سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ سومرو فوڪل پرسن مقرر

سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ سومرو فوڪل پرسن مقرر

ٽيڪساس(پ ر) سمنڊ پار پاڪستانين واري وفاقي وزير ساجد طوري آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستانين کي سهولتون ڏيڻ لاءِ ڪاشف سومرو کي فوڪل پرسن مقرر ڪيو آهي. حڪومت مدو ختم ٿيڻ کان چند ڏينهن اڳ يعني 7 آگسٽ تي ان بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي. ڪاشف سومرو کي اهم ذميواري ملڻ تي سماجي اڳواڻ سجاد مهر سرهائي جو اظهار ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت هڪ عوام جي هڏ ڏوکي ۽ متحرڪ شخص کي مان ڏنو آهي. هن کيس مبارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته ڪاشف سومرو پاڪستاني ڪميونٽي جي خدمت ۾ پنهنجي ذميواري ڀرپور نموني نڀائيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو