منور برهماڻي
ڪڏهن ڪڏهن ڌرتيءَ جا لڙڪ جاڳن ٿا ته تاريخ نئون موڙ وٺي ٿي، رت جون واڙون وهجن ٿيون پر اميد جا گل وسامي نه ٿا وڃن ، سنڌ، جيڪا هميشه قرباني جي ڌرتي رهي آهي، اڄ وري جاڳي پئي آهي، ڪئنالن خلاف هڪ اهڙي تحريڪ جي صورت ۾، جيڪا رڳو پاڻيءَ يا زمين لاءِ نه، پر وجود، سڃاڻپ ۽ وجودي حقن جي تحفظ لاءِ آهي ، ٻٻرلو، جيڪو عام ڏينهن ۾ شايد هڪ خاموش شھر ٿي سگهي ٿو مگر اڄ تحريڪ جو ڌڙڪندڙ دل بڻجي ويو آهي ، هتي جو هر وڻ، هر واهه، هر وکر ڄڻ نعرن، گيتن ۽ قومي شاعريءَ سان گڏجي، نئين سنڌ جي تعمير جو خواب ٻڌائي رهيو آهي ، ڌرڻو لڳاتار ستين ڏينهن تائين جاري آهي، پر عوام جو جوش، جذبو ۽ همت ايترو ته ڀرپور آهي جو لڳي ٿو، هي رڳو احتجاج نه، پر هڪ نئين ثقافتي اڀار جو جنم آهي ،سنڌ جي مٽيءَ جا سورما ۽ سورميون ،هن ڌرڻي ۾ رڳو مرد نه، پر عورتون به سر سان ڪفن ٻڌي ميدان ۾ لٿل آهن ، ڪڇ تي ٻار، هٿن ۾ جهنڊا، اکين ۾ ارمان ، انهن سنڌي سورمين جي موجودگي ڌرتيءَ جي سجاڳيءَ جو جوت ڏئي رهي آهي ، هي آواز صرف سياست جي نه، پر ڌرتيءَ جي عزت، ان جي حرمت ۽ حقن لاءِ آهي، ٻٻرلو مھمان نوازي جو مثال قائم ڪري ڇڏيو آھي ، ٻٻرلو جي ماڻهن جيڪا مهمان نوازي ڏيکاري آهي، سا تاريخ جو حصو بڻجي چڪي آهي ، ماڻهو پاڻمرادو کاڌو، پاڻي، شرڀت، چانھ، دوا، ميڊيڪل ڪيمپون مهيا ڪري رهيا آهن ، ڌرڻي وارا ته پرايا ئي نه رهيا ، انهن سان ائين ورتاءُ ڪيو پيو وڃي ڄڻ سالگرهه جي دعوت جا مھمان هجن ، هوٽلن وارا پيسا نه وٺن، دوڪاندار ڪنهن سان سختي نه ڪن، روڊن تي بيٺل مسافرن سان به عزت سان پيش اچن ، اهڙي ثقافت صرف سنڌ جهڙي ڌرتيءَ تي ئي ملندي، سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ فڪري فضا ھن وقت هڪ نئين جاڳرتا، هڪ نئين مزاحمت، ۽ هڪ نئين قومي شعور جي موجن سان ڀرجي وئي آھي ، ڇھ تڪراري ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف جيڪي ريليون، ڌرڻا ۽ احتجاج شروع ٿيا آھن، سي هاڻ محض روڊن تي بيهڪ نه رھيا آھن، پر هڪ مزاحمتي تحريڪ جي روپ ۾ تبديل ٿيندا پيا وڃن. ٻٻرلو جي ڌرڻي ۾ لکين ماڻهن جو شريڪ ٿيڻ، ڄڻ ته ڌرتي ماءُ جي سڏ تي سڄي سنڌ جي ڌيئن ۽ پٽن جي حاضريءَ جو اعلان آھي ، پاڻيءَ لاءِ اٿيل صدائون
”ڪئنال سمورا نامنظور“، ”درياھ تي ڌاڙو نامنظور“، ”ڌرياھ کپائيندين پادر کائيندي“، ۽ ”سنڌ جي زمينن تي قبضو نامنظور“ جھڙا نعرا، هاڻ صرف احتجاجي تختيون نه رھيا آھن، پر اهي سنڌ جي دل جي ڌڙڪن بڻجي چڪا آھن. اھي نعرا، سنڌي ماڻھوءَ جي پاڻي، زمين، وجود، ۽ حقن جي تحفظ لاءِ اٿندڙ غصي، پيڙائن، ۽ پيار جو اظھار آھن ،تڪراري ڪئنال منصوبا ڌرتيءَ سان ڏاڍ جا منصوبا آھن ۽ اھي نه ان وقت جڏھن سنڌ اڳ ئي پاڻي جي کوٽ سان وڪوڙيل آھي، نوان ڪئنال منصوبا ڌرتيءَ لاءِ موت جي برابرآھن ، اھي رٿائون نه رڳو پاڻي جو وهڪرو مٿئين علائقن ڏانھن موڪلين ٿيون، ۽ سنڌ لاءِ سڪائي زمينون بنجر ڪري ، فصلن تباھ ڪري ڇڏيندا ، ڪارپوريٽ فارمنگ زمينن تي نئين سامراجيت برابر آھي ،ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ ملٽينشنل ڪمپنين کي زمينون ڏيڻ، مقامي آبادگارن ۽ ھارين لاءِ قبضي جي برابر آھي ، ھن پئسي واري سامراجيت ھاڻي فقط ڌارين جي هٿن ۾ زمين وڃائڻ جو خطرو نه آھي، پر ان سان گڏ مقامي ثقافت، سماج ۽ فطري ماحول جو به خاتمو آھي ، ٻٻرلو ڌرڻو صرف هڪ احتجاج نه آھي ، پر سنڌ جي نئين قومي ڄاڻ جو مظاهرو آھي . ان ڌرڻي ۾ شريڪ لکين ماڻھن جو جذبن سان ڀرپور گڏ ٿيڻ، ڄڻ ته سنڌ پاڻ سان واعدو ڪيو ھجي ، ”اڄ جي جدوجهد، سڀاڻي جي خودمختياريءَ جو بنياد بڻجندي “ اھو احتجاج، عورتن جي جُهُر، نوجوانن جي آواز، ٻارن جي اميد، ۽ پوڙھن جي دُعائن سان جڙيل آھي ، سنڌ جي واھڻ وستي ، شاعري، سنگيت، ۽ ڪالم به ان جدوجهد جو حصو بڻجي ويا ، سنڌ جي سياسي مذھبي ، اڳواڻن ، ڊاڪٽرن ، شاگردن ، صحافين سان گڏ سنڌ جي اديبن، شاعرن، ۽ فنڪارن به ان تحريڪ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آھي ، شاعريءَ جا بيت، ڳايل گيت ۽ ادبي تحريري مظاھرو، مزاحمت جي نئين زبان بڻجي ويا آھن. ”سنڌ بچايو“ ھاڻي فقط هڪ سياسي نعرو نه، تحريڪ ماڻھن جي سمنڊ سان پروان چڙھي پئي ، سنڌ جي جدوجهد ھاڻي نئين دور ۾ داخل ٿي چڪي آھي. ھي رڳو پاڻيءَ يا زمين لاءِ جدوجهد نه آھي، پر ھي شناخت، خودمختياري، ۽ وجود لاءِ ويڙهه آھي. ھن مزاحمتي تحريڪ جي سنگت ۾، سنڌ هڪ ٻيو ڀيرو ثابت ڪري رهي آھي ته جڏھن ڌرتيءَ تي ڌاڙو ٿو پوي، تڏھن سنڌ جا ماڻھو خاموش نٿا رھن ، اھي درياھ بچائڻ لاءِ پاڻ درياھ بڻجي بيھي رھن ٿا، ڌرڻي جي تحريڪ جا اثر نئين تاريخ کي جنم ڏئي رھيا آھن ، هي رڳو احتجاج ناهي، هي ته قومي شعور جي نئين لهر آهي ، ماڻهو نعرن ۾، گيتن ۾، شاعريءَ ۾، رنگن ۾ پنهنجو پيار، پنهنجي واعدي، پنهنجي ڌرتيءَ سان نڀايل محبت جو اظهار ڪري رهيا آهن ، هيءَ نئين سنڌ، جا ٺهي رهي آهي، اها رڳو رستا بند ڪرڻ نه ٿي ڄاڻي ، اها دلين کي کولڻ، اکين کي جاڳائڻ، ۽ سوچن کي آزاد ڪرڻ جي ڳالهه ڪري پئي ، سنڌ، جنهن جا درياهه ماٺ آهن، پر ماڻهو جوش سان اُٿيا آهن ، اهو سنڌ جو حقيقي جوهر آهي ، ٻٻرلو ۾ جيڪا مهمان نوازي، جيڪا ثقافتي اوج، ۽ جيڪا قومي همت ڏسڻ ۾ آئي آهي، اها فقط سنڌين لاءِ نه پر پوري انسانيت لاءِ هڪ مثال آهي ،اهو وقت هاڻ اچي ويو آهي، جڏھن سنڌي قوم رڳو پنهنجا حق نٿي گهري، پر پنهنجي ڌرتيءَ، پنهنجي ٻولي، ۽ پنهنجي وجود سان وفاداريءَ جو ڀرپور اظهار ڪري رهي آهي ۔










