڪندي وفاق جي اوٽ ۾ سنڌو درياھہ جو پاڻي چورائڻ شروع ڪري ڇڏيو ھو. جڏھن سنڌو تار وھندو ھو، تڏھن سنڌو درياھہ سکر کان وھندي ضلعي ٺٽي ۽ سجاول کان گهوڙا ٻاري، جهنگيسر، ڀاڳاڻا ۽ آٿرڪيءَ تائين وھندو ھو. جنھن کان پوءِ سنڌوءَ جون ٻہ شاخون کلنديون ھيون، ھڪ شاخ کي روڙو سڏيو ويندو ھو، جڏھن تہ ٻين شاخ کي کارو ڇاڻ ڪوٺيو ويندو ھو، روڙي واري شاخ مان مٺو پاڻي سمنڊ جي مل ڪريڪ، ڪانئر ڪريڪ ۽ ٻين ڪريڪس ۾ ڇوڙ ڪندو ھو، جڏھن تہ کاري ڇاڻ واري شاخ مان درياھہ جو مٺو پاڻي ترڇاڻ ڪريڪ، کيڏي واري ڪريڪ، کوڀر ڪريڪ، گهوڙو ڪريڪ ۽سنھڙي ڪريڪ ذريعي سمنڊ ۾ ڪرندو ھو. ان دور ۾ ڪيٽي بندر ھڪ وڏو شاھوڪار شھر ھو، جتان کان ٻيڙين ذريعي سڄي دنيا سان وڻج واپار ٿيندو ھو، ان کان سواءِ بردي، دبولو، سوکي، کارو ڇاڻ، ھنڀس ۽ ٻيا ڳوٺ ۽ شھر آباد ھئا، اھي علائقا زراعت، چوپائي مال ۽ مڇيءَ ماري لاءِ مشھور ھئا، انھن علائقن ۾ ڳاڙھا چانور، کير، مکڻ، ڏُڌ، ڌئونرو، لسي، سانا(گهانگٽ)، پلو ۽ ٻيون مڇيون جام ٿينديون ھيون ۽ سمورا ماڻھو خوشحال زندگيون گذاري رھيا ھئا. اھي سمورا علائقا ماحول دوست ھوندا ھئا، پکي پکڻ ولر ڪيو وتندا ھئا، پرديسي پکيئڙا ڪونجون قطارون ڪري اڏامنديون نظر اينديون ھيون ھنجهہ پکيئڙا بہ گروپ ٺاھي اڏامندا ھئا، ھنجهرون ۽ ھاڙيون بہ انھن سکين ستابن علائقن ۾ پنھنجو پيٽ پالڻ اينديون ھيون. پر پوءِ وفاق جي نالي ۽ سمنڊ ۾ مٺو پاڻي ضايع ٿيڻ بھاني سنڌوءَ تي بند ٻڌجڻ لڳا، زرعي زمينون سڪي ٺوٺ ٿيڻ لڳيون، ڳاڙھن چانورن جا سلا سڪڻ لڳا، چوپائي مال جي چرڻ لاءِ گاھہ نہ رھيو، مينھون مرڻ لڳيون، کير، مکڻ ۽ سچا گيھہ اڻلڀ ٿي ويا، سمنڊ لکين ايڪڙ زمينن کي ڳيھڻ لڳو، ڏڪار جي صورتحال پيدا ٿي ويئي، سکيا ستابا مارو ماڻھو بيروزگار ٿي ويا، سندن جياپي جو آسرو ختم ٿي ويو ۽ پوءِ 1968 ڌاري انھن علائقن جي لڳ ڀڳ سموري آباديءَ جا ماڻھو ھٿين خالي پنھنجا اباڻا اجها ڇڏي ملير جي سامونڊي پٽيءَ جي ڳوٺن، ابراھيم حيدري، جمع ڪلمتي ڳوٺ، چشما ڳوٺ، ريڙھي ۽ لٽ بستيءَ ۾ ڪکاوان گهر اڏي روزگار ڪرڻ لڳا. اڄ بہ ابراھيم حيدريءَ، ريڙھي ۽ جمع ڪلمتي ڳوٺن ۾ انھن مظلومن جي وڏي آبادي انصاف جي اوسيئڙي ۾ آھي. سندن لکين ايڪڙ موروثي زمينون پاڻيءَ ھيٺ اچي ويون پر اڄ تائين اسان جي حڪمرانن کين متبادل زمينون نہ ڏنيون آھن. جڏھن تہ سرمائيدارن ۽ بلڊرن کي بيڪار زمينن عيوض ڪراچيءَ جون قيمتي زمينون ڏنيون وڃن ٿيون. انھن متاثر ماڻھن ۾ چارڻ، دبلا، لکيا، لاڙا، رونجها، بگدا، بڍالا، خاصخيلي، ڀيل، ڌانڌل، ٻوگاڻي، ملڪائي، جت، ڇولاڻي، پيروزاڻي بلوچ ۽ رجيرا بلوچ شامل آھن.
تازين رپورٽن موجب پنجاب جي نسل پرست حڪمرانن پاران سنڌوءَ مان پاڻيءَ چوري جو سلسلو اڳي کان وڌيڪ تيزيءَ سان جاري آھي ۽ سنڌ جا حڪمران تماشو پيا ڏسن، جنھن جي نتيجي ۾سنڌ ۾ پاڻيءَ جي شديد کوٽ سبب وڏن فصلن جي پيداوار ۾ ريڪارڊ گھٽتائيٿي ويئي آھي. ڪپھہ ، ڪڻڪ، مڪئي ۽ چانورن جي پيداوارتمام گهٽ ٿي آھي. اھو وفاق ۽ سنڌ حڪومت جي سنڌ ۾زراعت دشمن فيصلن جو بہ نتيجو آھي جنھن ڪري سنڌ ۾ بُک ۽ بيروزگاريءَجنم ورتو آھي،جنھن جو اندازو اڳ ۾ ئي حڪومتي روين مان پڌرو ٿي چڪو ھو.ھن سال پنجاب جا فلڊ ڪئنال کوليسنڌ ۾ پاڻيءَ جي ھٿرادو شديد کوٽ پيدا ڪئي ويئي آھي.جنھن ڪري سنڌ ۾ فصلن کي ڪاپاري ڌڪ رسيو۽ سنڌ جي ڪپھہ، ڪڻڪ، سارين ۽ ڪمند جا فصل پاڇاٽا ٿيا، وونئڻ سُڪي ويا، سارين جا سِلا نہ اُڀري سگھيا ۽ ڪمند جو رس سُڪي ويو جنھن ڪري ڪمند ڪنھن ڪم جو نہ رھيو.اھو رويو وفاق پاران سنڌ سان غلاميءَ واري سلوڪ ۽ سنڌ جي حڪمرانن پاران ”وفاق“ جي نالي تي مڪمل خاموشيءَ جو نتيجو آھي.جيڪو سنئون سڌو سنڌ دشمنيءَتي ٻڌل آھي. مٿان وري ھن سال سنڌ حڪومت ڪڻڪ جي خريداريءَ کان انڪار ڪري ڇڏيو، نتيجي ۾ گذريل سال واري امدادي اگهہ 4000 رپين بدران غريب پورھيتن جي ڪڻڪ 2200 رپيا في مڻ وڪامجهڻ لڳي ۽ آبادگار پنھنجو لڳائيل خرچ بہ نہ ڪڊي سگهيا، جڏھن تہ اٽي جو اگهہ ساڳيو رھيو جنھن ڪريسنڌ جا آبادگار ايندڙ سال ڪڻڪ پوکڻ ۾ دلچسپي نہ وٺندا ۽ ملڪ کي ڪڻڪ جي شديد کوٽ کي منھن ڏيندي ڪڻڪ امپورٽ ڪرڻي پوندي. اھا حيرت جوڳي ڳالھہ آھي تہ ملڪ جا حڪمران پنھنجن ھارين کي امدادي اگھہ ڏيڻ لاءِ تہ تيار نہ آھن پر ٻاھران خريداري ڪري، ڪميشن وٺڻ ۾ پورا آھن، گذريل سال بہ ڪڻڪ جي امپورٽ تينگران وزيراعظم تي اربين رپين جي ڪميشن وٺڻ جا الزام لڳا پر نيب ۽ ٻيا ادارا جاچ ڪرڻ بدران ماٺ ۾ آھن.
ھڪ ڀيرو ٻيھر سنڌوءَ ۾ پاڻيءَ جي شديد کوٽ ٿي ويئي آھي. پنجاب حڪومت، ارسا ۽ واپڊا ڏاڍ مڙسيءَ تي سنڌو درياھہ مان پاڻي کڻڻ تي سندرو ٻڌي بيٺل آھن. 1990ع واري پاڻيءَ ٺاھہ موجب سنڌ کي سندس مقرر حصي کان 26100 ڪيوسڪ گهٽ پاڻي ڏنو ويو آھي، جڏھن تہ پنجاب جي ٻوڏ وارن ڪئنالن ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جو عمل تيزيءَ سان جاري آھي ۽ پنجاب جي تڪراري ڪئنالن، چشما جهلم لنڪ ڪئنال، تونسا پنجند لنڪ فلڊ ڪئنال، ٿل ڪئنال، ڊيرا غازي خان ڪئنال ۽ ڪڇي ڪئنالن ۾ ڌڙاڌڙ پاڻي ڇڏيو پيو وڃي. اھڙيءَ طرح پنجاب رڳو سنڌو ڌرياھہ مان 57 ھزار ڪيوسڪ پاڻي چورايو آھي، جنھن ڪري سنڌ ۾ آڳاٽي ۽ وچولي خريف کي شديد نقصان رسيو آھي ۽ سنڌوءَ جي پڇڙيءَ وارن ضلعن، ٽنڊو محمد خان، بدين، ٺٽي ۽ سجاول ۾ انتھائي ھاڃيڪار صورتحال پيدا ٿي چڪي آھي، جتي ھن وقت پيئڻ لاءِ پاڻي بہ ميسر ڪونھي، جڏھن تہ گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بئراجن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ تشويشناڪ حدون اورانگهي چڪي آھي پر ان دينا داستيءَ ۽ چوريءَ تي سنڌ سرڪار ۽ ارسا ۾ سنڌ جي نمائندي ٻڙڪ بہ ٻاھر ناھي ڪڍيو.!
ڇا ڪنھن حقيقي وفاق ۾ اڪائين سان ايڏي ٻہ اکيائي ۽ ظلم ڪيو ويندو آھي؟ سنڌ سان ايڏو ڏاڍ ڪري وفاق پاران اسان کي آخر ڪھڙو پيغام ڏنو پيو وڃي، پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ وقت تہ وعدو ڪيو ويو ھو تہ اسان کي خود مختار، خوداختيار ۽ حاڪم واري حيثيت ۾ شامل ڪيو ويندو، ڇا اھائي خودمختاري، خوداختياري ۽ حاڪميت آھي؟

پهنجو تبصرو موڪليو