رحمت الله ٻرڙو
سنڌ جو مجموعي طور زراعت جي لحاظ کان مشاهدو ڪيو ويندو ته سنڌ توهان کي ٻن حصن ۾ ورهايل نذر ايندي هڪ زراعت ۽ ٻيو پورٽ اينڊ شپنگ يا ڪوسٽل سائيڊ پڻ.مٿي جيڪو موضوع آھي سو سنڌ جي زراعت جو پيشو يا شعبو آھي ۽ مجموعي طور سنڌ زرعي بنيادن تي جتي مالامال هئي ۽ آھي اتي غلط پاليسين سبب ۽ اتي سرڪاري طور اختيارين پاران ڪرپشن سبب ڄڻ ته مالا مال حال مان زوال جو شڪار نذر ايندي.!!گذريل ڪافي ڏينهن کان وٺي ڪڻڪ جي پوکائيء ۾ جيڪي رڪاوٽون پيش اچي رهيون آھن ۽ انهن رڪاوٽن سبب ڪڻڪ جي پوکائي جوڳي نه ٿيڻ جا انديشا پڻ سڀاڻي ڪڻڪ جي گهٽتائيء جو سبب بنجي سگهجن ٿا.سنڌ صوبو پنهنجي زراعتي شعبي ۾ انتهائي مالدار صوبو رهيو آھي ۽ ان حوالي سان پاڪستان ٺھڻ کان اڳ ۽ پوء به سنڌ جي زراعت جي عالمي مارڪيٽ هاڪار پڻ هئي پر افسوس جو گذريل هڪ وڏي عرصي کان وٺي سنڌ جي زراعت واري شعبي کي ڄڻ ته هٿ وٺي تباھ ڪيو ويو آھي.
ان تباهيء جا سبب سواء ڪرپشن کان ٻيو ڪجھ به ناهي.ساسو جهڙي شعبي کان ويندي تحقيقات ۽ مڪينيڪل جهڙا شعبا سنڌ جي زراعت جو هن وقت تائين حصو رهيا آھن پر پوء به پرڏيهي فنڊيڊ پروگرامن کان ويندي وفاقي حڪومت جي سهڪار سميت سموري سنڌ جي زراعت کاتي کي اربين روپين جي بجيٽ آھي پر پوءبه زراعت جهڙو کاتو يا شعبو بجاء سڌرڻ جي وڃي پيو تباھ ٿيندو.تازو هڪ ننڍڙو مثال آھي ته نگران حڪومت جي هن ٿوري عرصي ۾ سنڌ ۾ آڪٽومبر کان ڊسمبر تائين ڪڻڪ جهڙي فصل جي پوکائيء جي سيزن آھي ، پر افسوس جو ان ههڙي اهم وقتتي اداري پاران غلط پاليسين سبب زرعي ڀاڻ جي کوٽ ۽ بليڪ مارڪيٽنگ پڻ عام ٿي پئي آھي، ۽ وقت سر زرعي ڀاڻ نه ملڻ ۽ مناسب اگھ کان مهانگو ملڻ سبب پوکائي جتي متاثر ٿيندي اتي غريب مسڪين عام هاريء ۽ ننڍي آبادگار جي خريداري کان اگھ مٿاهون هجڻ سبب اڳتي هلي ڪري ڪڻڪ جي پوکائي گهٽ ٿي سگهي ٿي.ان ڪري هن وقت سنڌ جي زراعت کاتي جي پاران ڀاڻ جي کوٽتي ڪنٽرول نه ڪريسگهڻ سان گڏوگڏ ڪڻڪ جي پوکائيء واري بج جو معياري نه هجڻ ۽ پوک مري وڃڻ جون به شڪايتون ميڊيا ۾ روز جو معمول پڻ آھن۔زراعت کاتي جي اعلي اختيارين بابت اهيبه خبرون روز جو معمول آھن ته نگران وزيراعلي سنڌ جي سخت اپائن کان پوء اجلاس مٿان اجلاس آھن پر نتيجو ان جي پڻ ابتڙ نذر اچي پيو۔!! وڏي افسوس سان ٿو چوڻو پوي ته سنڌ ۾ ڪڻڪ جي پوکائي جيئن شروع ٿي آھي ته زراعت کاتي جو ڊائريڪٽر جنرل زراعت ۽ توسيع کاتو ريٽائر ٿي ويو آھي پر گذريل 3 مهينن کان وٺي ههڙي وڏي اهم ڪڻڪ جي پوکائيء ۾ اهم پوسٽ ڊي جي ايگريڪلچر خالي پئي آھي!!نگران وڏي وزير باقر مقبول جي وڏين ڪوششن باوجود زراعت کاتي جون اعلي اختياريون خبر ناهي انٽرويوز به اميدوارن کان ڪري پوسٽ فوڪل پرسن زريعي هلائي رهيون آھن ۽ سنڌ ۾ زرعي ڀاڻ جي کوٽ،بليڪ مارڪيٽنگ کان ويندي ڪڻڪ جي پوکائيء واري ٻج جنهن جو 50 ڪلو جو ٿيلهو 7500 ۾ ملي ٿو پر ان جي مري وڃڻ مطلب پوکائي نه ٿيڻ جون شڪايتون عام آھن پر هتي اسان جون زراعت کاتي جون اعلي اختياريون خاموش تماشائيء وارو ڪردار ادا ڪندي ڪاٽن ڪمشنر کي فوڪل پرسن ڪري ڊي جي شپ ان کان هلرائي هي حال ڪڻڪ جي پوکائيء ڪري رهيون آھن۔!!
ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت پاران ورتل سخت اپاء به ڄڻ ته ڪنهن انتظامي سست رفتاريء جو يا انتظامي بدگمانيء جو شڪار ٿي پيا آھن۔لازمي آھي ته موجوده سيڪريٽري زراعت جي هوندي ۽ سموري سنڌ ۾ تقريبن 25 ايڊيشنل ڊائريجٽرز ۽ اهڙا ان جي اڌ جيترا ڊائريڪٽرز زراعت کان ويندي 8 سيڪشنن جي ڊائريڪٽر جنرلز ۽ مينيجنگ ڊائريڪٽر هوندي سنڌ ۾ زراعت جون پاليسيون تعطل جو شڪار ٿي سنڌ جي زرعي فصلن جي تباهيء ۽ گهٽ پوکائيء جو سبب ٿين ته ان سست رويي جو ٻيو ڪو سبب سامهون سمجھ ۾ڪونه ٿو اچي سواء ان جي يا ته موجوده سنڌ جي نگران وڏي وزير جي زرعي پاليسين کي ناڪم ڪجي يا ڪرپشن پڻ ڪن ڇوته سنڌ جي زراعت جو قلمدان به نگران وڏي وزير وٽ آھي. ان ڪري موجوده حڪومت کان مطالبو ٿو ڪجي ته مٿي ڪڻڪ جيپوکائيء ۾ دير جي زميوارن سميت زرعي ڀاڻ جي کوٽ بليڪ مارڪيٽنگ سميت غير معياري ڪڻڪ جي پوکائيء واري ٻج جي زميوارن جي تحيقات ڪرائي سندن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ اهو به ريڪارڊ تي هجڻ کپي ته ڪڻڪ جي پوکائي جي گهٽتائيء جا سڀاڻي زميوار به پڻ اهي ڪرپٽ عملدار پڻ هوندا جنهن ڪري سنڌ جي زراعت تباھ پئي ٿي۔
زراعت کاتي متعلق آيل خبرن موجب تازو آيل سيڪريٽري زراعت ڀاڻ ۽ ٻج جي کوٽ ۽ جي زميور طور ميرپورخاص ڊويزن جي زميوار عملدارن کي هٽائي معطلي جي سزا ڏئي کين سيڪريٽريٽ ۾حاضري جو پابند بنايو آھي جڏهن ته گذريل ڏيڍ ھفتي کان وٺي اهي پوسٽون خالي پيون آھن!!!کاتي جي هڪ زميوار عملدار ٻڌايو آھي ته جڏهن ته سکر جا زراعت کاتي جا عملدار ان سموري ڀاڻ کوٽ جا زميوار آھن پر زراعت کاتي جي اعلي اختيارين کي وري ميرپور خاص ٽارگيٽ ۾ رهيو ۔!!










